تازه ترين ۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    فيس بوڪ تي توهين آميز خاڪن کان پوءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پنهنجو فيس بوڪ گروپ ۽ فيس بوڪ پيج کي ٻئي اعلان تائين بند ڪيو پيو وڃي۔۔۔ دوستن کي آگاهي ڏيندو هلجي ته سنڌسلامت فيس بوڪ گروپ جي مداحن جو تعداد 960 جڏهن ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام فيس بوڪ پيج جي مداحن جو تعداد 153 هيو۔۔۔
    فيس بوڪ انتظاميه کي اهڙي قسم جو اطلاع بذريعه انٽرنيٽ موڪليو ويو آهي۔۔۔

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تازه ترين ۔۔۔

    ادا سائين اهو ڪم به ڀلو ڪيو اٿوَ ۔۔۔ اسانجي دين جا دشمن، اسانجا دشمن ۔۔۔ پر هڪ ڳالهه مون محسوس ڪئي آهي ته اهي سچ جا دشمن جيترو الله ۽ الله جي رسول جي مخالفت ۾ تيز ٿين ٿا اوترو اسلام جو جهنڊو بلندي ٿئي ٿو ۽ دنيا جا ماڻهون اسلام طرف راغب ٿين ٿا ۔۔۔ ماڻهون ان ڳالهه تي سوچڻ تي مجبور ٿين ٿا ته آخر اهو ڪهڙو انسان آهي جو 1400 سالن گذرڻ کانپو به ماڻهون ان جي مخالفت ڪنٿا ته ڇو؟ ۽ جڏهن ان ڳولها ۾ اسلام جي ويجهو اچنٿا ۽ رسول جي سيرت کي پڙهن ٿا مسلمان ٿيڻ کان رهي نٿا سگهن۔
    منهنجي اها دعوا آهي ته ڪوبه انسان قرآن کي کليل دماغ سان پڙهندو ته الله جي ڪلام جي حقيقت مٿس واضح ٿي ويندي ۽ هو اسلام ۾ ضرور داخل ٿيندو يا وري هو اسلام جي مخالفت کان پاسيرو ٿي ويندو۔
    رب زدني علماء ۔۔۔ اي الله اسانجي علم ۾ اضافو فرما ۔۔۔ آمين
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تازه ترين ۔۔۔

    سائين اسان کي انهيءَ ڳالهه جي اميد هئي ڇو ته سائين نثار جي ڳالهه وانگر اسان کي پنهنجي دين کان وڌيڪ ڪابه شئي عزيز نه آهي۔۔۔
     
  4. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: تازه ترين ۔۔۔

    بهترين قدم.
     
  5. مظهرعلي

    مظهرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2010
    تحريرون:
    206
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Dadu
    جواب: تازه ترين ۔۔۔

    [​IMG]
     
  6. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    جواب: تازه ترين ۔۔۔

    جئين ته هي اسلام جا دشمن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سا ن اسلام کي نقصان پهچائڻ چاهن ٿا۔ انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاء تما م مسلم امه جو هڪ پليٽ فارم تي گڏجڻ تمام ضروري آهي۔ ان لاء نه فقط فيس بڪ پر اسلام ۽ تمام مسلمانن خلاف ٿيندڙ عملن تي احتجاج ڪري بائيڪا ٽ ڪيو وڃي۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تازه ترين ۔۔۔

    سائين توهان جي ان قدم جي حمايت ۽ ساراه ۾ شامل
     
  8. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: تازه ترين ۔۔۔

    فيس بڪ تي بندش جا نقصان





    چيو وڃي ٿو ته انٽرنيٽ دنيا کي بدلائي وڌو آهي، جتي انٽرنيٽ دنيا ڀر جي انسانن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو آهي، هڪٻئي جي سماج، ريتن رسمن، تاريخ کي سمجهڻ جو موقعو ڏنوآهي، اتي ڪاروبار کان ويندي تعليم تائين انساني زندگيءَ جي هر پهلو تي اڻ مٽجندڙ اثر پڻ ڇڏيا آهن. جتي انٽرنيٽ جا انساني زندگيءَ تي بي انتها ٿورا آهن، اتي انٽرنيٽ کي چند فڏائي ماڻهو دهشتگرديءَ کان وٺي انساني جذبن کي هاڃو رسائڻ لاءِ به استعمال ڪن ٿا ۽ اهڙن شرپسند ماڻهن جي ڪري انٽرنيٽ جي دنيا ۾ هڪ محشر برپا ٿيو آهي. اربع، 19 مئي 2010ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پاڪستان ۾ “فيس بڪ“ تي پابندي مڙهي وئي آهي. فيس بڪ دنيا جو مشهور ترين سماجي نيٽ ورڪ ويب سائيٽ آهي ۽ سڄي دنيا ۾ تقربن 400 ملين ماڻهو اها ويب سائيٽ استعمال ڪن ٿا. پاڪستان ۾ 20 لکن کان به وڌيڪ ماڻهو پنهنجن دوستن ۽ گهروران سان ڳانڍاپي لاءِ، ڪاروبار ڪرڻ لاءِ، تقريبون منعقد

    ڪرائڻ لاءِ ۽ پنهنجون تصويرون ۽ خبرون ٻين سان ونڊڻ لاءِ فيس بڪ کي استعمال ڪن ٿا.

    اها حقيقت آهي ته انٽرنيٽ تي سائيٽن کي نفرت جي پرچار لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، ڪي ڏفير ماڻهو انساني سماج ۾ فتنو ۽ فساد ڪرائڻ لاءِ هر وقت آتا رهن ٿا ۽ نفرت پکيڙيندڙ حرڪتون ڪندا رهن ٿا پر ڪنهن مخصوص فرد جي ڪنهن ڏکوئيندڙ عمل کي جواز ڄاڻائي ڪنهن به قسم جي ڄاڻ تائين رسائي تي پابندي هڻڻ جو ڪو به حق حاصل ناهي. هر شهري کي ڪنهن به قسم جي ڄاڻ تائين پهچڻ جو پورو حق حاصل آهي ۽ فيس بڪ، يوٽيوب، وڪي پيڊيا ۽ فلڪر تي پابندي هڻي ماڻهن جي ان بنيادي حق تي ڌاڙو هنيو آهي. ان عمل جو پاڪستان تي ايندڙ وقت ۾ ڏاڍو خراب اثر پوندو خاص طور تي لاتعداد ننڊن ننڊن ڪاروبارن، هوٽلن، ميگزينن وغيره هلائيندڙ اهڙي سخت قدم کڻڻ جي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿيندا.

    اها ڳالهه به اهميت جي جوڳي آهي ته فيس بڪ جتي سڄي دنيا جي انسانن کي ڳنڍيو آهي، اتي فيس بڪ نه فقط سنڌي سماج ۽ خاص طور تي سنڌ جي نوجوان طبقي کي هڪٻئي سان پڻ سلهاڙي ڇڏيو آهي پر فيس بڪ ذريعي سنڌي نوجوان سنڌ جي حقن جي حاصلات کان وٺي، سنڌ جي ٻوليءَ، ثقافت، تاريخ ۽ ادب کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

    اڄ جڏهن انسان بک بدحالي، غربت، نسلي انتهاپسندي، چورين، ڌاڙن ۽ قتل جهڙن انيڪ مسئلن ۾ ڦاٿل آهي اتي فقط پاڪستان ۾ فيس بڪ، يوٽيوب، وڪي پيڊيا ۽ فلڪر تي پابندي هڻڻ ماڻهن جي حقيقي مسئلن ڏانهن ڌيان هٽائڻ کان وڌ ڪجهه به ناهي.
     
  9. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: تازه ترين ۔۔۔

    هاڻ ته هلي رهيو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو