عبدالعزيز سمون
سينيئر رڪن
اسان جي سنڌ کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي جو هاڻ اتي ڌرتي ڌڻي به محفوظ ناهن ، ڪجه عرصي کان وٺي اهو هر روز بڌڻ لاءُ ملي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن ويچاري هندو جي نياڻي اغوا ڪري ان کي زوري مسلم ڪيو ويو آهي ، اسان جو مذهب هڪ مڪمل دين آهي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسلام هميشه اسان کي محبت ، ڀائيچاري ۽ انسانيت جو درس ڏنو آهي ، پر ڪجه نفس جا پوڄاري جن جي دين ۾ ڪا جاءُ ئي ناهي اهي اسلام جو نالو وٺي ويچاريون نياڻيو اغوا ڪري انهن سان ريپ ڪن ٿا ، اهڙن ماڻهن کي ته ڪلمون پڙهڻ به ڪونه ٿو اچي ۽ اهي هندن کي ويٺا مسلمان ڪن.
ڪيڏي نه ڏک جي ڳاله آهي ته اسان جنهن ڌرتي کي آدم جي وجود جي ڌرتي سمجهون ٿا ، جنهن ڌرتي تي شاه جو وجود ٿيو ، ان ڌرتي تي اهڙا به ڪم ٿين ٿا . ڇا مذهب صرف ان لاءُ هوندو آ ته اوهان پنهنجي نفس جي باه وسائي سگهو؟
نه هر گز نه...... اگر ٻي ڪنهن ملڪ ۾ ڪنهن مسلم سان ڪا زيادتي ٿئي ته ملا اصل باه ٻاري ٿا ڏين پر هتي جڏهن ڪنهن انسان جي غزت لٽي وڃي ٿي ان کي جيئرو ساڙيو وڃي ٿو ته اتي اسين خاموش ڇو؟
اگر اسان هتي غير مسلم سان زيادتي ڪنداسين ته ڇا غير مسلم ملڪ مسلمان کي ڇڏيندا؟
هڪ ڳاله ياد رکڻ گهرجي ته اسانت تيسيتائين سٺا مسلمان نه ٿا ٿي سگهون جيسيتائين هڪ سٺا انسان نه ٿا ٿيون . اڄ جي دور ۾ ته احساس رکڻ ۾ جانور انسان کان بهتر ٿا ڏسڻ ۾ اچن.