فولڊر تي پاسورڊ لڳائڻ لاءِ نت نوان طريقا موجود آهن. انهن ۾ اڪثر ڪري سافٽويئر هُجن ٿا. هن ٽپ ذريعي توهان آساني سان هڪ پاسورڊ وارو محفوظ فولڊر ٺاهي سگھو ٿا. پر ان کان پهرين هڪ نئون فولڊر ٺاهي ان ۾ ڪجهه عام فائلون ڪاپي ڪري آزمايو، جڏهن چڱي طرح سمجهه ۾ اچي ته پوءِ پنهنجو اهم ڊيٽا هن فولڊر ۾ رکو، ته جيئن ڪنهن قسم جو نقصان نه ٿئي. هن ڪم لاءِ ڪٿي به هڪ نئون فولڊر ٺاهيو، فولڊر کوليو ۽ اُتي رائٽ ڪلڪ ڪري NEW مينيو مان Text document منتخب ڪريو. هاڻي نئين ٺهيل ٽيڪسٽ فائل ۾ توهان کي هيٺيون ڪوڊ پيسٽ ڪرڻو آهي. ڪوڊ: cls @ECHO OFF title Folder SindhSalamat.com if EXIST "SindhSalamat Locker" goto UNLOCK if NOT EXIST SindhSalamat.com goto MDLOCKER :CONFIRM echo Chha tawhan Folder ty Taalo lagain chahyo tha ?(H/N) set/p "cho=>" if %cho%==H goto LOCK if %cho%==h goto LOCK if %cho%==n goto END if %cho%==N goto END echo Ghalat intikhaab. goto CONFIRM :LOCK ren SindhSalamat.com "SindhSalamat Locker" attrib +h +s "SindhSalamat Locker" echo Folder locked goto End :UNLOCK echo Folder Taalo kholin laay Password lagayo. :) set/p "pass=>" if NOT %pass%== ubedthaheemss goto FAIL attrib -h -s "SindhSalamat Locker" ren "SindhSalamat Locker" SindhSalamat.com echo Folder kaamiyabi saan kholio wio :) goto End :FAIL echo Ghalat Password. :( goto end :MDLOCKER md SindhSalamat.com echo SindhSalamat.com created successfully goto End :End هن ڪوڊ ۾ جتي ubedthaheemss لکيل آهي اتي توهان پنهنجو پاسورڊ لکو، جيڪڏهن توهان اهو ايڊٽ نه ڪيو ته اهو ئي توهان جي فولڊر جو پاسورڊ هوندو. هاڻي ٽيڪسٽ فائل کي ڪوبه نالو ڏيو ۽ آخر ۾ .bat ايڪسٽينشن ۽ هيٺ Save as type مان All files تي ڪلڪ ڪري محفوظ ڪريو. فرض ڪريو ته توهان فولڊر ۾ locker.bat جي نالي سان فائل ٺاهي آهي. هاڻي توهان ان فائل تي ڊبل ڪلڪ ڪري هلائيندا ته ان ۾ هڪ نئون فولڊر sindhsalamat.com نالي سان ٺهي پوندو. اهو ئي توهان جو خفيه فولڊر هوندو. locker.bat فائل تي ٻيهر ڊبل ڪلڪ ڪندا ته ڪمانڊ پرامپٽ جي هڪ ونڊو کُلي پوندي ۽ پڇيو ويندو ته ڇا توهان هن فولڊر کي لاڪ ڪرڻ چاهيو ٿا ؟ جتي توهان H لکي انٽر جي بٽڻ کي دٻائيندا ته فولڊر پاڻمرادو غائب ٿي ويندو. (H مطلب “ها”) انهي لاڪر فائل تي ٻيهر ڊبل ڪلڪ ڪندا ته ڪمانڊ پرامپٽ جي ونڊو ٻيهر کُلي پوندي جنهن ۾ پاسورڊ طلب ڪيو ويندو. صحيح پاسورڊ لڳائي انٽر بٽڻ دٻائيندا ته فولڊر واپس اچي ويندو. جڏهن ته غلط پاسورڊ جي صورت ۾ فولڊر نظر نه ايندو. يقينن هي ڪو محفوظ طريقو ته ناهي پر پاسورڊ Locker.bat فائل ۾ لکيل آهي جنهن کي جڏهن چاهيو رائٽ ڪلڪ ڪري ايڊٽ تي ڪلڪ ڪري نوٽ پيڊ مان پاسورڊ کي مٽائي به سگھو ٿا. پاسورڊ وسري وڃڻ جي صورت ۾ به هن فائل کي ايڊٽ ڪري سگھو ٿا. پر هي هڪ دلچسپ تجربو ضرور آهي. جيڪڏهن توهان هن لاڪر فائل جو نالو ئي اهڙو رکو ته ڪير به ان نه کولي يا ان کي Hide ڪري ڇڏيو ته هن طريقي سان به پنهنجو ذاتي مواد ٻين کان محفوظ ڪري سگھو ٿا. J ياد رکو هن ٽپ ذريعي توهان جنهن ڊائريڪٽري ۾ چاهي پاسورڊ سان محفوظ هڪ فولڊر ضرور ٺاهي سگھو ٿا. پر پهرين موجود ڪنهن فولڊر تي پاسورڊ نٿا لڳائي سگهو. ان کان علاوه لاڪر فائل ڊليٽ ٿيڻ جي صورت ۾ توهان جو مواد (ڊيٽا) ضايع به ٿي سگھي ٿو. نوٽ: ڪٿي به مشڪل پيش اچي ته ٻڌائيندا.
لک قرب توهان هن پوسٽ کي پڙهيو ۽ پسند ڪيو. ادا توهان آزمائي ڏسو جيڪڏهن ڪم ٿئي ته واھ واھ نه ته ايررز کي درست ڪريان.
ان سڄي هڻ کان بهتر آهي ته https://veracrypt.codeplex.com/ تان ويراڪرائپٽ ڊائونلوڊ ڪريو. هڪ لڪيل ۽ پاسورڊ سان مسلح ڊرائيو ٺاهيو.
سائين جيڪڏهن ڪو اهو لوڪر وارو فائيل ئي ڊليٽ ڪري وجهي ته ان صورت ۾ ان کي ڪٿان ڳولهجي..ڇو ته جيسين اهو نه هوندو ته اسين ڪهڙي ريت پاسورڊ لڳائي فولڊر ظاهر ڪندا سين..
جيڪڏهن اهو مذاق آ... ته نه وڻيو... توهان کي گهرجي ته فولڊر کان اڳ ان فائيل کي محفوظ ڪرڻ جو حل ڳوليو... بهتر رهندو ته ان فائيل کي لڪيل (هڊن) ڪري ڇڏيو...
مونکي توهان جي ئي جواب جو انتظار هو سو ملي ويو مذاق نه آهي. سچ آهي جيڪڏهن ڪا شئي گُم ٿي وڃي ته مٿيون عمل ڪندا ته ملي ويندي. جيڪڏهن فائل ڊليٽ ٿي وئي ته ڇُٽي . سمورو ڊيٽا ضايع ٿي ويندو. ان لا سڀ کان پهرين فائل کي محفوظ کي ڪرڻ جو طريقو ڳولهيو.