پنجاب جي شهري لتاڙ کان پوءِ عمران سنڌين کي غلاميءَ مان نجات جو نعرو لڳائي پيپلز پارٽي جي ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ اڄ جلسو ڪري رهيو آهي... پنجاب جي هر شهر ۾ لکين ماڻهون گڏ ڪري جتي پي ٽي آئي نواز ليگ وارن جون ننڊون اڏايون آهن اتي پيپلز پارٽي کي هڪ اڻ ڄاتل خوف اڄوڪي جلسي مان به لڳي رهيو آهي... اهو ئي سبب آهي جو ٻن ڏينهن اڳ عمران خان خلاف سنڌ اسيمبلي لڄائتي قرارداد پڻ پاس ڪئي آهي...
هاڻي جڏهن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي جوڙجڪ کان پوءِ پيپلز پارٽي خلاف سنڌ ۾ مخالفت ۾ ڪا به پارٽي فعال نه آهي اهڙو جلسو واقعي کين مجهائي سگهي ٿو... پر منهنجو ذاتي خيال آهي ته سنڌي ڀلي کڻي لاڙڪاڻي جي جلسي ۾ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پيپلز پارٽي کي وقتي ڊيڄارو پهچائين پر اليڪشن ۾ وري به ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چڳهه ئي نظر ايندا...
خير توهان پي ٽي آئي طرفان جلسي کان اڳ نڪتل ريلين جون هيٺيون تصويرون ڏسي منهنجي ڳالهه سان اتفاق ڪندو يا توهان جي خيال ۾ واقعي تبديلي اچي چڪي آهي.. چوندو...