ابن بطوطا 14 صدي عيسوي ۾ سنڌ ۾

'سنڌي ادب' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مختيار احمد ملاح

    جڳ مشهور سياح ابن بطوطا 14 صدي عيسوي ۾ سنڌ ۾ اُهو سنڌ ۾ سومرن جو دور هو، جڏهن ته هندستان ۾ تغلق گهراڻي جي حڪومت قائم هئي ۽ سنڌ جي مٿين حصي ۾ سندن حڪومتي اثرهو، ملتان سنڌ جي گادي جو هنڌ هو ، هي اهو زمانو هو، جنهن ۾ هندستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن مان مبلغ، سياح عالم، اديب سنڌ ڏانهن سفر ڪرڻ لڳا هئا. قلندر لعل، شهباز، علي ڪوفي، اسماعيلي مبلغ، ابن بطوطا ۽ ٻيا ڪيترائي عالم، سياح، مبلغ مختلف مقصدن لاءِ سنڌ ۾ آيا. هي اهو دور به هو، جنهن ۾ سنڌ ڏي وچ ايشيا مان حملا آور به ايندا رهيا ۽ سنڌ سينٽرل ايشيا جي ملڪن کي ويجهو ٿي. جڏهن ته سنڌ جي مقامي حڪمرانن سومرن جو مرڪز لاڙ سنڌ ۽ ريگستاني علائقا هئا.

    سنڌ جي ثقافت، تهذيب، لسانيات ۽ ادبي دنيا هڪ نئين تبديلي مان گذري رهي هئي، ان دور جي سنڌ کي ڏسڻ لاءِ ابن بطوطا هتي آيو هو.”ابن بطوطا جو پورو نالو ابو عبدالله محمد بن عبدالله الطواتي الطنجيٰ بن بطوطيٰ هو. سندس جنم 25 فيبروري 1304ع ۾ مراڪش جي شهر طنجيٰ ۾ ٿيو. (1) هو هڪ ئي وقت اسلامي اسڪالر، قانوندان، جاگرافيدان ۽ اديب هو، پر سياحن جي دنيا ۾ گهڻو مشهور ٿيو. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هو 21 سالن جي عمر ۾ 1325 ۾ طنجه کي الوداع ڪري سفر تي روانو ٿيو. آفريڪا جي مسلم ملڪن مان ٿيندو گلف ملڪن ۾ آيو. 1326ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪيائين. اتان پوءِ مصر، شام، ننڍو کنڊ، ڪرامبا، اسڪندريه، بالڪن، وچ ايشيا، افغانستان مان ٿيندو سنڌ آيو ۽ پوءِ هندستان هليو ويو“ (2) سياحت دوران اسڪندريه جي هڪ عالم ”برهان الدين“ کيس سنڌ ۽ هندستان جي ڪن عالمن بابت ٻڌايو هو ۽ کيس صلاح ڏني هئي ته پاڻ جڏهن هندستان وڃي ته انهن سان ملي، 1333ع ۾ ابن بطوطا افغانستان کان هندو ڪش جبل رستي سنڌونديءَ پهتو ۽ اتان هندستان هليو ويو. ابن بطوطا جيئن ته سنڌ مان گذري پوءِ هندستان ويو هو، ان ڪري هن سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن جو سير ڪيو.

    ”هندستان جي شهنشاھ محمد بن تغلق کيس حنفي مسلڪ جو قاضي مقرر ڪيو، جڏهن ته هو خود مالڪي مسلڪ جو هو، هندستان سندس وضيفا جاري ڪيا ۽ کيس جاگيرون عطا ڪيون، 1342ع ۾ محمد بن تغلق کيس پنهنجي هڪ سفارتڪار سان گڏ لنڪا، مالابار، بنگال ۽ چين روانو ڪيو.“ ابن بطوطا تمام گهڻن ملڪن جو سير ڪيو. هن پنهنجي سير و سياحت جي مشاهدن جو احوال ” تحفته النظار في غرائب الامصار و عجائب الاسفار“ ۾ ڏنو آهي جيڪو سفرنامو ابن بطوطا جي نالي سان مشهور آهي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيائين.

    ابن بطوطا جو سفر نامو سنڌ جي تاريخي ماخذن جي لحاظ کان انتهائي اهم آهي. هن ڪتاب ۾ هن سنڌ ۽ هندستان جي جاگرافيائي تمندني، تهذيبي، مذهبي معاشرتي حالتن کانسواءِ، هن خطي جي قومن، جماعتن حيوانات، نباتات جي متعلق ايترو ته وضاحت ۽ تفصيل سان لکيو آهي جو ان جي مدد سان ان زماني جي برصغير جي مڪمل تاريخ مرتب ڪري سگهجي ٿي.

    ابن بطوطا جو سفرنامو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌي ۾ ابن بطوطا جو سفر نامو محمد ابراهيم عباسي ترجمو ڪيو هو. جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي.

    عرب دنيا جو هي نامور سياح 1354 ۾ مراڪش واپس ويو ۽ پنهنجي سفري آزمودن کي ڪتابي شڪل ڏيڻ لڳو. 69-1368ع ۾ هن مشهور سياح وفات ڪئي.“

    سي ايف بيڪنگهام لکي ٿو ته ”پهرين نظر ۾ ابن بطوطا جي سنڌ واري سفر جو احوال انهن مونجهارن کان آجو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنجي ڪري اهو معلوم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته هن اطوليا اڀرندي، ايران ۽ افغانستان ۾ ڪهڙي واٽ ورتي هئي. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته مون هڪڙو رڻ پٽ جيڪو ڊيگهه ۾ پندرهن راتين جي پنڌ جيترو هو، لتاڙڻ کانپوءِ سنڌوندي پار ڪئي. هو تنهن هنڌ جو نالو نٿو ٻڌائي، جتان سنڌو ندي پار ڪئي هئائين، پر رڻ پٽ جي حوالي ڪري، پڪ ٿئي ٿي ته هو خيبر لڪ کان ڪو نه آيو هو، پر شايد بولان لڪ کان آيو هو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪنهن هنڌ سنڌو ندي وٽ پهتو هو. هن درياءِ شاھ پهرين محرم 734هه/12 سيپٽمبر 1333ع تي ڪنهن ڄاتل سڃاتل پتڻ وٽان پار ڪيو ۽ ٻه ڏهاڙا پوءِ هڪڙي شهر ۾ داخل ٿيو، جنهن کي هيءَ جفاني سڏي ٿو. اتان هو، اڻ ڄاتل مدي کانپوءِ سيوهڻ ويو، جنهن کي هو سيوستان سڏي ٿو. هو اهو نٿو ٻڌائي ته جناني کان سيوهڻ پهچڻ ۾ ڪيترو وقت ورتوهئائين. نه وري اهو ئي ٻڌائي ٿو ته هو سيوهڻ ۾ ڪيترو وقت ترسيو، پر ٽڪڻ واري جاءِ مٽائڻ جيترو وقت ضرور هو، هوندو، جو هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته پهرين آنءُ هڪڙي مدرسي جي ڇت تي سمهندو هوس، پر ڦاسي ڏنل باغين جا بُهه ڀريل لاش جي صليبن تي لٽڪيل هئا. ڏسي ڏسي ايترو بيزار ٿي پيس جو وڃي ٻئي هنڌ رهيس. سيوهڻ کان پوءِ هُو لاهريءَ جي نئين گورنر سان گڏجي لاهري ويو. هن ان مسافريءَ ۾ پنج ڏينهن ورتا ۽ پنج ڏينهن لاهريءَ ۾ ترسيو، پوءِ بکر ويو، اتان اچ کان ٿيندو ملتان ويو، جيڪو تڏهن سنڌ پرڳڻي جي گادي هو.“ ابن بطوطا سنڌ جي حڪومت لاءِ لکي ٿو ته ”هتان جي ماڻهن جو گذران سنڌو درياھ تي آهي. هتان سلطان محمد شاھ تغلق جي حڪومت جي حد شروع ٿئي ٿي. ان وقت سنڌ جو امير سر تيز هو، جيڪو سيوستان شهر ۾ رهندو هو. سيوستان ۽ ملتان جي وچ ۾ ڏهن ڏينهن جو فاصلو هو. ٽپال کي بريد چيو وڃي ٿو. جيڪا گهوڙن، پيادل، ماڻهن رستي موڪلي وڃي ٿي. هتان جا اخبار نويس بادشاھ لاءِ جاسوسي ڪندا آهن.“

    بکر شهر لاءِ لکي ٿو ته ”بکر اتر سنڌ ۾ آهي ۽ سنڌو جي هڪ شاخ هن شهر وچان لنگهي ٿي، هن شهر ۾ هڪ خانقاھ آهي جا ڪشلو خان ٺهرائي هئي. جنهن ۾ مسافرن کي مفت عمدو کاڌو کارايو ويندو هو.“

    *جناني مان ٿي سگهي ٿو ته سندس مقصد ”جوڻاڻي“ هجي، جيڪو لارڪاڻي ضلعي جي ”تعلقي وارھ جو ڳوٺ آهي ۽ علم ۽ دانش جي ڪري مشهور آهي*

    لاهري بندر لاءِ لکي ٿو ته ”لاهري بندر سنڌ جو خوبصورت شهر سمنڊ جي ڪناري تي آهي ۽ هتي سنڌو درياھ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. هن شهر ۾ يمن ۽ فارس جا ڪيترائي واپاري رهن ٿا شهر به مالدار آهي. شهر جو محصول سٺ لک دينار آهي. مان اتان جي منتظم علاءَ الملڪ وٽ پنج ڏينهن رهيس، جنهن منهنجي گهڻي خاطرداري ڪئي ۽ مون کي سفر جو ثمر عطا ڪيو، ابن بطوطا سنڌ جي جانورن جو به ذڪر ڪيو آهي، قديم آثارن جو به ذڪرڪري ڪري ٿو، انهن جو ذڪر هن ريت ڪيو اٿس.

    ”هڪ ڏينهن امير علاوءُ الملڪ سان گڏ سير ڪندي شهر کان ستن ڪوهن جي مفاصلي تي هڪ ميدان پهتس، جنهن کي تارنا چون ٿا. اتي ماڻهن ۽ جانورن جون پٿر جون مورتيون، سڄيو توڙي ڀڳل ٽٽل پيون هيون، انهن کانسواءِ اناج جهڙوڪ، ڪڻڪ، چڻا ۽ مهري دال جا ڪڻا پٿاريل پيا هئا. شهر پناھ ۽ گهرن جي ڀتين جو سامان به موجود هو. کنڊرن مان گهڙيل هڪ گهر هو، جنهن جي وچ ۾ هڪ چبوترو هو، جيڪو هڪ ئي پٿر مان ٺهيل هو. ان تي هڪ ماڻهوءَ جو بت پيو هئو، جنهن منهن هڪ پاسي ڦريل ۽ ٻئي هٿ چيلهه جي پويان ٻڌل هئس. انهيءَ هنڌ بدبودار پاڻي بيٺل هو. اتي ڪيترين ڀتين تي سنڌي زبان/رسم الخط ۾ ڪي اکر لکيل هئا. امير الملڪ ٻڌايو ته هن ملڪ جي مؤرخن جو خيال آهي ته هي تباهه ٿيل شهر آهي ۽ چبوتري تي جيڪو بت هو“، اُهو بادشاھ جو هو. اهو سبب آهي جو اڄ به ان گهر کي راجا جو محل چوندا آهن ۽ ڀتين تي لکيل اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته بربادي تقريبن هڪ هزار سال اڳ ٿي گذري هوندي.

    هو سيوهڻ جي موسم لاءِ لکي ٿو ته

    ”سيوستان يا سيوهڻ هتان جو هڪ وڏو شهر آهي هتي ٻٻر کانسواءِ ڪو ٻيو وڻ نه آهي شهر جا ماڻهو جوئر جي ماني کائين ٿا، مڇي جام ٿئي ٿي، مينهن جو کير به جام آهي. هت گرمي ڏاڍي آهي. ماڻهو ڪپڙو پسائي گوڏ ٻڌندا آهن ۽ پوتڙو پسائي ڪلهي تي رکندا آهن.“ هن هتي هڪ سڱي گينڊي کي ڏٺو. ابن بطوطا خاص طور سنڌ جي تجارت ۽ سامونڊي جهازن جو به ذڪر ڪيو آهي. جيڪي ٻه ماڙ ۽ گهڻن ڪمرن وارا هئا، هتان جي ماڻهن جي کاڌي پيتي بابت به لکيو اٿس. کيس تمام اعليٰ قسم جو کاڌو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻڪريءَ جو ڀڳل گوشت، تريل اڦراٽا، قيمي ڀريل سموسا، گيهه وارا چانور ۽ ڪڪڙ جو گوشت شامل هئا.مٿان پيئڻ لاءِ سون، چانديءَ ۽ شيشي جي گلاسن ۾ مصري ۽ گلاب جو شربت پياريو ويو هو. ابن بطوطا جو سفرنامو سنڌ بابت ان دور جي هڪ تمام خوشحال ۽ سکئي ستابي ملڪ وارو نقشو چٿي ٿو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    ابن بطوطي جي باري ۾ تمام سٺي معلومات پيش ڪئي اٿو
     
  3. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مهرباني سائين
     
  4. Naqash Akhtar

    Naqash Akhtar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2014
    تحريرون:
    58
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ابن بطوطا سنڌ جي تاريخ جو نمايان باب آهي، تمام بهترين ء جامع معلومات فراهم ڪئي آهي جبار آزاد منگي صاحب !!!!
     
  5. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مه
    مهرباني سائين اوهان جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو