• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 20 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 20 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

20 نومبر 1886ع سنڌ جي نامياري جاگرافيدان ڊاڪٽر پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا جي پيدائش جو ڏينھن آھي.
20 نومبر 1903ع تاريخدان ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 نومبر 1911ع ناول نگار رام پنجواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 نومبر 1920ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 نومبر 1926ع سياستدان سيد ظفر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
20 نومبر 1941ع اردو جي ليکڪا ۽ ڊراما نويس حسينه معين جو جنم ڏينهن آهي.
20 نومبر 1941ع نامياري آبپاشي ماهر ۽ ليکڪ ادريس راجپوت جو جنم ڏينهن آهي.
20 نومبر 1951ع نامياري شاعر عبد الغفار تبسم جو جنم ڏينهن آهي.
20 نومبر 1958ع نامياري نثر نگار ۽ محقق ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
20 نومبر 1977ع شاعر نبي بخش ساحل جو جنم ڏينهن آهي.
20 نومبر 1977ع صحافي الهه بخش ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

20 نومبر 1928ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ سيٺ سوڀراج چيتو مل ديهانت ڪري ويو.
20 نومبر 1958ع ليکڪ خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي وفات ٿي.
20 نومبر 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد نورنگزادو جو انتقال ٿيو.
20 نومبر 1967ع شاعر امير بخش نظر سنڌي جي وفات ٿي.
20 نومبر 1984ع اردو جي مشهور ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض جو انتقال ٿيو.
20 نومبر 2009ع سياستدان، اڳوڻي وزير اعلى ۽ نگران وزيراعظم غلام مصطفى جتوئي جو انتقال ٿيو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top