جواب: تازه ترين ۔۔۔
ادا سائين اهو ڪم به ڀلو ڪيو اٿوَ ۔۔۔ اسانجي دين جا دشمن، اسانجا دشمن ۔۔۔ پر هڪ ڳالهه مون محسوس ڪئي آهي ته اهي سچ جا دشمن جيترو الله ۽ الله جي رسول جي مخالفت ۾ تيز ٿين ٿا اوترو اسلام جو جهنڊو بلندي ٿئي ٿو ۽ دنيا جا ماڻهون اسلام طرف راغب ٿين ٿا ۔۔۔ ماڻهون ان ڳالهه تي سوچڻ تي مجبور ٿين ٿا ته آخر اهو ڪهڙو انسان آهي جو 1400 سالن گذرڻ کانپو به ماڻهون ان جي مخالفت ڪنٿا ته ڇو؟ ۽ جڏهن ان ڳولها ۾ اسلام جي ويجهو اچنٿا ۽ رسول جي سيرت کي پڙهن ٿا مسلمان ٿيڻ کان رهي نٿا سگهن۔
منهنجي اها دعوا آهي ته ڪوبه انسان قرآن کي کليل دماغ سان پڙهندو ته الله جي ڪلام جي حقيقت مٿس واضح ٿي ويندي ۽ هو اسلام ۾ ضرور داخل ٿيندو يا وري هو اسلام جي مخالفت کان پاسيرو ٿي ويندو۔
رب زدني علماء ۔۔۔ اي الله اسانجي علم ۾ اضافو فرما ۔۔۔ آمين