ڪافي

'سنڌي ادب' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2010۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ڪافي


    ڪافي سنڌي شاعريءَ جي هڪ اهم صنف آهي. جنهن جو مکيه موضوع مجازي عشق جو درد ۽ فراق آهي. ڪافي جي گفتگو گهڻو ڪري عورت جي زباني ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ گهڻو ڪري وڇوڙي جا ورلاپ هوندا آهن...

    ڪافي جڏهن پنهنجي ارتقا جون منزلون طئه ڪيون ته ان ۾ حُسن ۽ عشق کان علاوه ٻيا به ڪيترائي موضوع شامل ٿي ويا. جهڙوڪ تصوف ۾ قوميت وغيره.
    ڪافي جي صنف بابت، ماهرن جا مختلف رايا آهن. ڪي ان کي ڪافي ٿا چون ڪي ته وري ”قافي“.

    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان کي قافي چيو آهي.

    ڪي ماهر ڪافي جي نسبت راڳ سان ٿا ڏيکارين ۽ ڪي وري شاعريءَ سان. ڊاڪٽر بلوچ جي خيال مطابق سندس نسبت شاعريءَ سان آهي. پاڻ لکي ٿو: ”عربن جي حڪومت واري دؤر ۾ يا ان کان پوءِ سنڌ جي شاعرن پنهنجن ڪن مخصوص نظمن لاءِ قافي ۽ ڪلام جا نالا استعمال ڪيا. جي عربي شاعريءَ جي قافيته ۽ ڪلمته جي ترجماني هئا. جن جي معنى آهي: ”منظوم ڪلام، شعر يا قصيدو“.

    ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ پنهنجي جاءِ تي پر اڪثر ماهرن ڪافي جي نسبت راڳ سان بيان ڪئي آهي ۽ چون ٿي ته ڪافي امير خسرو جي ايجاد ٿي آهي. هن سلسلي ۾ منظور نقوي لکي ٿو ” هي راڪ (ڪافي) ”هر پريا ميل“ ٺاٺ مان امير خسرو جي ايجاد ٿيل آهي، هن جي ڳائڻ جو وقت اڌ رات ۽ ٽاڪ منجهند مقرر ڪيو ويو ۽ راڳواري موجب اَروهي ۽ امروهي جي سڀني سُرن لڳڻ سبب انهي کي ڪافي ڪوٺيائين.

    ڪافي سنڌ ۾ ايترو ته مشهور ٿي جو ان سنڌ کان ٻاهر به سفر ڪيو ۽ پنجاب ۾ به ڳائجڻ لڳ. برهانپور ۾ جيڪي سنڌي لڏي ويا هئا. انهن هڪ بزرگ شيخ لاڏجيو نالي هو. جيڪو اتي سنڌ جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ سنڌي ڪافيون ڳائي ٻُڌائيندو هو.

    ڪافي جي هيئت

    ڪافي جي فني سٽاءُ بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو: ” هيئت جي لحاظ کان ڪافين جا ڪيترائي قسم آهن. انهن هيئتن جا مختلف نالا به آهن. جيئن يڪيون، ڏيڍيون، ٻه تڪيون، ٽه تڪيون ۽ چؤتاريون. ڪافي جو وزن ڪٿي عروض ۽ ڪٿي موسيقي ۽ عروض تي ٻڌل آهي.“

    سنڌي ڪافي جي شروعات بابت ڪنِ عالمن جو خيال آهي ته سومرن ۽ سمن جي دؤر ۾ اسماعيلن جي چيل گانن کي ڪافي جو اوائلي نمونو سمجهيو وڃي. پر فني توڙي موضوعي لحاظ کان جيڪڏهن حضرت سچل سرمت کي ڪافي جو موجد سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

    هيٺ ڪجهه ناميارن شاعرن جي ڪافين جا نمونا ڏجن ٿا.

    1۔ مون کي هوتن هاڻي، ڪوئي پنهنجو ڪيو،
    جت گهڻا ٻيا جڳ ۾، منهنجو هوت آرياڻي،
    ڪنديس ڪونه ٻيو

    2۔ لکين پڇن پرينءَ کي، آئون تان ڪير نماڻي،
    سندن نينهن نيو

    3۔ پرين ڪيو پنهنجو، سچو سنڱ سُڃاڻي،
    وچئون وره ويو.

    (سچل سرمست)

    1۔ خوني خماري چشمان چٽن ٿيون،
    ڏسڻ ساڻ عاشق به ڪيئي ڪُهن ٿيون.

    2۔ اهي نازڪ پرورديون نازڪ نماڻيون،
    عاشق ڪُهڻ لاءِ شايد سماڻيون،
    تکا تير مزگن جا بيشڪ هڻن ٿيون.

    3۔ اهي ڪرين سودو، سدائين ٿيون سِر جو،
    ڏسي طالبو تؤ، ڪڏهن ڪين مڙجو،
    ”بيڪس“ ساڻ بازار ۾ امالڪ اڙن ٿيون.

    (بيڪس)

    ڇڏي ڏي ملڪ دنيا کي ـ ويهي ٻُڌ عشق جون ڳالهيون

    1۔ فائدو ڪهڙو عشق منجهه آهي ـ چاڙهيائين منصور کي ڦاهي
    شمس سڄي کل ڏني لاهي ـ عجب ڏس عشق جو چاليون.

    2۔ سرمند ڦاهي مٿئون کلندو ـ صوفي جو سِر نيزي بلندو
    بره جو بار سچ جهلندو ـ وڃن ٿا قول کي پاليون.

    3۔ انهيءَ ميدان تي هلجي ـ جتي ماڻهو جو ماس پيو کائجي
    ”رکيل“ اهو حال سلجي ـ وهائج سور ڏسو ڀاليون

    (رکيل شاهه)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪافي

    ادا زاهد، فقير سائين، رب اوهانکي هميشه رحمتن جي ڇانوَ هيٺ رکي ۔۔۔ ڪافي يا قافي تي ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني ۔۔۔ پر يار جڏهن استاد جمن يا استاد منظور يا محترمه عابده يا محمد يوسف، لطيف سڳوري جون وايون يا ڪافيون ڳائيندا آهن ته بس روح کي راحت، دل کي سڪون ۽ دماغ ڪنهن اڻ ڏٺل منزل تي وڃي رسندو آهي ۔۔۔
    ياري تا ياري ڪوهيارل سان۔۔ ۔۔۔ هن وقت به استاد جمن جو آواز دماغ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڦري پيو۔
    دعائن ۾ نه وسارجو فقير سائين۔
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ڪافي

    قبلا سائين دعائن جي در تي اوهان ويٺا آهيو۔۔۔۔ بس ڪا ٻاجهه جي نظر هن فقير تي ڪندا رهندا۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو