قاهرا (ع آ نيوز) مرد ٺوڙهه کي پنهنجي شخصيت لاءِ خراب سمجهندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٺوڙهه زال جي ناراضگيءَ جو ڪارڻ به بڻجندي آهي ۽ ڳالهه الڳ ٿيڻ تائين اچي پهچندي آهي. اهڙو ئي هڪ واقعو مصر ۾ پيش آيو، جتي هڪ عورت عدالت وسيلي مڙس کان رڳو ان ڳالهه تان طلاق ورتي ته هو ٺوڙهو ۽ ان جي جسم مان پگهرجي ڌپ اچي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب قاهرا جي هڪ فيملي عدالت تازو ئي ”جيلان“ نالي عورت جي پنهنجي مڙس ”آسرم“ خلاف طلاق جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ٻنهي کي الڳ ڪيو. عورت درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو هو ته مڙس جي ٺوڙهه ڪري کيس سهيلين ۾ شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، ان لاءِ عدالت پنهنجن خاص اختيارين جي ذريعي ان کي طلاق ڏياري.
ادا ٺوڙهو هجڻ عيب ته ناهي پر پگهر کان ڌپ ته نه هجي اڄڪلهه تمام گهڻا قانون نڪري پيا آهن خبر به نه ٿي پوي