ايگل گيٽ: هڪ بهترين ڊائونلوڊ مينيجر

'سافٽويئر' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سسٽم تي ڊائونلوڊ مينيجر جو انسٽال ٿيڻ ڪنهن نعمت کان گھٽ نه آهي. برائوزرز جا ڊفالٽ ڊائونلوڊر تمام سادا ٿين ٿا. انهن ۾ ڊائونلوڊنگ جي رفتار وڌائڻ يا ڊائونلوڊنگ کي بيهاري ٻيهر هلائڻ جي صلاحيت موجود نه هوندي آهي. ڊائونلوڊ مينيجر جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته اتي انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر ۽ فري ڊائونلوڊ مينيجر جهڙا کوڙ سارا سافٽويئر هن ميدان ۾ موجود آهن. جيڪڏهن توهان ڪنهن سٺي ڊائونلوڊ مينيجر جي ڳولها ۾ آهيو ته “ايگل گيٽ” استعمال ڪريو. هن ڊائونلوڊ مينيجر کي توهان انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر جو متبادل به چئي سگھو ٿا.
    [​IMG]
    هن پروگرام جو انٽرفيس تمام سادو ۽ استعمال ۾ آسان آهي جڏهن ته هن جي ڪارڪردگي پنهنجي مٽ پاڻ آهي. ايگل گيٽ کي توهان فائرفاڪس، انٽرنيٽ ايڪسپلورر، گوگل ڪروم ۽ اوپيرا سان ڳنڍي سگهو ٿا. هن جو سڀ کان دلچسپ فيچر وڊيو ڊائونلوڊنگ آهي، يعني ڪنهن به ويبسائيٽ تي هلندڙ ڪابه ميڊيا فائل جيڪڏهن توهان ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيو ته وڊيو جي مٿيان ڊائونلوڊ جو بٽڻ اچڻ شروع ٿيو وڃي جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان ان ميڊيا کي ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا.ان کان علاوه هن ۾ موجود Video sniffer جي فيچر سان وڊيو ڳولهي ان کي لائيو ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا، يعني ضروري ناهي ته ان کي پهرين پلي ڪيو وڃي.

    فائل سائيز : 4.9 ميگا بائيٽ

    مفت ۾ موجود آهي

    ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    مون اهيو استعمال ڪيو آهي پر مون کي مزو نه ڏنئي.اهو ان انسٽال ڪري ڇڏيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    چڱو ٿيو آزمايوَ . مون ته آزمايو ئي ڪونه.. نيٽ اسپيڊ صفا گهٽ آهي اڄ ڳوٺ ۾ ڊائونلوڊ نٿو ٿئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو