نامياري ڪهاڻيڪار، ليکڪ ۽ نقاد اڪبر لغاري کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 نومبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نامياري ڪهاڻيڪار، ليکڪ ۽ نقاد
    اڪبر لغاري
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    اڪبر لغاري:

    سنڌي ٻوليءَ جو اديب ۽ ڪهاڻيڪار اڪبر لغاري 30 نومبر 1963ع تي تعلقي هالا جي ڳوٺ ٽالي خان لغاري لڳ ڀاڻوٺتعلقي هالا ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي اڪنامڪس (1978ع) ۽ ايل. ايل. بي (2003ع) آهي. شروع ۾ تعليم کاتي ۾ J.S.T طور ڀرتي ٿيو ۽ ان حيثيت ۾ ڳوٺ مبارڪ جروار، حمايت الاسلام هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ هوپفل هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهائيندو رهيو. ان بعد پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي، 1991ع ۾ پاڪستان ڪاليج سعيدپور، بدين ۾ ليڪچرر ٿيو. هن 1989ع ۽ 1990ع ۾ ٻه دفعا سي ايسايس جو امتحان پاس ڪيو. 1992ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي ٽريننگ ڪري 1993ع ۾ موروي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. 1994ع ۾ ريلوي مئجسٽريٽ حيدرآباد، 1995ع ۾ ايس. ڊي. ايم مٺي، 1996ع ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر دادو، 1997ع ۾ ايس. ڊي. ايم ڊگهڙي، 1998ع ۾ سيڪريٽري RTA حيدرآباد، 1999ع ۾ ايس. ڊي. ايم ميرپور خاص، 2000ع ۾ سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي (سائوٿ)، 2001ع ۾ ڊيِ. اِي. او فنانس سانگهڙ، 2002ع ۾ ٽِي. ايم. او ڪورنگي ڪراچي، 2003ع ۾ ڊائريڪٽر ٽوئرزم، 2003ع ۾ ئي ڊپٽي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو، 2004ع ۾ اِي. ڊِي. او روينيو دادو، 2005ع ۾ اِيِ. ڊِي. او روينيو ڄامشورو، 2007ع ۾ ڪين ڪمشنر حيدرآباد ۽ 2008ع کان ڊِي. سي. او عمرڪوٽ طور پنهنجون خدمتون انجام ڏنائين. انکانپوءِ سيڪريٽري پاپوليشن ويلفيئر ۽ هن وقت ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.
    حيدرآباد ۽ 2008ع کان اڄ تائين ڊِي. سي. او عمرڪوٽ طور پنهنجون خدمتون انجام ڏيئي رهيو آهي. سندس تصنيفن ۾ ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ (1992ع( ۽ ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ (2003ع) شامل آهن. ان کان سواءِ ادبي تنقيد ۽ شيخ اياز بابت سندس ڪيترائي مضمون روزاني ”ڪاوش“ ۾ ڇپيا آهن. ٽه ماهي ”مهراڻ“ رسالي ۾ سندس ڪهاڻيون به شايع ٿيل آهن. ”سارنگا“ رسالي جي اعزازي سٿ ۾ به شامل آهي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان


    [​IMG]
    شهناز شورو، اڪبر لغاري ۽ حميد ڀٽو سان گڏ ممتاز مرزا اسٽوڊيو ۾ ورتل گروپ فوٽو
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 نومبر 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    محترم جناب اڪبر لغاري کي جنم ڏينهن جون واڌايون
     
  3. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    اڪبر لغاري نئين ٽهي جو محقق۽ ڪهاڻيڪار جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    سونهاري سنڌ جنهن کي قديم زماني کان وٺي اهو شرف حاصل آهي ته هي ڌرتي علم، ادب جو گهوارو رهي آهي ۽ رهندي هن ڌرتي وادي مهراڻ ۾ اديبن جي ڪا ڪمي ناهي سونهاري مٺڙي ڌرتي جنت جهڙي هن ديس جو هر ڳوٺ ،هر شهر ، هر وستي ، هرواهڻ ڪنهن نه ڪنهن ادبي صفت جي املهه ماڻڪ سان سرشار نظر پيو اچي ، اهڙي ريت 30 نومبر 1963ع ڌاري سنڌ جي هن نوجوان اديب ،ڪهاڻيڪار اڪبر لغاري هالا تعلقي جي ڳوٺ ٽالي خان لغاري کان پنهنجي زندگي جو سفر پهريون ساهه ڀري شروع ڪيو پاڻ عام رواجي نصابي تعليم پڙهي پوري ڪيائين ،بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي منجهان پوسٽ گريجوئيٽ (اڪنامڪس )جي ڊگري سال 1978ع ۾ حاصل ڪيائين ،نوڪري جي عمر لائق بڻيو ته سرڪاري ملازمت حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ لڳي ويو هن پنهنجي محنت ۽ شوق سبب سرڪاري ملازمت حاصل ڪري (جي _ ايس _ ٽي جونئير اسڪول ٽيچر ) بڻجي ، ڳوٺ مبارڪ جروار جي حمايت الاسلام هاءِ اسڪول حيدرآباد منجهه پڙهائڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي (استاد ) بڻجڻ ۾ ڪامياب ويو بعد ۾ هوپفل هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ به محنت سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو ، مڱر اڪبر لغاري صاحب محنت منجهان هٿ نه ڪڍيا هن سال _89_ 1988ع ۽ سال 1989ع_90ع۾ ٻه ڀيرا سي_ ايس _ايس جهڙو مشڪل امتحان پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو مڱر پاڻ سال 1991ع ڌاري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري بدين جي پاڪستان ڪاليج سعيدپور ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ستت ئي پوءِ اڪبر لغاري صاحب سال 1992ع ڌاري اسسٽنٽ ڪمشنر واري عهدي جي ٽرينگ مڪمل ڪري سال 1993ع ڌاري موري شهر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي منصب تي ڪم ڪندي نظر آيو سال1994ع منجهه ريلوي مئجسٽريت حيدرآباد بعد ۾ مٺي شهر ۾ ايس ڊي ايم مقرر ٿيو 2000ع ۾ سٽي مئجسريٽ ڪراچي سائوٿ رهيو تنهن بعد مختلف کاتن منجهه پنهنجو خدمتون نهايت ايمانداري سان سرانجام ڏيندو رهيو آهي پاڻ ڪين ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو به رهي چڪو آهي ڪمشنر لاڙڪاڻي جي اهم عهدي بعد سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت حڪومت سنڌ جي اهم منصب تي هڪ سال کان وٺي وڏي ايمانداري سان نڀائيندو پيو اچي ،هن سنڌي ادب جي نوجوان اديب ڪهاڻيڪار سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪافي ڪتاب پڻ ڏنا آهن جن منجهه سنڌي ادب جي مختصر جائزو ،فلسفي جي مختصر تاريخ، ان کانسواءِ ادبي تنقيد جي تاريخ ، شيخ اياز بابت به تمام گهڻو لکي پنهنجو نالو نروار ڪيائين ،سندس ڪتاب سنڌي ادب جو جائزو سنڌي شاگردن جي مقابلي واري امتحان ،سي ايس ايس، ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي تياري لاءِ هڪ شاندار ۽ لاجواب ڪتاب ثابت پڻ ٿيو آهي ،سندس جو ڪتاب سنڌي ادب جومختصر جائزو هر نوجوان جي هٿن ۾ ڏٺو ويو آهي ان ڪتاب اڪبر لغاري جي ادبي شهرت ۾ پڻ ڌوم مچائي ڇڏي آهي هن ڪتاب جي سهڻي وڻندڙ خاصيت اها ليکي ويندي آهي ته هن ڪتاب منجهه سنڌي ادب جي هر دور کي سهڻي ۽ مختصر ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آهي ، ٻيو ته هن ڪتاب منجهه نثر توڙي نظم واري صنفن ۽ سنڌ جي مشهور اديبن ۽ شاعرن جهڙوڪ ڌرتي جو وڏي شاعر سنڌي ٻولي جي صوفي شاعر حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح حضرت سچل سرمت رح ، قاضي قاضن ، حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي رح ، مير عبدالحسين سانگي ، شيخ اياز ، تنوير عباسي ، استاد بخاري ، مرزاقليچ بيگ ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو بهترين نموني سوانح عمري۽ تنقيدي نوٽ بهترين طرح سنواري سينگاري ادبي ڏاهپ واري قلم جي ڪرت سان لکي سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو ڪري پاڻ مڃرايو آهي ، اڪبر لغاري صاحب جو هڪ ٻيو ڪتاب ( فلسفي جي مختصر تاريخ ) جي ڇا ڳالهه ڪجي هن مضوع تي سنڌ جي اديبن تمام گهٽ قلم کنيو آهي اڪبر لغاري جو هي ڪتاب پڻ سنڌي ادب جي وڌاري لاءِ هڪ بهترين (سوکڙي ) جي حيثيت رکي ٿو اڪبر لغاري صاحب کي الله تعالي لکڻ جو هڪ بهترين ڏانءَ سان نوازيو آهي پاڻ هميشه سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي ،سنڌ جي تاريخي ،جاگرافي ، ثقافت جي وڌاري لاءِ پنهنجي قلم جي نب سان لکندي نظر اچي ٿو سندس جا ٻه ٻيا ڪتاب (ڪوي عمر ڪوٽ جا ۽ عمر ڪوٽ ايامن کان ) سنڌي ا دب کي ڏئي سنڌي ادب جي سونهن تاريخ ۾ پڻ اضافو ڪيو آهي اڪبر لغاري صاحب جون ادبي ڪاوشن منجهه مهراڻٽماهي رسالي سندس جي ڪهاڻين کي بهترين جاءِ ڏئي پڙهندڙ ۾ پڻ اضافو ڪيو آهي سندس جا ادبي تنقيد ۽ شيخ اياز جي فڪري سفر جهڙو مقالو قسطوار ڇپجي چڪا آهن اڪبر لغاري صاحب جا ڪيترائي ٻيا مصمون ،تحقيقي مقالامضمون سنڌ جي اخبارن ،رسالن ۽ ميگزين ۾ پڻ شايع ٿيندي نظر اچن ٿا سندس جي قلم واري جستجو جاري ساري آهي ،پاڻ هن وقت سنڌ حڪومت جي ثقافت سياحت واري شعبي جا سيڪريٽري طور فرض نهايت سهڻي نموني ۽ ايمانداري سان سر انجام ڏيندي نظر اچي ٿو ، سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت واري رنگ کي ترقي وٺرائڻ لاِءِ سندس جون خدمتون ساراهه جوڳون نظر پڻ اچن ٿيو ڪٿي ڪٿي سندس تنقيد ٿيندي به نظر اچي ٿي ، سنڌ جو هي بهترين بيوروڪريٽ ننڍي هوندي کان ادبي صلاحيتن جو مالڪ پڻ آهي اڄ هي بهترين انسان بهترين اديب پنهنجي عمر جي 54 سالن جي عمر کي اچي پهتو آهي سندس ادبي خدمت ڪندي ڪندي سندس جاوار چاندي نما نظر اچن پيا سنڌ جو ناميارو اديب پنهنجي 54 سالگره پنهنجي گهر وارن سان ملهائي پنهنجن ادبي دوستن کان سالگره جون مبارڪون پڻ وصول ڪندو منهنجي هن لاڏي اديب لاءِ پڻ رب جي حضور ۾ دعا ته سندس کي رب سائين سٺي صحت ۽ عمر دراز عطا فرمائي جيئن هو پنهنجي ادبي فن سان سنڌي ادب جي وڌاري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪندو رهي

    ڏسپتو محمد ابراهيم لاشاري​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو