• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مچ ڪچهريون باهيون ٻاريون

ڪافي

مچ ڪچهريون باهيون ٻاريون
دشمن ساڙي خاڪ اڏاريون

ديس جو دشمن دوکو ڏيندڙ
دشمن سنڌ سان گڏجي ويندڙ
تن کي رت جا ڍڪ پياريون......

جنهن دودا منهنجا يار ڪٺا
جنهن لئه سنڌ هن سور سٺا
اچ ته تن کي پاڻ به ماريون......

هوءَ رڙي ٿي ماءُ موچاري
چڪنا چور ٿي وئي ساري
آءُ ته هن کي يار اجاريون ......

مچ ڪچهريون باهيون ٻاريون
دشمن ساڙي خاڪ اڏاريون

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top