بغير سافٽويئر جي فولڊر تي تالو لڳايو.

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    فولڊر تي پاسورڊ لڳائڻ لاءِ نت نوان طريقا موجود آهن. انهن ۾ اڪثر ڪري سافٽويئر هُجن ٿا. هن ٽپ ذريعي توهان آساني سان هڪ پاسورڊ وارو محفوظ فولڊر ٺاهي سگھو ٿا. پر ان کان پهرين هڪ نئون فولڊر ٺاهي ان ۾ ڪجهه عام فائلون ڪاپي ڪري آزمايو، جڏهن چڱي طرح سمجهه ۾ اچي ته پوءِ پنهنجو اهم ڊيٽا هن فولڊر ۾ رکو، ته جيئن ڪنهن قسم جو نقصان نه ٿئي.

    هن ڪم لاءِ ڪٿي به هڪ نئون فولڊر ٺاهيو، فولڊر کوليو ۽ اُتي رائٽ ڪلڪ ڪري NEW مينيو مان Text document منتخب ڪريو.

    هاڻي نئين ٺهيل ٽيڪسٽ فائل ۾ توهان کي هيٺيون ڪوڊ پيسٽ ڪرڻو آهي.
    ڪوڊ:
    cls
    @ECHO OFF
    title Folder SindhSalamat.com
    if EXIST "SindhSalamat Locker" goto UNLOCK
    if NOT EXIST SindhSalamat.com goto MDLOCKER
    :CONFIRM
    echo Chha tawhan Folder ty Taalo lagain chahyo tha ?(H/N)
    set/p "cho=>"
    if %cho%==H goto LOCK
    if %cho%==h goto LOCK
    if %cho%==n goto END
    if %cho%==N goto END
    echo Ghalat intikhaab.
    goto CONFIRM
    :LOCK
    ren SindhSalamat.com "SindhSalamat Locker"
    attrib +h +s "SindhSalamat Locker"
    echo Folder locked
    goto End
    :UNLOCK
    echo Folder Taalo kholin laay Password lagayo. :)
    set/p "pass=>"
    if NOT %pass%== ubedthaheemss goto FAIL
    attrib -h -s "SindhSalamat Locker"
    ren "SindhSalamat Locker" SindhSalamat.com
    echo Folder kaamiyabi saan kholio wio :)
    goto End
    :FAIL
    echo Ghalat Password. :(
    goto end
    :MDLOCKER
    md SindhSalamat.com
    echo SindhSalamat.com created successfully
    goto End
    :End
    هن ڪوڊ ۾ جتي ubedthaheemss لکيل آهي اتي توهان پنهنجو پاسورڊ لکو، جيڪڏهن توهان اهو ايڊٽ نه ڪيو ته اهو ئي توهان جي فولڊر جو پاسورڊ هوندو. هاڻي ٽيڪسٽ فائل کي ڪوبه نالو ڏيو ۽ آخر ۾ .bat ايڪسٽينشن ۽ هيٺ Save as type مان All files تي ڪلڪ ڪري محفوظ ڪريو.



    فرض ڪريو ته توهان فولڊر ۾ locker.bat جي نالي سان فائل ٺاهي آهي. هاڻي توهان ان فائل تي ڊبل ڪلڪ ڪري هلائيندا ته ان ۾ هڪ نئون فولڊر sindhsalamat.com نالي سان ٺهي پوندو. اهو ئي توهان جو خفيه فولڊر هوندو.
    [​IMG]
    locker.bat فائل تي ٻيهر ڊبل ڪلڪ ڪندا ته ڪمانڊ پرامپٽ جي هڪ ونڊو کُلي پوندي ۽ پڇيو ويندو ته ڇا توهان هن فولڊر کي لاڪ ڪرڻ چاهيو ٿا ؟ جتي توهان H لکي انٽر جي بٽڻ کي دٻائيندا ته فولڊر پاڻمرادو غائب ٿي ويندو. (H مطلب “ها”)
    [​IMG]

    انهي لاڪر فائل تي ٻيهر ڊبل ڪلڪ ڪندا ته ڪمانڊ پرامپٽ جي ونڊو ٻيهر کُلي پوندي جنهن ۾ پاسورڊ طلب ڪيو ويندو.

    [​IMG]
    صحيح پاسورڊ لڳائي انٽر بٽڻ دٻائيندا ته فولڊر واپس اچي ويندو. جڏهن ته غلط پاسورڊ جي صورت ۾ فولڊر نظر نه ايندو.

    يقينن هي ڪو محفوظ طريقو ته ناهي پر پاسورڊ Locker.bat فائل ۾ لکيل آهي جنهن کي جڏهن چاهيو رائٽ ڪلڪ ڪري ايڊٽ تي ڪلڪ ڪري نوٽ پيڊ مان پاسورڊ کي مٽائي به سگھو ٿا. پاسورڊ وسري وڃڻ جي صورت ۾ به هن فائل کي ايڊٽ ڪري سگھو ٿا.

    پر هي هڪ دلچسپ تجربو ضرور آهي. جيڪڏهن توهان هن لاڪر فائل جو نالو ئي اهڙو رکو ته ڪير به ان نه کولي يا ان کي Hide ڪري ڇڏيو ته هن طريقي سان به پنهنجو ذاتي مواد ٻين کان محفوظ ڪري سگھو ٿا. J

    ياد رکو هن ٽپ ذريعي توهان جنهن ڊائريڪٽري ۾ چاهي پاسورڊ سان محفوظ هڪ فولڊر ضرور ٺاهي سگھو ٿا. پر پهرين موجود ڪنهن فولڊر تي پاسورڊ نٿا لڳائي سگهو. ان کان علاوه لاڪر فائل ڊليٽ ٿيڻ جي صورت ۾ توهان جو مواد (ڊيٽا) ضايع به ٿي سگھي ٿو.

    نوٽ: ڪٿي به مشڪل پيش اچي ته ٻڌائيندا. :)
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    واه سائين نئين ۽ سٺي معلومات ...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    لک قرب توهان هن پوسٽ کي پڙهيو ۽ پسند ڪيو.
    ادا توهان آزمائي ڏسو جيڪڏهن ڪم ٿئي ته واھ واھ نه ته ايررز کي درست ڪريان. :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ان سڄي هڻ کان بهتر آهي ته https://veracrypt.codeplex.com/ تان ويراڪرائپٽ ڊائونلوڊ ڪريو. هڪ لڪيل ۽ پاسورڊ سان مسلح ڊرائيو ٺاهيو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اهڙيون بهترين شيون ظاهر هُجن ته سٺو ٿو لڳي :) اميد ته ٻيون به ڪارائتيون ٽپس ونڊيندا رهندا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين ٽپ
    مهرباني
    لک قرب
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    سٺي ٽپ بهترين مهرباني
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ




    واه سائين واه
    بهترين ونڊ اوهان کي جس هجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا عبيد ڪٿان ٿا اهڙيون حرڪتون سکو؟ تمام سٺي ڳالهه آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين جيڪڏهن ڪو اهو لوڪر وارو فائيل ئي ڊليٽ ڪري وجهي ته ان صورت ۾ ان کي ڪٿان ڳولهجي..ڇو ته جيسين اهو نه هوندو ته اسين ڪهڙي ريت پاسورڊ لڳائي فولڊر ظاهر ڪندا سين..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هر انسان حرڪت جي پيدائش آ، ۽ حرڪت ارتقا آهي .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    جامع مسجد ۾ ٻه رڪعت صلات الحاجات پڙهي دعا گهرو فائل ملي ويندي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيڪڏهن اهو مذاق آ... ته نه وڻيو...
    توهان کي گهرجي ته فولڊر کان اڳ ان فائيل کي محفوظ ڪرڻ جو حل ڳوليو... بهتر رهندو ته ان فائيل کي لڪيل (هڊن) ڪري ڇڏيو...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مونکي توهان جي ئي جواب جو انتظار هو :) سو ملي ويو :)
    مذاق نه آهي. سچ آهي جيڪڏهن ڪا شئي گُم ٿي وڃي ته مٿيون عمل ڪندا ته ملي ويندي. :)
    جيڪڏهن فائل ڊليٽ ٿي وئي ته ڇُٽي . سمورو ڊيٽا ضايع ٿي ويندو. ان لا سڀ کان پهرين فائل کي محفوظ کي ڪرڻ جو طريقو ڳولهيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    تمام بهترين معلومات شيئر ڪئي اٿو وڏي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو