داڪٽر محمد متارو هنگورجو
سينيئر رڪن
محمد هنڱورجو
ڏسو! ساري ڏيھ ۾ ، هيڏا حاڃا هت
ڪُسن ڪونڌر قوم جا، رندن ريٽو رت
ويٺا وڏيرا وڪڻي، قدر قومي پت
قبوليائون ڪرسي لئه، هر زلالت ذلت
ان پر آهي مت، موڙهي مدارين جي
********
ڏسو آهن ڏيھ ۾، ڪل ماروئڙا مجبور
چونڊيائون چاھ مان، ٿيا اهي ئي اکپور
باطل سان ڀيڙا، ڪن سدائين ڪلور
دلئون ڪري دور، احساسن اخلاق کي
********
احساسن اخلاق کي، هُنِ تان ڇڏيو هاڻ
قبوليون قهر هي، ڪيئن پوئتي رهي پاڻ
مورڙي جي ماڳن تي، روزانو رت ڇاڻ
ڪين ڇڏبا ڪڏهن، پنهنجا ويڙھ وٿاڻ
ڏيو ساٿ سڄاڻ، ملي مظلومن جو
********
ملي مظلومن جو، ڪريو ڪوئي داد
هلي ڪوس هتڙي، ڀيانڪ بيداد
ڪبا ويهي ڪيترا، نت فغائون فرياد
باطل کي برباد، ڪريو ٻل ٻڌي سان
********
ڏسو! ساري ڏيھ ۾ ، هيڏا حاڃا هت
ڪُسن ڪونڌر قوم جا، رندن ريٽو رت
ويٺا وڏيرا وڪڻي، قدر قومي پت
قبوليائون ڪرسي لئه، هر زلالت ذلت
ان پر آهي مت، موڙهي مدارين جي
********
ڏسو آهن ڏيھ ۾، ڪل ماروئڙا مجبور
چونڊيائون چاھ مان، ٿيا اهي ئي اکپور
باطل سان ڀيڙا، ڪن سدائين ڪلور
دلئون ڪري دور، احساسن اخلاق کي
********
احساسن اخلاق کي، هُنِ تان ڇڏيو هاڻ
قبوليون قهر هي، ڪيئن پوئتي رهي پاڻ
مورڙي جي ماڳن تي، روزانو رت ڇاڻ
ڪين ڇڏبا ڪڏهن، پنهنجا ويڙھ وٿاڻ
ڏيو ساٿ سڄاڻ، ملي مظلومن جو
********
ملي مظلومن جو، ڪريو ڪوئي داد
هلي ڪوس هتڙي، ڀيانڪ بيداد
ڪبا ويهي ڪيترا، نت فغائون فرياد
باطل کي برباد، ڪريو ٻل ٻڌي سان
********