• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٺوڙهو آهين! عورت مڙس کان طلاق ورتي

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
قاهرا (ع آ نيوز) مرد ٺوڙهه کي پنهنجي شخصيت لاءِ خراب سمجهندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٺوڙهه زال جي ناراضگيءَ جو ڪارڻ به بڻجندي آهي ۽ ڳالهه الڳ ٿيڻ تائين اچي پهچندي آهي. اهڙو ئي هڪ واقعو مصر ۾ پيش آيو، جتي هڪ عورت عدالت وسيلي مڙس کان رڳو ان ڳالهه تان طلاق ورتي ته هو ٺوڙهو ۽ ان جي جسم مان پگهرجي ڌپ اچي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب قاهرا جي هڪ فيملي عدالت تازو ئي ”جيلان“ نالي عورت جي پنهنجي مڙس ”آسرم“ خلاف طلاق جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ٻنهي کي الڳ ڪيو. عورت درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو هو ته مڙس جي ٺوڙهه ڪري کيس سهيلين ۾ شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، ان لاءِ عدالت پنهنجن خاص اختيارين جي ذريعي ان کي طلاق ڏياري.
 
اهڙو ئي هڪ واقعو مصر ۾ پيش آيو، جتي هڪ عورت عدالت وسيلي مڙس کان رڳو ان ڳالهه تان طلاق ورتي ته هو ٺوڙهو ۽ ان جي جسم مان پگهرجي ڌپ اچي ٿي.
ادا ٺوڙهو هجڻ عيب ته ناهي پر پگهر کان ڌپ ته نه هجي
اڄڪلهه تمام گهڻا قانون نڪري پيا آهن خبر به نه ٿي پوي
 
Back
Top