• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي ڳنڀيرتا

وقت اهڙي موڙ تي آڻي بيهاريندو خبر نه هئي
هڪ پاسي سنڌ جي ثقافت تهذيب تمدن جي پرچار ضروري ٿي پئي آ جيڪا صدين کان هلندي هن دور ۾ ڌيمي ڏسڻ ۾ پئي اچي
۽
اوڏانهن سنڌ جا ڪونڌر پٽ ڳاڙهي حلواڻ جهڙي رت ڳاڙيندي شهيد ڪيا پيا وڃن ...هي چال انهن ازلي دشمنن جي آ جن وٽ ڪا تهذيب نه آهي تمدن نه آهي وطن نه آهي ...
پنجاب ۽ هي هندستانين جي گڏين فهم آ .....چالاڪي آ ......ته جيئن سنڌي پنهنجي ڌرتي جا اهڃاڻ پڪا نه ڪري سگهن ريتون رسمون وساري ويهن .....
واقئي منهنجو دماغ ڪم نه پيو ڪري ته ڪهڙي واٽ وٺان ....
ها هن ۾ هڪ تبديلي ڪري سگهجي ٿي
ها تهذيب جي ساراه صرف راھ نچڻ نه آهي
هن مان نچڻ جو عنصر ڪڍي باقي سڀ شيون اجاگر ڪري هلجن
جن ۾ هٿ جا هنر آهن بيت ،ڏور بيتن ۾ شاعري اجرڪو ٽوپيون پائڻ اجتماع ڪرڻ ۽ اتي هي شهيدن جو ڏک به ونڊڻ ۽ تهذيب جا گس ياد ڪرڻ ۽ اهو سڀ ڪجه جيڪو اسان جي صدين جي تمدني رستا آهن ريتون رسمون آهن تن کي ياد رکڻ ورجائڻ جي ضرورت آهي اميد ته علي قاضي ۽ سنڌ ٽي وي جو سرواڻ هن طرف ڌيان ڏيندا .....۽ قوم جي ڏک کي سمجهندي پروگرامن کي ترتيب ڏيندا ۽ ان 7 ديسمبر تي هڪ ايڪتا جيڪو گهر ڪندو ته اسان جي وطن ۾ غير سنڌين جي ڀرمار بند ڪريو سنڌي ڳڀرو مارڻ بند ڪريو .....هي سڀ آلاپن سان ۽ جلسن جلوسن سان جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي حيثيت ۽ تمدني تهذيبي جوڙجڪ جا اهڃاڻ واضع ڪندي پنهنجي قوم جا ڏک سور سلجن ........مستقبل جا رستا ۽ راهون ٻڌائجن ...دشمن سنڌ کي وائکو ڪجي
 
Back
Top