پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار ڪاميابي ۽ منفرد رڪارڊ

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ابو جواد طرفان آندل موضوعَ ‏5 ڊسمبر 2014۔

  1. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ سان ٽيسٽ سيريز برابر ڪرڻ کان پوءِ ڪالهه ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪندي نيوزيلينڊ کي ستن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو۔ پاڪستان ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرره 20 اوورن ۾ ستن وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون اسڪور ڪيون۔ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪوري انڊرسن ڪيو جنهن چار ڇڪن جي مدد سان 37 بالن ۾ 48 رنسون اسڪور ڪيون۔ رونچي 33 ۽ گپٽل 32 رنسون ٺاهيون جڏهن ته سندس 6 رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا سهيل تنوير ۽ محمد عرفان ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون۔ جڏهن ته شاهد آفريدي، انور علي ۽ رضا حسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي۔ اوپنر ۽ وڪيٽ ڪيپرسرفراز احمد جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستاني ٽيم 1۔19 اوورس ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي مطلوبه هدف حاصل ڪري ورتو۔ سرفراز 64 بالن ۾ ٻن چڪن ۽ اٺن چونڪن جي مدد سان 76 رنسون اسڪور ڪيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو۔ جڏهن ته عمر اڪمل 14 بالن ۾ 27 رنسون ٺاهيون وننگ شاٽ به سندس ئي کاتي ۾ رهيو جڏهن 19 اوورن جي اختتام تي کٽڻ لاءِ هڪ رنس جي ضرورت هئي ته عمر اڪمل ڇڪو هڻي فتح پاڪستان جي نالي ڪري ڇڏي۔ سرفراز احمد کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو۔ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هڪ ٻيو منفرد اعزاز به پنهنجي نالي ڪري ورتو۔ ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پهرئين ٽيم بڻجي وئي جنهن 50 ٽي توئنٽي مئچ کٽيا آهن ۽ ان سان گڏ ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي مئچ کٽيندڙ ٽيم بڻجي وئي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    راند وڏي اسڪور کان جيتوڻيڪ محروم رهي پر پوءِ به ڏسندڙن کي ڀلو لڳو هوندو...





     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    شڪر آهي جو انهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن جذبو ايندو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو