مٿي ۾ بائونسر لڳڻ ڪري آسٽريلوي ڪرڪيٽر فپ هيوز جي لاڏاڻي کان پوءِ جنهن نئين سوال جنم ورتو اهو هي آهي ته ڇا واقعي هيلميٽس مٿي جي حفاظت ڪري سگھي ٿو ؟ اگر ڪري به سگھي ٿو ته ڪيستائين ؟
جيتوڻيڪ هيلميٽ جو استعمال ڪجهه عرصو اڳ ئي لازمي قرار ڏنو ويو آهي پر سوال هي ٿو اُٿي ته ڇا ان هيلميٽ ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگھجي ٿي ۽ اها به اهڙي جو کيڏندڙ رانديگر لاءِ پريشاني جو سبب نه ٿئي؟
ان حوالي سان يونيورسٽي آف سڊني جي ڪرڪٽ بائيو ميٽرڪ ريسرچ جي سربراھ ريني فرڊيننڊز جو چوڻ آهي ته ”منهنجي خيال ۾ اڃا به بهتري آڻي سگھجي ٿي ۽ رانديگر کي ڪجهه اهڙي قسم جي حفاظت ڪري جو هيلميٽ کان وڌيڪ سامهون واري حصن کي به محفوظ رکڻ جي صلاحيت رکندو هجي“.
”ڪومپوزٽ فوم يا ان سان ملندڙ جلندڙ مادي سان ٺهيل ٽوپي به استعمال ۾ آڻي سگھجي ٿي جيڪو هيلمٽ جي هيٺئين حصي جي پويان تائين وڃي، ڇو ته اهڙو مادو بيس بال جي 50 کان 70 فيصد ڌَڪ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.“
فلپ هيوز کي برطانيه جي ماسوري ڪمپني جو هيلميٽ پاتل هو ۽ هن حادثي جي حوالي سان ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان وقت ڪمپني جو جديد هيلميٽ نه پاتل هئس جيڪو ان جڳهه تي به اضافي تحفظ فراهم ڪري ها انهن کي بال لڳو ۽ انهن جو موت ٿيو.
ڪمپني مطابق ته مذڪوره حصو مٿي ۽ ڳچي جو تمام غير محفوظ ٿئي ٿو ۽ ان حصي جي مڪمل حفاظت هيلميٽ ذريعي ممڪن نه آهي.
ياد رهي ته چهري کي محفوظ رکڻ واري ڄاري 1970 واري ڏهاڪي ۾ لازمي قرار ڏني وئي جڏهن ته ڳلي کي محفوظ رکڻ واري پٽي کي 1980 واري ڏهاڪي ۾ لازمي قرار ڏنو ويو هو.
تحقيق جي نتيجي ۾ هي تجويز پيش ڪئي وئي آهي ته ممڪن آهي ته جيڪڏهن هيلميٽ جي شيل کي مٿي جي پوئين پاسي وڌايو وڃي ته ان سان شايد مٿي جي وڌيڪ حفاظت ٿي سگھي.
ٻئي پاسي جديد هيلميٽس ڪجهه اهڙي انداز سان ڊزائين ڪيا ويا آهن ته اهي بال جي طاقت کي برداشت ڪري وٺن ٿا پر ان کان علاوه به ڪجهه اهڙيون شيون اڃا باقي آهن جن ۾ بهتري آڻڻ لازمي آهي.