اڄوڪي ڏينهن 21 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
21 نومبر 1694ع مشھور فرينچ فلسفي ۽ شاعر والٽئر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 نومبر 1900ع هند ۽ سنڌ جو پهريون ڪارٽونسٽ ۽ مصور، عبدالسميع دهلوي ۾ هوٽسنگ آباد (اتر پرديش، ڀارت) ۾ پيدا ٿيو.
21 نومبر 1926ع ڀارتي اداڪار پريم ناٿ جو جنم ڏينھن آهي.
21 نومبر 1926ع شاعر قطب علي ”قلب“ ڳوٺ تلهار ٽنڊو باگو ۾ پيدا ٿيو.
21 نومبر 1945ع مشهور اديب، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، مترجم ۽ نقاد قاضي خادم پيدا ٿيو.
21 نومبر 1948ع مشھور نقاد ۽ اُستاد، پروفيسر نذير احمد سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 نومبر 1956ع ليکڪ، لطيف شناس، پبلشر ۽ شاعر استاد لغاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 نومبر 1965ع شاعر ۽ نثرنگار علي محمد ”درد“ سولنگي (قاضي پير محمد) جو جنم ڏينهن آهي.
21 نومبر 1982ع ھندوستاني اداڪارہ آرتي ڇاٻڙيا،جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
21 نومبر 1991ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ ليکڪ غلام محمد قريشي جي وفات ٿي.
21 نومبر 1996ع نوبل انعام يافتہ پاڪستاني سائنسدان عبد السلام جي وفات ٿي.
21 نومبر 2007ع بلوچستان جو سابق قومي اسمبليءَ جو رڪن، بلوچ قوم پرست ۽ بلوچ لبريشن آرمي جو سر ڪرده اڳواڻ، میر بالاچ خان مري، هڪ جهڙپ ۾ نوشڪي جي ويجهو قتل ڪيو ويو.
21 نومبر 2015ع مدبر سياستدان، شاعر ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم امين الزمان فهيم جو لاڏاڻو ٿيو.
واقعا:
1945ع – گوئٽي مالا، اقوام متحده جو رڪن ٿيو.
1979ع – اسلام آباد ۾ واقع آمريڪا جي سفارتخاني تي ھڪ جٿي پاران حملو ڪري باھ ڏني وئي، جنھن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا.
2002ع – نيٽو، بلغاريہ، اسٽونيا، ليٽويا، ليٿوانيا، رومانيا، سلوواڪيا ۽ سلووينيا کي رڪن ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني.
2017ع – رابرٽ موگابي زمبابوي جي صدارت تان استعفي ڏني، ھي 37 سالن تائين صدر رھيو.
حوالا:
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

آخري ترميم: