اڄوڪو ڏينهن 20 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 20 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


20 نومبر 1886ع سنڌ جي نامياري جاگرافيدان ڊاڪٽر پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا جي پيدائش جو ڏينھن آھي.
20 نومبر 1903ع تاريخدان ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 نومبر 1906ع کپري جي علمي ادارن جو باني ۽ تعليمي اڳواڻ مولوي محمد حسن پھوڙ ڳوٺ جهنڊي مري تعلقي ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو.
20 نومبر 1910ع مشھور روسي ناول نگار ڪانٽ ليو ٽالسٽائي جو جنم ڏينھن آهي.
20 نومبر 1911ع هند سنڌ جي نامياري اديب، شاعر، راڳي، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس، پروفيسر رام پنجواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 نومبر 1916ع نامور اديب، صحافي ۽ شاعر احمد نديم قاسمي سرگودا ۾ جنم ورتو.
20 نومبر 1920ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 نومبر 1926ع سياستدان سيد ظفر علي شاھ جو جنم ڏينهن آهي.
20 نومبر 1941ع اردو جي ليکڪا ۽ ڊراما نويس حسينہ معين جو جنم ڏينهن آهي.
20 نومبر 1941ع نامياري آبپاشي ماهر ۽ ليکڪ ادريس راجپوت جو جنم ڏينهن آهي.
20 نومبر 1951ع نامياري شاعر عبد الغفار تبسم جو جنم ڏينهن آهي.
20 نومبر 1958ع نامياري نثر نگار ۽ محقق ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
20 نومبر 1977ع شاعر نبي بخش ساحل جو جنم ڏينهن آهي.
20 نومبر 1977ع صحافي الھہ بخش ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

20 نومبر 1928ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ سيٺ سوڀراج چيتو مل ديهانت ڪري ويو.
20 نومبر 1958ع ليکڪ ۽ تعليمدان خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي وفات ٿي.
20 نومبر 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد نورنگزادو جو انتقال ٿيو.
20 نومبر 1967ع شاعر امير بخش نظر سنڌي جي وفات ٿي.
20 نومبر 1980ع ليکڪا ۽ شاعره الماس سنڌوءَ جي وفات ٿي.
20 نومبر 1983ع نامياري اديب ۽ تعليمدان احمد خان سيال جي وفات ٿي.
20 نومبر 1984ع اردو جي مشهور ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض جو انتقال ٿيو.
20 نومبر 2001ع مشهور پاڳي/ پَيري محمد پريل سومرو جي وفات ٿي.
20 نومبر 2009ع سياستدان، اڳوڻي وزير اعلى ۽ نگران وزيراعظم غلام مصطفى جتوئي جو انتقال ٿيو.

واقعا:

1828ع – عربي زبان جي پھرين اخبار الوقائع مصريہ، قائره مان شايع ٿي.
1979ع – حج جي دوران 200 جي لڳ ڀڳ سني مسلمانن مسجد الحرام تي قبضو ڪري 6 ھزار حاجين کي يرغمال ڪري ورتو. سعودي حڪومت پاڪستان جي اسپيشل فورسز جي مدد سان قبضو خالي ڪرايو.
1985ع – مائڪروسافٽ ونڊوز 1.0 جاري ڪيو.
1989ع – ٻارن جو عالمي ڏينھن طور گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي قرارداد منظور ڪئي ٻارن جي حقن جي عالمي پڌرنامو جاري ڪيو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top