جڏهن تون کِلين ٿي : اقبال هاليپوٽو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    جڏهن تون کِلين ٿي

    اقبال هاليپوٽو

    ڪنهن به شعر کي ٻي ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ اوترو ئي ڏکيو عمل آهي جيترو هڪ معياري شعر تخليق ڪرڻ. تخليقي ذهن کان سواءِ ترجمو ڪرڻ نه رڳو ڏکيو پر ناممڪن پڻ آهي. ۽ وري ڪنهن جينيس شاعر کي ترجمو ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي سگهاري تخليقي فن جي ضرورت آهي جنهن جي معيار تي پورو لهڻ هر تخليقار جي وس جي ڳالهه به ناهي. اسان وٽ به عجيب روايتون رهيون آهن. جڏهن به ڪنهن شيءِ جي شروعات ٿيندي آهي ته اها وبا جيئن پکڙندي آهي. ايئن ئي ڪجهه وقت پهرين جڏهن ٻي ٻولين جي ادب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته اتي به اهو عمل وبا جيئن پکڙندي نظر آيو. رڳو رجنيش اوشو کي ڏسجي ته ان جي ليڪچرن کي جڏهن سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو ته هڪ اڌ ترجمي کي ڇڏي باقي اوشو جي ڪتابن جا سڀ ترجما ڪوڪ شاستر جو ڪو باب لڳي رهيا هئا.
    ڪجهه وقت پهرين نوجوان ليکڪ اختر حفيظ عربي شاعري جي جينيس شاعر نزارقاباني جو ترجمو ڪري ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو، ۽ پو اهو ڪتاب جڏهن اسان تائين پهتو ته مون کي سڀ کان وڏو ڊپ اهو هو ته هن نوجوان به نزار قاباني جي شاعري سان الاهي ته ڪهڙو حشر ڪيو هوندو. پو جڏهن اهو ڪتاب مون پڙهيو ته ان ۾ نه رڳو نزارقاباني جي خوبصروت شاعري جو احساسن کي ڇهندڙ ترجمو پر ان ۾ هن جو شاعراڻو روح به موجود هو.

    منهنجي محبوبا!
    مون کان پڇيو
    مون ۾ ۽ آسمان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    جڏهن تون کلين ٿي ته
    مون کان آسمان وسري ويندو آهي.

    نزاز قاباني نه رڳو رومانس ۽ مزاحمت جو بادشاهه شاعر آهي پر هن وٽ رومانس ۽ مزاحمت سان گڏ جيڪا گهرائي ۽ جدت موجود آهي ان کي ٻي ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ ڪيترو ڏکيو هوندو اهو ڪنهن کان لڪيل ناهي. پر هتي اختر حفيظ هن جي شاعري کي ڪاميابي سان ترجمو ڪري جيڪو پنهنجي تخليقي ذهن جو ثبوت ڏنو آهي اهو به ڪمال جو آهي. هن جا ترجمو ڪيل نظم جڏهن پڙهجن ٿا ته هو ڪٿي به اهو محسوس ڪون ٿو ڪرائي ته هن اهي نظم ڪنهن ٻي ٻولي مان ترجمو ڪيا آهن، پر ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ ته اهي لکيا ئي سنڌي ۾ ويا هجن. اهو ئي هڪ ترجمي نگار جي فني مهارت جي ڪاميابي جو اهڃاڻ ۽ سندس ڪيل محنت جو بهترين ڦل آهي.

    مون دنيا جي ٻارن کي
    تنهنجي نالي جي هِجي ڪرڻ سيکاري
    ۽ انهن جا چپ چيري جي
    وڻن ۾ تبديل ٿي ويا
    مون هوا کي چيو ته هو تنهنجي
    گهاٽن ۽ ڪارن وارن ۾ ڦڻي ڏئي
    هوا معذرت ڪئي ۽ چيو ته
    وقت ٿورو آهي ۽
    وار تمام ڊگها آهن.

    نزارقاباني شين کي جڏهن علامتي طور کڻي انهن کي پنهنجي شاعراڻي وجدان سان پيش ڪري ٿو ته هن جا خيال پڙهندڙن جي دلين تي حڪمراني ڪرڻ لڳن ٿا. هن جي شعر جو اثر نه رڳو پڙهڻ تائين پر ان کان پو به پڙهندڙن کي پنهنجي اثر هيٺ رکي ٿو. اهي نظم جڏهن حفيظ اختر اسان کي سنڌي ۾ پڙهائي ٿو تڏهن اسان به انهن مان اهو ساڳيون حض حاصل ڪري سگهون ٿا جيڪو هڪ عربي شاعري پڙهندڙ کي نصيب ٿي سگهي ٿو. هي ڪتاب ترجمو ڪرڻ وقت اختر حفيظ نه رڳو سنڌي ٻولي جي غير روايتي حسن کي برقرار رکيو آهي پر گڏوگڏ شاعري جهڙي مشڪل صنف ۾ استعمال ڪيل علامتن ۽ استعارن کي جيڪي به عربي ٻولي جهڙي وسيع ٻولي ۾ هجن انهن کي به اهڙي ته خوبصورتي سان ترجمو ڪيو آهي جن کي پڙهندي پڙهندڙ پاڻ کي شام جي گهٽين ۾ گهمندو محسوس ڪري ٿو. ۽ سندس ذهن ۾ نزارقاباني جي شاعري جون شفيق ڪيفيتون شرميلين ڇوڪرين جيان ماڻا ڪندي نظر ٿيون اچن.

    جڏهن تو سان محبت ڪريان ٿو.
    ته ايران جو بادشاهه
    منهنجي پوئلڳن مان هڪ ٿي ويندو آهي
    چين کي پنهنجي حڪمن
    جي تابع ڪري وٺندو آهيان
    سمنڊن کي انهن جي معمول
    وارن علائقن کان هٽائي ڇڏيندو آهيان
    ۽ جي چاهيان ته
    وقت جي ٻانهن کي به قابو ڪري سگهان ٿو.

    نزارقاباني وٽ مزاحمت جو به هڪ پنهنجو الڳ رنگ آهي. دنيا جي هر عظيم شاعر جيان هن به پنهنجي آرٽ وسيلي نه رڳو دقيانوسي قوت خلاف محاذ جي لاءِ پنهنجي شاعري کان ڪم ورتو آهي پر هن پنهنجي نسل ۾ روح ڦوڪڻ سان گڏ انهن کي نئين انداز سان تخيلق ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. مظلوم ۽ ظالم جي جنگ جيڪا تقريبن هن زمين تي موجود هر خطي تي پنهنجا وحشي اثرات ڇڏيندي رهي آهي، اتي ئي هر ملڪ جي مٽي جي خوشبو پنهنجي خمير مان هڪ باغي نسل تخليق ڪري پنهنجي فطري حقن جي حاصلات لاءِ جنگ جو اعلان ڪندي رهي آهي. ڏٺو وڃي ته انهي جنگ ۾ سڀ کان سگهارو محاذ هميشه آرٽ جو ئي رهيو آهي. ڀٽائي کان وٺي رسول حمزاطوف ۽ اياز کان وٺي نزارقاباني تائين سڀني وطن پرست تخليقارن پنهنجو فرض سمجهي آرٽ جي ان عظيم مقصد سان نڀايو آهي

    اسان ڪاوڙ سان ڀريل نسل ٿا چاهيون
    جيڪو آسمان کيڙي
    تاريخ کي اڏائي رکي
    جيڪو اسان جي سوچن کي اڏائي رکي
    اسان کي نئون نسل گهرجي
    جيڪو اسان جي خطائن کي معاف نه ڪري
    جيڪو جهڪي نه سگهي
    اسان کي ديوَقامت نسل کپي.

    محبت جو هي شاعر صرف مجازي عشق جي سحر ۾ لڙهي نٿو وڃي پر سندس شاعري ۾ پنهنجي مٽي سان ڪيل ڪمينٽميٽ کي به پرکي سگهجي ٿو. هونءَ به ڏٺو وڃي ته ڪو به شاعر ان وقت تائين پنهنجي آرٽ کي بقا نٿو بخشي سگهي جيستائين ان جا پير پنهنجي ڌرتي تي کتل ناهن. ۽ نزار قابي جو روح به پنهنجي مٽي جي عشق ۾ ڳوهيل آهي.

    منهنجا ڏکايل وطن
    هڪ ئي لمحي سان
    تو مونکي تبديل ڪري ڇڏيو آهي
    هڪ اهڙي شاعر مان جيڪو
    محبت جا گيت لکندو هو ۽
    هاڻ اهو خنجر سان ٿو لکي.

    اختر حفيظ جو هي ڪتاب ”جڏهن تون کلين ٿي“ انهن سڀني کي ضرور پڙهڻ کپي جيڪي هن وقت تائين سنڌ جي نوجوان ليکڪن کي پنهنجي تنقيد جي زد ۾ رکندي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اڄ جي دور جا نوجوان تخليقي آرٽ کان وانجهيل آهن، جيڪي رڳو لٻاڙي ۽ لفاظي ادب کان سوا ٻيو ڪجهه به تخليق نٿا ڪري سگهن. اخترحفيظ نه رڳو سنڌي ادب ۽ نئين نسل کي هڪ بهترين ڪتاب ڏنو آهي پر ان سان گڏ پنهنجي دور تي لڳندڙ الزامن جو به دفاع ڀرپور انداز سان ڪيو آهي. ان لاءِ هو جس لهي.

    _____
    ڪتاب سنڌ سلامت جي هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري پڙهي سگهو ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو