بجلي واري مشين کاڌي جو ذائقو چکيندي ۽ ٻڌائيندي

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    هاڻي ڪنهن کي به کاڌي جو ذائقو چکڻ لاءِ زبان استعمال نه ڪرڻي پوندي ڇو جو ٿائيلينڊ ۾ هڪ اهڙي بجلي واري مشين واري زبان ٺاهي وئي آهي جيڪا کاڌي جو ذائقو چکيندي ۽ ٻڌائيندي ته اهو مزيدار آهي يا وري بي سواد آهي. بجلي تي هلندڙ زبان اهو به ٻڌائيندي ته کاڌا روايتي ٿائيلينڊ وارا آهن يا نه، زبان چکي ٻڌائيندي ته کاڌي ۾ ڪيترو مزو آهي. اهڙي زبان ٺاهيندڙ ڪرٽ چونگسرڊ جو چوڻ آهي ته ان زبان جي مدد سان سڄي دنيا ۾ ٿائيلينڊ جي کاڌن جو معيار ۽ ذائقو برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. اهڙي زبان ۾ انساني نڪ وانگر سنگهڻ ۽ زبان وانگر چکڻ جي صلاحيت آهي. انهيءَ مشين جي قيمت 70 هزار ڊالر مقرر ڪئي ويئي آهي جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته جنهن کي کاڌن سان يا وري هوٽلن جي ڪاروبار سان پيار آهي ته ان کي اها مشين وٺڻي ته پوندي. اهڙي مشيني زبان ٿائيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم جي خواهش تي تيار ڪئي وئي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    انگريز ته تمام گهڻي ترقي ڪن ٿا پر هي مشن اسان وٽ ڪڏهن ٺهندي .
     
  3. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    جڏهن اسان پنهنجا قومي ذائقا وڃائي ويهنداسين يعني سنڌي پنهنجي وجود جي بقا لا پنهنجي زبان استعمال ڪن
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    وڃ ڀڻيا ، اسانوٽ ته اڃان تائين ڇيڻن جي باھ تي کاڌو تيار ٿيندو آهي ، جنهن ۾ سوا لوڻ مرچ جي ٻيا ڪي به مصالحه نه هوندا آهن ! ۽ هتي وري ستر هزار ڊالرن جي کاڌي چکڻ جي مشين ، اسانوٽ ته ٽي ويلا کائڻ لاءِ به وڏا جتن ٿا ڪرڻا پون ! بلڪه ٿر ۾ ته کاڌو کائڻ لاءِ اسانجا مسڪين ۽ اٻوجھ ماروئڙا پيا ٿا واجهائن
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    ادا لوهار صاحب ڳالهه ڀلي ڪئي اٿو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو