وقت اهڙي موڙ تي آڻي بيهاريندو خبر نه هئي هڪ پاسي سنڌ جي ثقافت تهذيب تمدن جي پرچار ضروري ٿي پئي آ جيڪا صدين کان هلندي هن دور ۾ ڌيمي ڏسڻ ۾ پئي اچي ۽ اوڏانهن سنڌ جا ڪونڌر پٽ ڳاڙهي حلواڻ جهڙي رت ڳاڙيندي شهيد ڪيا پيا وڃن ...هي چال انهن ازلي دشمنن جي آ جن وٽ ڪا تهذيب نه آهي تمدن نه آهي وطن نه آهي ... پنجاب ۽ هي هندستانين جي گڏين فهم آ .....چالاڪي آ ......ته جيئن سنڌي پنهنجي ڌرتي جا اهڃاڻ پڪا نه ڪري سگهن ريتون رسمون وساري ويهن ..... واقئي منهنجو دماغ ڪم نه پيو ڪري ته ڪهڙي واٽ وٺان .... ها هن ۾ هڪ تبديلي ڪري سگهجي ٿي ها تهذيب جي ساراه صرف راھ نچڻ نه آهي هن مان نچڻ جو عنصر ڪڍي باقي سڀ شيون اجاگر ڪري هلجن جن ۾ هٿ جا هنر آهن بيت ،ڏور بيتن ۾ شاعري اجرڪو ٽوپيون پائڻ اجتماع ڪرڻ ۽ اتي هي شهيدن جو ڏک به ونڊڻ ۽ تهذيب جا گس ياد ڪرڻ ۽ اهو سڀ ڪجه جيڪو اسان جي صدين جي تمدني رستا آهن ريتون رسمون آهن تن کي ياد رکڻ ورجائڻ جي ضرورت آهي اميد ته علي قاضي ۽ سنڌ ٽي وي جو سرواڻ هن طرف ڌيان ڏيندا .....۽ قوم جي ڏک کي سمجهندي پروگرامن کي ترتيب ڏيندا ۽ ان 7 ديسمبر تي هڪ ايڪتا جيڪو گهر ڪندو ته اسان جي وطن ۾ غير سنڌين جي ڀرمار بند ڪريو سنڌي ڳڀرو مارڻ بند ڪريو .....هي سڀ آلاپن سان ۽ جلسن جلوسن سان جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي حيثيت ۽ تمدني تهذيبي جوڙجڪ جا اهڃاڻ واضع ڪندي پنهنجي قوم جا ڏک سور سلجن ........مستقبل جا رستا ۽ راهون ٻڌائجن ...دشمن سنڌ کي وائکو ڪجي