
سِرِجِيَسَ تَه سُورَ، سَامَائِيَسِ تَان سُک وِيَا
اِهَي ٻَيئِي پُورَ، نِمَاڻِيءَ نَصِيبُ ٿِيَا
سُرُ حُسَيني (سَسُئي)
سِرجيَسَ = ڄايم، پيدا ٿيس
سَامَاڻي = جوان ٿيس
بيت جو پس منظر
~ سسئي جڏهن پيدا ٿي هئي ته ان وقت ئي سورَ سندس ساٿي بڻيا.جڏهن جوان ٿي ته سُکن کانئس موڪلاڻي ڪئي.
~ باقي رهيل زندگي سورن ۽ دردن سان جهيڙيندي گذاريائين.
سمجهاڻي
ڀٽائيءَ کان گهڻو اڳ ڀٽ فقير، ڀان، مڱڻهار ۽ ٻيا مقامي ڳائڻا سسئي ۽ ٻين عشقيه داستانن کي ڳائي پنهنجو پيٽ گذرانڪندا هئا.ڇا ڀٽائي به رڳو قصي گو شاعر آهي...!!؟ڀٽائيءَ جي دور ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ اڄ کان سياسي گُهٽَ ۽ ٻُوسَٽَ الائي ڪيترا دفعا وڌيڪ هئي. تنهنڪري ڀٽائيءَ به سنڌ ڌرتيءَ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جا درد ۽ سور مشهور قصن ۽ ڪهاڻين ذريعي پنهنجي رسالي ۾ علامتي انداز ۾ بيانڪيا آهن.
هن بيت ۾ سسئيءَ جي ڄمڻ کان جواني ۽ پوءِ سڄي زندگي اهنجن، عذابن ۽ اذيتن کي فوڪس ڪري ڀٽائي دراصل هن ڌرتيءَ جي ئي مظلوم، محڪوم ماڻهن مٿان ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جي ڳالهه ڪئي آهي.
سون، ٽامي، گرينائيٽ، يورينم، ڪوئلو، تيل، گيس پنهنجو سمنڊ ۽ درياه هوندي اسان ننڌڻڪا، لاوارث ۽ يتيم ڇو آهيون...!! ؟
اچو ته ڀٽائيءَ جي هن بيت مان درس حاصل ڪيون. ڇا اسان صرف ان لاءِ ڄاوا هئاسين ته پيداواري ذريعن جا مالڪ ڪي ٻيا هوندا...!! ؟
اسان هَٿُ هَٿَ تي رکي خاموش رهنداسين ۽ رڳو خوابن جي دنيا ۾ پيا سير ڪنداسين ڇا...!!؟
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل