سعيد سنڌي
سينيئر رڪن
پنجابي صوبي سنڌ کي ڪيئن پيا وڪوڙيندا وڃن
سنڌ سرڪار سان تعلق رکندڙ گهڻو ڪري سمورن وڏن عهدن تي هن وقت پنجابي قبضو ڪري ويا آهن. هڪڙي پنجابيءَ جا ڪٿي پير ٿا کپن ته هو وري ڏهن ٻين پنجابين کي آڻي ٿو سنڌ ۾ ٽنبي. پاڪستان ۽ مسلم ليگ جي نالي ۾ هو وزيرن صاحبن تي جادو ڪيون ويٺا آهن. جيڏانهن ٿو کڻي ڪو وزير منهن ڪري ته سامهون پنجابي بيٺو اٿس. هيٺان پئي ڪم ڪڍڻ ته ڪو پنجابين کان سکي. وزيرن کي ته وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهيون ويٺا آهن. سندن مطلب آهي ته هن وقت وزيرن جو وسيلو وٺي هو سنڌ جي سياست ۽ انتظام ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪن. اڳتي هلي خدا گهريو ته هو انهن ساڳين وزيرن جو به ڪم لاهيندا، مگر في الحال ته هو هيٺاهين وٺي پنهنجا مقصد پيا حاصل ڪن.
پير علي محمد راشدي