هاڻي ڪنهن کي به کاڌي جو ذائقو چکڻ لاءِ زبان استعمال نه ڪرڻي پوندي ڇو جو ٿائيلينڊ ۾ هڪ اهڙي بجلي واري مشين واري زبان ٺاهي وئي آهي جيڪا کاڌي جو ذائقو چکيندي ۽ ٻڌائيندي ته اهو مزيدار آهي يا وري بي سواد آهي. بجلي تي هلندڙ زبان اهو به ٻڌائيندي ته کاڌا روايتي ٿائيلينڊ وارا آهن يا نه، زبان چکي ٻڌائيندي ته کاڌي ۾ ڪيترو مزو آهي. اهڙي زبان ٺاهيندڙ ڪرٽ چونگسرڊ جو چوڻ آهي ته ان زبان جي مدد سان سڄي دنيا ۾ ٿائيلينڊ جي کاڌن جو معيار ۽ ذائقو برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. اهڙي زبان ۾ انساني نڪ وانگر سنگهڻ ۽ زبان وانگر چکڻ جي صلاحيت آهي. انهيءَ مشين جي قيمت 70 هزار ڊالر مقرر ڪئي ويئي آهي جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته جنهن کي کاڌن سان يا وري هوٽلن جي ڪاروبار سان پيار آهي ته ان کي اها مشين وٺڻي ته پوندي. اهڙي مشيني زبان ٿائيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم جي خواهش تي تيار ڪئي وئي.
وڃ ڀڻيا ، اسانوٽ ته اڃان تائين ڇيڻن جي باھ تي کاڌو تيار ٿيندو آهي ، جنهن ۾ سوا لوڻ مرچ جي ٻيا ڪي به مصالحه نه هوندا آهن ! ۽ هتي وري ستر هزار ڊالرن جي کاڌي چکڻ جي مشين ، اسانوٽ ته ٽي ويلا کائڻ لاءِ به وڏا جتن ٿا ڪرڻا پون ! بلڪه ٿر ۾ ته کاڌو کائڻ لاءِ اسانجا مسڪين ۽ اٻوجھ ماروئڙا پيا ٿا واجهائن