مختلف ملڪن جي باري ۾ حيرت انگيز حقيقتون

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سڄي دنيا ۾ هن وقت تقريبن 196 ملڪ آهن ۽ سڀني ملڪن جي باري ۾ هر قسم جي معلومات پهچائڻ هڪ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. پر پوءِ به آئون توهان کي اڄ دنيا جي ڪجهه اهڙن ملڪن جي باري ۾ ٻڌائيندس جيڪي انتهائي حيرت انگيز حقيقتن جا مالڪ آهن ۽ تمام گھٽ ماڻهو انهن حقيقتن کان واقف آهن.


    Most Likely to Disappear beneath the waves
    جڏهن اسين گلوبل وارمنگ ۽ سمنڊ جي سطح وڌڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون ته هي مالديپ جي رهائشين لاءِ خطري جي گھنٽي هُجي ٿو. مالديپ سمنڊ جي سطح کان 1.8 ميٽر مٿي آهي ۽ هي سطح سمنڊ جو سڀ کان هيٺيون هنڌ پڻ آهي. ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن سمنڊ جي سطح ۾ ائين ئي اضافو ٿيندو رهيو ته ايندڙ 100 سالن ۾ هي ٻيٽ مڪمل غائب ٿي ويندو.
    [​IMG]


    Most overweight population
    Nauru هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي جي 95 سيڪڙو آبادي ٿولهه جو شڪار آهي ۽ هي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ٿلهن ماڻهن جو ملڪ آهي. هن جا بنيادي ڪارڻ هن ملڪ ۾ مغربي فاسٽ فوڊ جي وڌندڙ درآمد ٻڌائي وڃي ٿي جنهن جو بيپناهه استعمال ڪري ماڻهو هن بيماري جو شڪار ٿي رهيا آهن.
    [​IMG]


    Roads made of coral
    گوام هڪ اهڙو ٻيٽ آهي جتي قدرتي واري (Sand) موجود ناهي مرجان تمام گھڻو آهي. ان لاءِ هتي جيڪي روڊ ٺهيل آهن انهن کي مرجان ۽ تيل سان تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان ڪري انهن کي بجري ڪنهن ٻئي ملڪ مان گھرائڻ جي ضرورت پوندي آهي.
    [​IMG]


    Has 350 sheep for every person
    فالڪ لينڊ هڪ اهڙو ٻيٽ آهي جنهن جي آبادي ته صرف 3000 ماڻهن تي مشتمل آهي پر هتي ملندڙ رڍن جو انگ تقريبن 5 لک آهي يعني هر ماڻهو لاءِ 350 رڍون. ان ڪري هي حيران ڪندڙ ڳالهه به ناهي ته هتان اُن جي ايڪسپورٽ تمام گھڻي ٿئي ٿي.
    [​IMG]


    Oldest sovereign state
    دنيا جي سڀ کان قديم ترين خودمختيار رياست مصر آهي. مصر دنيا جو پهرين اهڙو ملڪ آهي جنهن کي خودمختيار رياست طور تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ هن جي تاريخ 3100 قبل مسيح سان ملي ٿي.
    [​IMG]


    Most lakes in world
    دنيا جون سڀ کان وڌيڪ ڍنڍون ڪينيڊا ۾ ملن ٿيون جن جو انگ 3 ملين کان به مٿي آهي. ڪينيڊا جي سرزمين جو 9 سيڪڙو مٺي پاڻي تي مشتمل آهي جڏهن ته دنيا جون 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ڍنڍون ڪينيڊا جي سرحدن ۾ ڏٺيون وڃن ٿيون.
    [​IMG]


    Least likely place to meet your neighbor
    منگوليا دنيا جو سڀ کان گھٽ آبادي وارو ملڪ آهي يعني هتي ايراضي جي لحاظ کان في چورس ميل صرف 4 ماڻهو ٿين ٿا. جيڪڏهن هن ملڪ جي برابري هانگ ڪانگ سان ڪئي وڃي ته اُتي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي موجود آهي جي في چورس ميل تي 340000 ماڻهن تي آهي.
    [​IMG]


    Largest Number of tanks
    روس هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي آرمي وٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽينڪ موجود آهن ۽ انهن ٽينڪن جو انگ 21 هزار آهي. پر هتي بدقسمتي سان روس وٽ اڪثر فرسوده مشينون آهن جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ آمريڪه وٽ 16 هزار ٽينڪ آهن ۽ هي تمام جديد آهن.
    [​IMG]


    The Land of no rivers
    توهان اهو ٻڌي حيران ضرور ٿيندا ته سعودي عرب دنيا جو اهڙو ملڪ آهي جتي ڪوبه درياءَ ناهي. هن ملڪ ۾ مٺو پاڻي ياته ڊسٽلائزيشن پلانٽس سان حاصل ڪيو وڃي ٿو يا ته زيرِ زمين پاڻي جي ذخيرن مان.
    [​IMG]


    Youngest population of any country
    دنيا جو سڀ کان گھٽ عمر آبادي وارو ملڪ هئڻ جو اعزاز نائجر کي آهي. نائجز دنيا جو اهڙو ملڪ آهي جنهن جي ڪُل آبادي جو 49 سيڪڙو گھٽ عمر وارن ماڻهن تي مشتمل آهي.
    [​IMG]
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
  3. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    واه تمام بهترين ڄاڻ ملي وئي...
    اوهان جي وڏي مهرباني سائين عبيدالله صاحب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ۽ ڄاڻ وارو موضوع
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هميشه جيان شاندار ۽ معلوماتي موضوع ، سدا سلامت رهو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مهربانيون سائين سائل مهراڻ.

    وڏي مهرباني سائين وساڻ صاحب. :)

    لک قرب سائين عبدالغني صاحب.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺو موضوع
    ڄان ڏيڻ جي مهرباني
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    همممممممممممممم
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Junaid Ahmed

    Junaid Ahmed
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    تمام ستو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Naqash Akhtar

    Naqash Akhtar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2014
    تحريرون:
    58
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0



    بهترين معلومات فراهم ڪئي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين معلومات ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو