مَارُئي جَيڪُسِ اُٺَا مِينهَن، مُنهَان پَوءِ مَلِيرَ ۾

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10847872_10205038604623011_3569137288757744278_n.jpg


جَيڪُسِ اُٺَا مِينهَن، مُنهَان پَوءِ مَلِيرَ ۾
ڪَالَهه سَڄَوئِي ڏِينهَن، مُنهِنجَي اَکِڙِيُن اُڪِيرِيَو

سُرُ مَارُئي

جَيڪُس = شايد، لڳي ٿو، سمجهان ٿي
اُٺَا = وسيا، برسيا
مُنهَان = مون کان
اُڪيريَو = سڪيُون

بيت جو پس منظر

~ مارئي چئي ٿي ته سمجهان ٿي، شايد مون کان پوءِ منهنجي ملڪ ملير تي برساتون پيون آهن.

~ ان خوبصورت ۽ دلڪش منظر کي ڏسڻ لاءِ ڪالهه سڄو ڏينهن منهنجون اکيون ڏاڍيون سِڪيون آهن.

سمجهاڻي

جهڙ ڪڪر ڪارونڀار، گجگوڙون، تيز هوائون، کنوڻين جا چمڪاٽ ۽ برسات جو وسڻ اهي سڀ فطري ۽ ڪائناتي رنگينيون، دلڪشيون ۽ حسناڪيون دل ۽ مَنَ کي فرحت ۽ راحت ڏين ٿيون. اهي برساتون جيڪڏهن ڏڪار سٽيل مارئيءَ جي ملڪ ملير تي وسن ته ٿر جنت جو ڏيک ڏئي ٿو. هر طرف ساوا گاهه، رنگ برنگي ٻوٽا، گل ڦل ۽ چيڪي مٽيءَ جي ڀنل هٻڪار ويتر ماحول کي معطر ڪيو ڇڏي.
مارو مال کي ڪاهي خوشيءَ وچان جهومندا ۽ ڳائيندا جڏهن ساون پٽن ڏانهن وڃن ٿا ته مال جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽلين جا مڌر سُرَ من کي موهي ڇڏين ٿا. برسات کان پوءِ ساين ڀاڄين، گاهن ۽ انن جا انبار گڏ ٿي وڃن ٿا. ڏکن جو انت اچي ٿو ۽ خوشحالي ۽ آسودگي سندن سڪل چهرن تي مرڪون وکيري ٿي ڇڏي. ڪالهه سڄو ڏينهن مارئيءَ من ئي منَ ۾ اهي سپنا پي ساريا آهن.
سو اچو ته دنيا جي عظيم مفڪر، ڏاهي ۽ شاعر شاهه لطيف جي عظمت کي سلام ڪندي هن مارئيءَ جي خوشحاليءَ واري سپني کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top