مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ عبدالقدير گهانگهرو جي ياد

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ايم ملوڪ درس طرفان آندل موضوعَ ‏22 نومبر 2014۔

  1. ايم ملوڪ درس

    ايم ملوڪ درس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم اوتڻ
    ماڳ:
    اڇڙو ٿر ويجهو کپرو شهر
    مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ عبدالقدير گهناگهرو جي ياد ۾

    اي زندگي الوداع _زندگي رب جي طرفان ڏنل هڪ انمول تحفو آهي زندگي خداجي طرف کان هڪ ڏات مليل آهي .زندگي جي هن عجيب سفر ۾ ڪئين نوجوان پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي ويٺا .سکر مهر ميڊيڪل ڪاليج جو نوجوان شاگرد پنهنجي زندگي جي جنگ وڃائي اهڙن عظيم ڪونڌرن ۽ ڌرتي جي سيني مان جنم وٺندڙ جو ان انسانن کي کي هن دور ۾ ڏٺو وڃي . ته اسان جا حڪمران ڏينهيون ڏينهن پنهنجي ضمير ۾ سوچ ۾ پوئتي ٿيندا پيا وڃن .اڄ ڪلهه پياري پاڪستان جي چونڊيل حڪمران ۽ سياست ۽ رياست ۾ حقيقي طريقي سان ڏٺو وڃي ،ته هڪ هونهار هوشيار ۽ ڌرتي جي سيني تي گل نسريو گرنار جو عبدالقدير گهانگهرو هاڻي ته هن دنيا ۾ نه رهيو ڇا سنڌ جي نوجوان جي قسمت ۾ بس اڀاڳ _نڀاڳ_مايوسي_نااميدي_نامرادي لکيل آهي .ڇا ميڊيڪل جي شاگرد عبدالقدير گهانگهري جي قسمت ۾ اهو ئي لکيل هو .سنڌ جي نوجوانن جن عبدالقدير گهانگهري جي حياتي بچائڻ لاءِ پنهنجي رب آڏو جيترو ٻاڏايو شايد ايترو ڪارونڀر جو ڪڪر به نه وسيو هوندو .اخباري ڪالمن ۽ سرخين ۽ روزانه هن اشو کي هاءِ ليٽ ڪرڻ جي باوجود اسان جي سنڌ جي حڪمرانن جي ڪن تان جون به نه سري گردن جي بيماري ۾ ورتل هي نوجوان جنهن جي والدين وٽ ايترو پئسو ئي نه هو جو لغت جگر کي بچائي سگهن .اهڙيون ڪيتريون ئي خبرون توهان کي رزو ميڊيا ۾ ملنديون مگر هن جو نوجوان عبدالقدير گهانگهري جو قصو ئي الڳ هو .هي نوجوان شاگرد غريب هوندي امير ترين نوجوان هو .ڇاڪاڻ هن سان _هزارين دوست ۽ سوا چار ڪروڙ سنڌ جي عوام گڏ هئي . هو ظاهري طور غريب هو پر عظيم دوستن جي دولت سان مالا مال ۽ نوازيل هو .اهڙا باهمٿ دوست ستارا هن جي زندگي کي بچائڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو هنن رات ڏينهن ننڊون حرام ڪري ننڊون ڦٽائي پنهنجي غريب ۽ امير پرور دوست لاءِ 85 لک روپيه ڪجه ڏينهن ۾ گڏ ڪري ورتا . جنن کي علاج خاطر پاڙيسري ملڪ ڀارت اماڻيو پيو ويو .زي شعور ماڻهو سمجهي ٿو ته هن مفلسي ۽ هٺ وٺان جي دور ۾ 85 لک چندي جي صورت ۾ گڏ ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ڪونهه هئي .دوستن در در وڃي نيڻن جا سپنا اڀارايا. هن جي دوستن ڪاغذائي ڪاروائي پوري ڪري ڪرڻ لاءِ پهتا هئا .هن کي ٻن ڏينهن لاءِ ويزا ملڻي هئي .۽ شاگردن کي ڪيڏو نه اعتماد هو هن جي زندگي رب کان امان ۾ وٺنداسين .ڇا اسان جي حڪمران طبقي جي اکين تي ايڏيون پٽيون ٻڌل هيون جو ڪوڙ جا ڪاراڻ ڀرون مٿي چڙهيل هئا . هنگامي بنيادن تي ڪنهن انسانيت جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪو جتن نٿو ڪرائي سگهجي .اي وقت جا حڪمرانو عبدالقدير گهانگهري جي زندگي جو ڏيئو اجهامڻ ۾ غفلت ڪرڻ تي اسان جو جي جهري پيو .مگر ان جي جي جهرڻ جي ڪيس جي ايف آءِ آر 302 جي قلم سان وقت جي حڪمرانن تي داخل ٿيڻ کپي.هنن حڪمرانن جي رحم ۽ ڪرم تي جيئندڙ ۽ آسرا رکندڙ هن سنڌ جي ڌرتي جا اڀاڳ جو ٺيڪو کڻڻدڙ نوجوانو هاڻي پاڻ کي همت _حڪمت _عقلمندي_ڏاهپ جي دانشمندي ڏانهن وک وڌائڻي پوندي .


    زندگي جون راهون ڏسي روئي پياسين

    خدا کان نوجوان لاءِ دعا گهرندي روئي پياسين

    هن جي زندگي جي تلاش کڻي

    پياري دوست جو جدايون ڏسي

    روئي پياسين روئي پياسين روئي پياسين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو