• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماضي جون ڪجهه ناياب تصويرون اسامه کان اوباما تائين

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪڏهن ڪڏهن ماضيءَ ۾ جھاتي پائڻ تي توهان کي حيرت ٿيندي هوندي، مشهور شخصيتن ۽ معروف واقعن جون ڪجهه تصويرون ته توهان ڏٺيون هونديون، پر جيڪو آئون توهان کي ماضي جون ڪجهه يقين ۾ ايندڙ تصويرون ڏيکارڻ وڃان پيو شايد ئي ان کان پهري اهي توهان ڏٺيون هُجن. يقين اٿم ته مشهور شخصيتن ۽ واقعن جون تصويرون ڏسي توهان حيرت ۾ وٺجي ويندا.

54066_04.gif

شايد ئي توهان کي يقين نه اچي ته اها تصوير اسامه بن لادن جي آهي ، اسامه بن لادن ڪراٽي جي ڪلاس ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏ.

54066_06.gif

بروس لي هڪ مشهور فلمي اداڪار هئڻ سان گڏوگڏ مارشل آرٽ انسٽرڪٽر ۽ فلم ميڪر به هو. هن تصوير ۾ بروس لي رقص ڪندي.

54066_02.gif

ٽيڪنالاجي دنيا جي پهريون نمبر ڪمپني مائڪروسافٽ مالڪ ۽ دنيا جي اميرترين شخص بل گيٽس جي هيءُ تصوير ان وقت ورتي وئي جڏهن هُو لائسنس کان بغير ڊرائيونگ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ٿيو هو.


54066_08.gif

مشهور سائنسدان البرٽ آئنسٽائن جي هڪ ناياب تصوير جنهن ۾ کيس Fuzzy Slipper پاتل آهن.

54066_10.gif

مشهور مزاحيه اداڪار چارلي چپلن ۽ البرٽ آئنسٽائن جي هڪ تصوير

54066_12.gif

هي بيٽ مين جي سيٽ تي ٿيندڙ شوٽنگ جي ناياب تصوير آهي ۽ هي تصوير 1966ع ۾ ورتي وئي.

54066_14.gif

ڇا توهان سڃاڻو ٿا هن شخصيت کي ؟ جي ها هيءُ آهي آمريڪا جي صدر باراڪ اوباما جي جوانيءَ جي هڪ يادگار تصوير.

54066_16.gif

مشهور باڪسر محمد علي نوجوان کي خودڪشي کان روڪڻ لاءِ ان سان ڳالھ ٻولھ ڪندي.

54066_18.gif

Yankee اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ هڪ باڪسنگ ميچ جي تصوير جنهن کي ڏسڻ وارن جو انگ هزار ۾ نه بلڪه لکن ۾ آهي . هي اسٽيڊيم نيو يارڪ ۾ آهي.

54066_20.gif

1945ع ۾ ناگاساڪي ۾ ٿيندڙ ائٽمي حملي ۾ بچي ويندڙ هڪ عورت . آس پاس ۾ ٿيندڙ تباهي جو منظر .

54066_22.gif

دنيا جي مشهور ڪمپني ايپل جو باني اسٽيو جابز جي جواني جي تصوير جنهن ۾ هُو بل گيٽس سان گڏ آهي.

54066_24.gif

چارلي چپلن جي هڪ ٻي يادگار تصوير جنهن ۾ هُو مهاتما گانڌي سان گڏ آهي.

54066_26.gif

مشهور فلمي اداڪار آرنلڊ جي هي تصوير ان وقت جي آهي جڏهن هُو پهريون ڀيرو نيويارڪ ويو هو.

54066_28.gif

مشهور سامونڊي جھاز ٽائٽنڪ جي آخري تصوير

54066_30.gif

آمريڪا ۾ موجود يادگار مجسما Rushmore Mt. جي هيءُ تصوير ان وقت ورتي وئي جڏهن اهو تيارين جي مرحلي ۾ هو ، هي مجسما پهاڙن کي گَهڙي ٺاهيا ويا.

54066_32.gif

هي تصوير ان وقت ورتي وئي جڏهن گولڊن گيٽ برج جي تعمير جو ڪم هلندڙ هو.

54066_34.gif

1932ع ۾ هڪ ڊگهي ۾ ڊگھي عمارت جي تعمير دوران گولف کيڏيو پئي وڃي.​
 
ڏاڍي سُٺي ڪليڪشن آهي. پُل تي ياد آيو ته ايشيا ڱي يورپ سان ڳنڍيندڙ پُل باسفورس برج به تاريخي پُل آهي جيڪا باسفورس سمنڊ (دريا نما سمنڊ جي پٽي جيڪا بحرِ اسود ۽ ڀؤنچ سمنڊ کي ڳنڍي ٿي) مٿان ٺهيل آهي. اهو واحد آسان رستو آهي ايشيا کان يورپ خُشڪي رستي وڃڻ جو ۽ سامونڊي جهازن لاءِ پڻ سهولت رهي ٿو جيڪي اوڀر کان بلغاريه، آسٽريا، يوڪرين يا روس جو سامان ڍوئي وڃن ٿا ۽ هن پُل هيٺيان گُذرن ٿا. ان جي پراڻي، زيرِ تعمير واري حالت ۽ هاڻوڪي تصوير هيٺ ڏجي ٿي.

jbfnNTfnrDQHX7.jpg


jbhjtamVZJw2XF.jpg


jbx4fxHM00jJTg.jpg

 
Back
Top