جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
زيورن جو استعمال ڪريو احتياط سان
زيور ڪنهن به تقريب ۾ توهان جو شان وڌائڻ جو سبب بڻجندا آهن، پر زيور ڪڏهن ڪڏهن توهان جي شخصيت جو سٺو اثر خراب ڪري ڇڏيندا آهن. ان لاءِ جڏهن به توهان پنهنجي لاءِ زيور خريد ڪرڻ وڃو ته تمام احتياط سان ان جي چونڊ ڪريو. فيشن جيولري ڏسندڙ جو ڌيان هڪدم پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته درست زيور توهان جي شخصيت کي چمڪائڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. اڄڪلهه وزني جيولري ٻيهر فيشن ۾ ان آهي. توهان کي گهرجي ته وزني زيور تمام سادي پوشاڪ تي پهريو. اهڙي پوشاڪ جنهن تي پهريان کان تمام وڌيڪ ڪم ۽ ڪڙهائي وغيره ٺهيل هجي ته ان تي هلڪا زيور ٺهندا آهن. فيشن جيولري جي شاپنگ دوران ان زيور کي ترجيح ڏيو جنهن جي ڊزائن ۾ ڪا روايتي جهلڪ محسوس ٿئي. اهڙا زيور نه رڳو منفرد هوندا آهن، پر پائيدار به هوندا آهن، ڇو ته ڪجهه روايتي انداز فيشن ۾ اِن ئي رهندو آهي، جڏهن ته اڄڪلهه وزني زيور گهڻا مشهور آهن، پر پرل جا روايتي ۽ سدا بهار زيورن جي مقبوليت ۾ ڪڏهن به گهٽتائي ناهي آئي. ان لاءِ فيشن جيولري جي منفرد زيورن کي پنهنجي فهرست ۾ شامل ڪريو. اڄڪلهه جيئن ته سون جون قيمتون آسمان سان ڳالهائي رهيون آهن، ان لاءِ فيشن ۾ شامل ميچنگ جيولري تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪري رهي آهي. سٺي ڪوالٽي واري فيشن جيولري به سستي نه آهي، گهڻي مهانگي ملندي آهي. ان لاءِ اهڙي جيولري کي حفاظت سان رکو ته جيئن ان کي وڌ کان وڌ هنڌن تي استعمال ڪري سگهو. جيولري جي استعمال بعد لفافي يا باڪس ۾ وجهي احتياط سان رکو ته جيئن ان ۾ پاڻي نه پئي ۽ نه ئي ان کي پائڻ کان پوءِ پرفيوم جو استعمال ڪريو.
