پنجاب جي شهري لتاڙ کان پوءِ عمران سنڌين کي غلاميءَ مان نجات جو نعرو لڳائي پيپلز پارٽي جي ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ اڄ جلسو ڪري رهيو آهي... پنجاب جي هر شهر ۾ لکين ماڻهون گڏ ڪري جتي پي ٽي آئي نواز ليگ وارن جون ننڊون اڏايون آهن اتي پيپلز پارٽي کي هڪ اڻ ڄاتل خوف اڄوڪي جلسي مان به لڳي رهيو آهي... اهو ئي سبب آهي جو ٻن ڏينهن اڳ عمران خان خلاف سنڌ اسيمبلي لڄائتي قرارداد پڻ پاس ڪئي آهي... هاڻي جڏهن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي جوڙجڪ کان پوءِ پيپلز پارٽي خلاف سنڌ ۾ مخالفت ۾ ڪا به پارٽي فعال نه آهي اهڙو جلسو واقعي کين مجهائي سگهي ٿو... پر منهنجو ذاتي خيال آهي ته سنڌي ڀلي کڻي لاڙڪاڻي جي جلسي ۾ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پيپلز پارٽي کي وقتي ڊيڄارو پهچائين پر اليڪشن ۾ وري به ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چڳهه ئي نظر ايندا... خير توهان پي ٽي آئي طرفان جلسي کان اڳ نڪتل ريلين جون هيٺيون تصويرون ڏسي منهنجي ڳالهه سان اتفاق ڪندو يا توهان جي خيال ۾ واقعي تبديلي اچي چڪي آهي.. چوندو...
پي ٽي آئي طرفان لاڙڪاڻي ۾ رٿيل ان جلسي جي سلسلي ۾ دنيا نيوز طرفان پڻ هڪ وڊيو رپورٽ پيش ڪئي وئي... دوستن جي دلچسپي خاطر پيش ڪجي ٿي..
بيشڪ لاٽون ساڳيا هوندا پر پِڙ پي.ٽي.آءِ هوندي.. سياسي لوٽن جون چالبازيون ڏسون پيا انهن مان اها پڪ اٿم ته مهر برادري ۽ اسان جي تر مان پ.پ جو اڳوڻو ضلعي صدر ۽ سانگهڙ جا فنڪشنل ليگ جا اڳواڻ به عمران خان سان هٿ ملائي چڪا آهن . عنقريب ساڳيا لوٽا نئين باٿ روم ۾ داخل ٿيندا. پ.ٽي.آءِ ميرپورخاص ڊويزنل صدر جي بقول ته هُو عمران جي لاڙڪاڻي اچڻ کان پوءِ ئي پي.ٽي.آءِ ۾ ويندا. ۽ جيڪي وڏيرن (پ.پ.پ) جا خاص رُڪن هئا اهي به پيپلز پارٽي مان بيزار آهن..
ادا بيشڪ لاڙڪاڻي جي عمراني جلسي ۾ ماڻهو ضرور گڏ ٿيندا پر اهي گهڻي ڀاڱي رونشي تي گڏ ٿيڻ وارا هوندا جڏهن ته ووٽ وري به ساڳين ماڻهن کي ڏيندا. توڙي جو پي پي مان بيزار آهن پر ووٽ وري به انهن ساڳين ماڻهن کي ڏيندا آهن.
ڪجه به ٿي، ووٽ پي پي جو، اسان سنڌي اڃا تانين هش تي خوش آهيون. ووٽ وري به ڀٽو جو چاهي پي پي وارا اسان کي بک مارن يا ............. ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چڳهه
مشهور فلم جو مشهور ڊائلاگ ته “ڪتني آدمي ٿي”... هر دفعي وانگر هن دفعي به ميڊيا ۾ گردش ڪندو رهيو... پنجاب ۾ عمران جي جلسن کي نواز ليگ جهڙن لفظن سان ننديندي ۽ ٽوڪيندي هئي ... ان کي نظر ۾ رکندي پيپلز پارٽي جي بيانن جو انتظار هيو... ۽ جڏهن شرجيل جو اهو بيان آيو ته هي جلسو نه پر جلسي جي توهين هو... هي ته ڪارنر ميٽنگ هئي... ٻڌي رڳو ٻڌندڙ ئي نه پر نواز ليگي به آڱريون کڻي کليا هوندا... حاضر آهي... پيپلز پارٽي جي شرجيل ميمڻ جو موقف.. https://www.facebook.com/video.php?v=563920543739758 ۽ مٿئين اردو ڊائلاگ تحت سماء ٽي وي ڪهڙي رپورٽ پيش ڪئي...
زرداري ۽ شريف خاندان جا ماڻهون وڏن وڏن عهدن تي آهن.. ڇا اها جهموريت آهي...؟ ڇا جهموريت ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ٿي ته عمران خان پاڻ کان پوءِ پنهنجي پٽن کي پارٽي جو ليڊر بڻائي...؟ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ 6 ڀيرو حڪومت ٺاهي آ.. پر سنڌ جا حال ساڳيا جا ساڳيا ... جيڪڏهن انسانن کي حق نه ملن ته اهي غلام ٿي ويندا آهن.. ڇو ته غلامن کي حق ناهن ملندا.. ۽ هي چاهين ٿا ته توهان انهن جا غلام ئي بڻجي رهو.. ڇا هي پوليس کي ٺيڪ ڪري سگهن ٿا...؟ حاضر آهي عمران خان جي لاڙڪاڻي جي اڄ جي جلسي جي تقرير
ڀلو جلسو ٿيو .. عمران خان کي واڌايون ... عمران ڳالهيون به ڀليون ڪيون، واعدا به سٺا ڪيا. خاص ڪري سنڌ جي وحدانيت، ڪالاباغ تي واضح موقف ڏنائين. سنڌ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، جيڪا سنڌ جي روايتي پارٽين، پ پ پ ، ايم ڪيو ايم، فنڪشنل، ن ليگ، جماعت اسلامي يا ٻين جي وس جي ڳالهه ناهي ... سڀني کي پرکي چڪا آهيون. اهڙي جمود واري ڪيفيت هجي ته اتي عمران جون ڳالهيون تمام سٺيون لڳيون