اغوا.............

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالعزيز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏25 نومبر 2014۔

  1. عبدالعزيز سمون

    عبدالعزيز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    348
    ورتل پسنديدگيون:
    613
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    اسان جي سنڌ کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي جو هاڻ اتي ڌرتي ڌڻي به محفوظ ناهن ، ڪجه عرصي کان وٺي اهو هر روز بڌڻ لاءُ ملي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن ويچاري هندو جي نياڻي اغوا ڪري ان کي زوري مسلم ڪيو ويو آهي ، اسان جو مذهب هڪ مڪمل دين آهي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسلام هميشه اسان کي محبت ، ڀائيچاري ۽ انسانيت جو درس ڏنو آهي ، پر ڪجه نفس جا پوڄاري جن جي دين ۾ ڪا جاءُ ئي ناهي اهي اسلام جو نالو وٺي ويچاريون نياڻيو اغوا ڪري انهن سان ريپ ڪن ٿا ، اهڙن ماڻهن کي ته ڪلمون پڙهڻ به ڪونه ٿو اچي ۽ اهي هندن کي ويٺا مسلمان ڪن.
    ڪيڏي نه ڏک جي ڳاله آهي ته اسان جنهن ڌرتي کي آدم جي وجود جي ڌرتي سمجهون ٿا ، جنهن ڌرتي تي شاه جو وجود ٿيو ، ان ڌرتي تي اهڙا به ڪم ٿين ٿا . ڇا مذهب صرف ان لاءُ هوندو آ ته اوهان پنهنجي نفس جي باه وسائي سگهو؟
    نه هر گز نه...... اگر ٻي ڪنهن ملڪ ۾ ڪنهن مسلم سان ڪا زيادتي ٿئي ته ملا اصل باه ٻاري ٿا ڏين پر هتي جڏهن ڪنهن انسان جي غزت لٽي وڃي ٿي ان کي جيئرو ساڙيو وڃي ٿو ته اتي اسين خاموش ڇو؟
    اگر اسان هتي غير مسلم سان زيادتي ڪنداسين ته ڇا غير مسلم ملڪ مسلمان کي ڇڏيندا؟
    هڪ ڳاله ياد رکڻ گهرجي ته اسانت تيسيتائين سٺا مسلمان نه ٿا ٿي سگهون جيسيتائين هڪ سٺا انسان نه ٿا ٿيون . اڄ جي دور ۾ ته احساس رکڻ ۾ جانور انسان کان بهتر ٿا ڏسڻ ۾ اچن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي ڳالهه به درست آهي .... پر ڇا اهو سڀ صرف هندن سان پيو ٿئي ؟؟؟ منهنجا ڀاء اسان وٽ امن امان ۽ دهشتگردي سبب ڪوبه محفوظ ناهي، صرف مذهبي بنيادن جي ڳالهه ناهي پر دهشتگردن ۽ ڏوهارين جو ڪو مذهب ناهي... سنڌ سيڪيولر ۽ صوفين جي ڌرتي رهي آهي، جتي مندر ۽ مسجد، مسجد ۽ ڪليسا، مسجد ۽ گردوارا سڀ گڏ هوندا هيا .... پر جڏهن مذهب سياسي مقصدن ۽ ڪاروبارن لاء استعمال ٿيندا آهن ته پوء نقصان ٿيندو آهي .... انسانيت جو نقصان.

    ۽ بد قسمتي سان سان ان صورتحال مان پيا گذرون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو