ڀٽائي وٽ تصوف ۽ سماج جا ناتا

'سنڌي ادب' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڊاڪٽر مخمور بخاري

    تصوف جي حقيقي تشريح مختصر طور اها ڪري سگهجي ٿي ته اسان فرد سان فرد جي حسن اخلاق جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان وقت اهو ياد رکڻ گهرجي ته اهو جذبو/رويو ان صورت ۾ ئي پيدا ٿيندو جڏهن انسان جي اندر جا سمورا بت/ انائون/خودغرضيون/ مفاد پرستون/ لالچ/حرس/هوس/ ٻيائي/ خودي/ ختم ٿي وينديون ۽ اسان جو اندر ڪنهن ابهم ٻار جيان پاڪ ۽ صاف ٿي ويندو ۽ اهو ڏکيو ضروري آهي پر ناممڪن نه! ان مقام/منزل تي پهچن لاءِ هڪ ڊگهو سفر ڪرڻو پوي ٿو جيڪو فرد پنهنجي اندر ۾ ڪري ٿو، ان سفر دوران انسان کي معلوم ٿئي ٿو ته کيس هڪ ئي وقت تي نفس ۽ مذهب جي قيد ۾ جڪڙيو ويو آهي. يعني کيس خواهشن جو مجموعو بڻائي مٿس الهامي قائدا قانون مقرر ڪيا ويا آهن ته ان حالت ۾ کيس قدرت واري جي طرفان عقل/ شعور به عطا ڪيو ويو آهي. مقصد ته انسان کي هن دنيا ۾ اهڙي ريت رهڻ لاءِ چيو ويو آهي جو پاڻي ۾ ٽپڻ کان پوءِ به پنهنجو پاند پسائڻو ناهي. اهڙو اظهار ڀٽائي گهوٽ ڪندي چئي ٿو:

    مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،

    اُڀا ائين چون، ته مڇڻ پاند پسائين.

    اسان جڌهن تصوف جي ڳالهه ڪيون ٿا. صوفي جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان وقت اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته تصوف ڪو جدا مذهب، يا ڪنهن مذهب جو فرقو يا نظريو ناهي بلڪ اهو رويو آهي۽ اهو رويو تڏهن ئي قائم ٿي سگهي ٿو، جڏهن صوفي سماج اندر مڪمل سماجي زندگي بسر ڪري ڇاڪاڻ ته جيستائين توهان پاڻي ۾ رهندئو ڪونه ان وقت تائين ان پاڻي جي گهرائي جو ڪاٿو لڳائي نه سگهندو، سو اهڙي ريت صوفي کي سماج کان پري سمجهڻ سراسر غلط فهمي آهي. لطيف سائين جي ڪلام ۾ اسان کي اهو نظر اچي ٿو ته هو هڪ بهتر انسان/ اعليٰ آدرش واري انسان جي ڳولا ڪري ٿو. هو چاهي ٿو برابري – هو چاهي ٿو امن، هو چاهي ٿو سُک/سهپ، هو چاهي ٿو رواداري، ڀائيچارو، هو چاهي ٿو محبت، خلوص، پيار، هو چاهي ٿو ٿو احترام، عزت، مان، مرتبو تنهنڪري اهڙي فرد جي ڳولا ڪري ٿو، جنهن جو اندر انائن کان خالي هجي جيڪو اوديا دشمن وديا پرست هجي، جيڪو مايا جي موهه کان آجو هجي، جيڪو سونهن ۽ سچائي جي واٽ تي هلي. اهڙي فرد ڏانهن اشارو ڪندي لطيف سائين چئي رهيو آهي:

    جان، جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه نماز،

    سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چئو.

    هاڻ اهي سڀ ساز ڪهڙا آهن ۽ وجود وڃائڻ ڇاهي، اهي ساز آهن انائون، خودي ۽ اهي ئي بنيادي ويري آهن انسانن ۾ فتني ۽ فساد جا، دنيا ۾ جهيڙو يا ته زرتي آهي يا زن تي. معنيٰ لالچ ۽ هوس فتني ۽ فساد جا سبب آهن ۽ ڀٽائي انسان کي انهن انسان دشمن بنيادي عنصرن کان خود محفوظ رکڻ جو درس ڏيندي چئي رهيو آهي:

    سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،

    سپريان سين سوڀ ننڊون ڪندي نه ملي.

    ” سڀ ننگيون ٿي نڪرو“ ننگو پڻ يعنيٰ اگهاڙپ، يعنيٰ جيڪو ڪجهه اڳي ظاهر هجي. هت ڀٽائي جيڪو ”ننگيون“ يا ننگي جو استعارو استعمال ڪيو آهي، ان جو مقصد آهي ته سڀ ڪجهه ڇڏيو. پاڻ مان لالچ، لوڀ، ٺڳي، حرس، هوس ۽ ٻيا سمورا انسان دشمن جذبا ۽ ڪيفيتون پاڻ مان مٽائي پوءِ نڪرو ڪنهن به مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ اهائي حالت آهي جنهن کي اسان وجود، وڃائڻ جي ڪيفيت چئي سگهون ٿا.

    تصوف ۾ ”وجود“ هڪ وڏو، اصطلاح آهي جنهن جو لب لباب اهو آهي ته ڪا شئي جيڪا هجي ۽ رهي. يعني اها شئي ذات واحد ئي ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هر شئيءَ ٺهڻ کان پوءِ ڊهڻ ڏانهن وڌي ٿي ۽ نيٺ پنهنجي پهرئين واري صورت تبديل ڪري ٿي، مقصد ته ذات مطلعق ئي هڪ وجود آهي. جيڪو دائمي رهڻو آ. جڏهن ڪجهه به نه هو تڏهن به هڪ الله هو ۽ پوءِ ان ئي جُز مان ڪُل بڻايو ۽ جڏهن ڪجهه به نه هوندو تڏهن به هڪ الله ئي رهندو. تنهن ڪري لطيف سائين انسان کي وجود وڃائڻ جي صلاح ڏني آهي يعني جيستائين انسان جي پُتلي ۾ مُان، ”رهندي ان وقت تائين هو“ ان ۾ سمائجي نه سگهندو، جيستائين انسان جا اوصاف نه بدلبا ۽ ان وقت تائين يقينن اهو انسان عرفان ۽ اعليٰ شعور جي حد تائين پهچي نه سگهندو ته پوءِ ان مان ساري مخلوق جي بهتري ۽ ڀلائي واري ڪهڙي توقع رکي سگهجي ٿي، تنهن ڪري ڀٽائي وجود وڃائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ساڳي وقت اهو به ياد ڪرائي رهيو آهي ته اسان جي سمورين عبادتن جو روح نيت، جي سچائي ۽ خلوص آهي. من ۾ جي ڪدورتون هجن، نفرتون، حسد، ساڙ، ڪينو هجي ته پوءِ اسان جي هنن عبادتن جو روح ته باقي نه رهندو. ڇاڪاڻ ته عبادت فقط هڪ خاص عمل ناهي بلڪ ان لاءِ بندي جو اصل جذبو ۽ گهرائي جو هجڻ، اوتروئي لازم آ جيترو ڪنهن مخصوص وقت تي عبادت جو عمل ڪرڻ ڀٽائي سائين چئي ٿو:

    روزا ۽ نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،

    او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي.

    هاڻ اهو ”ٻيو فهم“ آهي حقوق العباد، بندي جا بندي تي حق، ڀٽائي سائين جي خيال موجب ” پرين“ کي ٻئي فهم سان ئي پسي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو ٻيو فهم ئي اسان جي سمورين عبادتن جو روح آهي. جڏهن اهو روح فوت ٿي وڃي ته پوءِ گمراهه مخلوق کي ان طرف سوچڻ گهرجي ته ڪهڙي ريت ان اصل حقيقيت تائين پهچي سگهجي ٿو. ڀٽائي سائين جي ڪلام ۾ اسان کي ان مقصد تائين پهچڻ جا رستا ملن ٿا. لطيف سائين چئي ٿو:

    نابودي ننئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،

    مُورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي،

    ڪجي اُت ڪيهي؟ ڳالهه پريان جي ڳجهه جي،

    ”نابودي نيئي“ يعني پنهنجي هستي کي مٽائي، عبد کي اعليٰ ڪرڻ واري اصطلاح مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته انسان ڪائنات ۾ اها ساهدار مخلوق آهي جنهن جي حصي ۾ شعور جي نعمت آئي آهي. انسان بنيادي طرح لاتعداد طاقتن جو مجموعو آهي. هر طرح سان فطرت سان ڳنڍيل آهي ۽ ڪائنات ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين سان پڻ انسان سڌي اڻ سڌي طرح جڙيل آهي، اهڙي ريت کيس ٿيندڙ واقعن بابت پڻ وقت کان اڳ خبر پئي ٿي ته هو پنهنجي شعور جي سگهه سان ان کي ڪيتري حد تائين سمجهي سگهي ٿو. اهو ته ان جي ادراڪ جي سگهه ئي فيصلو ڪندي.

    مثنوي منطق الطير ۾ سالڪ کي حقيقت تائين پهچڻ جون ست منزلون ڏسيون ويون آهن. اهو سفر بندي جو ٻاهر کان شروع ٿي پنهنجي اندر ختم ٿئي ٿو يعني سالڪ جڏهن استعنا/لاتعلقي اختيار ڪري ٿو ته اها لاتعلقي هن جي ٻاهر جي دنيا سان آهي. جڏهن سالڪ پنهنجو تعلق ٻاهر جي دنيا سان ٽوڙي ٿو ته هو پنهنجي اندر جي دنيا ڏانهن سفر شروع ڪري ٿو. ان سفر ۾ هن کي جن ڪيفيتن مان گذرڻو پوي ٿو اهي آهن عشق، معرفت، توحيد/ وحدانيت، حيرت، مستي، فنا، بقا. هنن ڪيفيتن کي تصوف جي اصطلاح موجب منزلون يا ڏاڪا به چئي سگهجي ٿو. هي بنيادي طرح ذهن جي ڪيفيتن جون حالتون آهن. فرق آهي شين کي هڪ مختلف ڏسا ۾ ڏسڻ جو، جنهن کان پوءِ انسان جي ذهني حالت تبديل ٿي وڃي ٿي. هن سفر جي ابتدا ۾ ڪجهه ڏکيائون اچن ٿيون. جڏهن مالڪ ٻاهر جي دنيا سان تعلق ٿوڙي ٿو ته مٿس دنيا جي ظاهري ڪشش وڌيڪ پر ڪشش بڻجندي وڃي ٿي، حرس، هوس جي هڪ لهر کيس هر طرح کان لوڏي پنهنجي اصل مقصد تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ان وقت سالڪ کي پنهنجي پوري صلاحيت سان پنهنجي اندر جي سفر تي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ هر طرح سان ثابت قدم رهڻو اٿس. هي سفر انسان جي ذهني ڪيفيتن جو سفر آهي جنهن جي نتيجي ۾ سوچ جو محور ”جز“ کان ”ڪل“ ڏانهن وڌي ٿو. اهڙي ريت انسان جي اندر هڪ روشنائي پيدا ٿئي ٿي يعني ڪائنات اندر هو پنهنجي حيثيت، اهميت ۽ ذات واحد سان پنهنجي تعلق بابت ڏاڍو چٽو سڌو سنئون سوچي ٿو ۽ راءِ قائم ڪري ٿو. اهڙي طرح هو ان نقطي کي سمجهي وٺي ٿو، سندس حقيقت هڪ ”جز“ کي جيڪو ڪائنات ۾ بنهه ننڍڙي حيثيت رکي ٿو، اهو ”محل“ ۾ واپس سمائجڻ سان پنهنجي ارتقائي سفر جي اختتام تي پهچي هڪ نئين صورت اختيار ڪري ٿو، يعني هو ”ڪل“ ۾ جذب ٿي پاڻ کي ڪل ڀانئي ٿو اهو ان طرح آهي ته ڀاڻيءَ جو هڪ قطرو جيستائين سمنڊ جي وشال پاڻي کان ٻاهر آهي، ان جي حيثيت نظر اچي ٿي پر جڏهن اهو ئي قطرو سمنڊ ۾ واپس ملي وڃي ٿو ته ان جي پنهنجي حيثيت قائم نه ٿي رهي. ڀٽائي ”جز“ (انسان) جو ڪل (ذات واحد) ۾ ان طرح سمائجڻ واري ڪيفيت/حالت کي هن طرح ٿو ظاهر ڪري:

    سمر نه جنين ساڻ، هوت حمايتي تن جو،

    ڇنا اڏباڇپرين، ايندو پنهون پاڻ،

    ٿيندي روح رهاڻ، لحظي ۾ لطيف چئي.

    بندي جو هي سفر کيس بٺيءَ ۾ پڇائي پڪو/مضبوط حوصلن ۽ وسيع سوچ وارو بڻائي ٿو. هي مرحلو ڏکيو، ٿڪائيندڙ ۽ منجهائيندڙ ضرور آهي پر جڏهن باهه جو سمنڊ ٽپي اچي ٿو ته کيس سڄي ڪائنات روشنيءَ جي هڪ ڪرڻي جيتري محسوس ٿئي ٿي، جيڪو ڪرڻو پنهنجي اندر جي انتها وشالتا رکي ٿو ۽ ان حالت ۾ کيس هر طرف ان ذات مطلعق جو نور ئي نور نظر اچي ٿو:

    سو هيءُ، سوهُو، سو اجل سو الله،

    سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهرو.

    لطيف سائين بنيادي طرح ڪامل انسان جي ڳالهه ڪئي آهي. اهڙو ڪامل انسان جيڪو پنهنجي ذات مان ڏيئي جيان ٻين لاءِ روشني پيدا ڪري ۽ اهڙو انسان تڏهن ئي جڙي سگهي ٿو جڏهن انسان پنهنجي هستي جو ڪوٽ ڊاهي پنهنجي حقيقيت يا حيثيت کي سڃاڻي ٿو ۽ جڏهن انسان ان رتبي/مرتبي تي پهچي ٿو تڏهن ئي منجهس پيدا ٿيل اعليٰ اوصاف کيس عرفان جي رستي ڏانهن وٺي وڃن ٿا، پر ان سموري سفر ۾ انسان ۾ پاڻ ارپڻ، تڙپ، جستجو، عاجزي، سوچ جي پختگي، مقصد جو اٽل رهڻ ۽ خود ثابت قدم رهڻ جهڙن عنصرن ۽ جذبن جو هجڻ به لازم آهي. سر سسئي ۾ لطيف سائين ثابت قدم رهي مقصد تائين پهچڻ واري حالت کي ڪجهه هن طرح چٽيو آهي:

    پيرين پيم پُرڪڻا، رهه ۾ گهڻو رنوم،

    پاراتو پرين کي، تپي تان نه ڏنوم،

    چُڪي تي چيوم، ”سواهرو“ سڄڻين.

    ساڳي ريت ”سورٺ راءِ ڏياچ“ واري سُر ۾ عاجزي، مقصد سان پختو رهڻ ۽ قول پاڙڻ جهڙن بنيادي جذبن کي لطيف سائين پينٽ ڪيو آهي، هڪ هنڌ اهڙي ڪيفيت کي بيان ڪندي چئي ٿو:

    نرتي تند نيازسين، ٻيجل ٻرائي،

    راجا رتولن ۾، ورنائي وائي،

    ڪوٺايائين ڪوٽ ۾، ٻارٽ ٻاجهائي،

    رجا راڳائي، هر دوئي هيڪ ٿيا.

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ اسان کي اهڙا کوڙ سارا خيال ملن ٿا، جن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته ڀٽائي سائين سنڌ جي انسان دوست تصوف جو قائل آهي. هن وٽ مجذو بيت، تصوف جو نالو ناهي پر هو فرد جي بنيادي حقن ۽ فطرت طرفان ان جي مقرر ٿيل رتبي ۽ مرتبي جو قائل آهي، تنهن لاءِ هو هڪ وطن دوست ۽ وقت شناس صوفي جيان اهو به چئي ٿو ته پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ مزاحمت ڪر. ويڙهه ڪر ۽ پنهنجو حق حاصل ڪري سو ڀارو ٿي:

    سورهيه! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،

    هَڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،

    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

    هن بيت ۾ جيڪو ويڙهه جو درس ڀٽائي ڏئي رهيو آهي اهو ڪائنات ۾ فرد جي مقرر ٿيل رتبي ۽ درجي جي مان ۽ شان جي سڃاڻپ لاءِ آهي ڇاڪاڻ ته انسان ڪائنات جي ٻين سمورين مخلوقات ۾ اتم ۽ اعليٰ خلقيو ويو آهي. ان جو مان اهو نه آهي ته هو انسان جو ئي غلام بڻجي. هن کي پنهنجي تن ۽ من سان جيڪڏهن جهڪڻو آهي ته فقط خدا جي آڏو!! آدم جي بوتي کي الله تبارڪ و تعاليٰ ملڪن کان سجدا ڪرايا آهن يعني مٽي جو مان هر طرح اعليٰ آهي. ان جي رتبي بابت خدا تعاليٰ پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ فرمايو آهي:

    ”انجير ۽ زيتون جو قسم آهي ۽ طورسينا جو هن امن واري شهر (مڪي) جو ته بيشڪ ماڻهو کي تمام سهڻي انداز ۾ پيدا ڪيوسين“ (سورته التين، آيت نمبر 4-3-2-1) ترجمو: مولانا تاج محمد امروٽي) ۽ ان خوبصورت ڪري پيدا ڪيل انسانن کي الله تعاليٰ ”امانت“ سپرد ڪئي. سورته الاحزاب ۾ اچي ٿو:

    ”اسان آسمانن، زمينن ۽ جبلن کي (اسان جي) امانت کڻڻ جي آڇ ڪئي، مگر هنن انهيءَ امانت جي بار کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان بار کڻڻ کان ڊڄي ويا ( ته متان امانت جي پورائي نه ڪري سگهون ۽ خدا جي عذاب هيٺ اچون) پر انسان اهو امانت جو بار پنهنجي سر تي کنيو. هو بيشڪ بي انصاف ۽ جاهل آهي“ (آيت 37- ترجمو: علامه علي خان ابڙو)

    الله انسان کي ڪهڙي امانت ڏني. جيڪا ان کان پهرئين آسمان زمين ۽ جبل نه کڻي سگهيا؟ انسان کي شعوري ساڃاهه، سمجهه ڏئي زمين تي موڪليو ويو، مٿس جيڪي الهامي قائدا عائد ڪيا ويا يا جيڪي عبادتون مٿس مقرر ڪيو ويون يا هو پنهنجي مشاهدي سان ڪائنات جي راز کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ان جي بدلي سندس اندر ۾ نور جو شماع پيدا ٿئي ٿو. جنهن سان سندس ڪائنات ۾ حيثيت به تبديل ٿي وڃي ٿي ته هو به شين بابت جدا انداز مان ڏسڻ شروع ڪري ٿو.

    هن حالت ۾ يقينن انسان جي عظمت اعليٰ آهي. هاڻ ڪهڙي ريت شاهه سائين جهڙو ڪامل انسان، انسان کي پنهنجي حيثيت مرتبي کان هيٺ لهڻ، خدا کان سواءِ ٻئي جي آڏو جهڪڻ يا ان جي غلامي قبول ڪرڻ جهڙي ناگوار عمل جي حمايت ڪري سگهي ٿو. ڀٽائي اعليٰ اوصاف واري ان انسان جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪو پنهنجو مان، مرتبو سڃاڻي ڪائنات ۾ مقرر ٿيل پنهنجي حيثيت سڃاڻي:

    جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام،

    گولاجي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام،

    صبر جي شمشير سين، ڪر ڪيني کي قتلام،

    ته نانگا تنهنجو نام، لکجي لاهوتين ۾.

    ڀٽائي انسان جي عظمت جو قائل آهي هو سچ، سونهن، سرت جو قائل آهي ڇاڪاڻ ته هي ٽئي شيون انسان کي ان درجي تي فائز ڪن ٿيون جيڪو ان جو اصل مقام آهي ۽ جيڪو شخص انهن شين کان پري رهي ٿو اهو پنهنجي ساڃاهه وڃائي جهالت جي اونداهي غار ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو. اهڙي شخص جو عمل پوري عالم انسانيت لاءِ ڏکائيندڙ ثابت ٿئي ٿو. هو وديا دشمن اوديا پرست بڻجيو پوي. هو اهنسا جي بجاءِ عدم اهنسا جو حامي ٿيو پوي ۽ اهڙي حالت ۾ هي دنيا جيڪا امن، سک، سچ، پيار لاءِ خلقي وئي آهي اها انسانن لاءِ دوزخ جو آڙاهه بڻجي پوندي. اڄ جيڪي حالتون دنيا ۾ امن جي حوالي سان نظر اچون ٿيون اهي انهن حالتن جو نتيجو آهن جن ۾ اسان سونهن، سڳنڌ، سرهاڻ، سچ، الله جي وحدانيت کي ڇڏي چڪا آهيون، اسان جي ذهنن ۾ اها ڳالهه سمائجي چڪي آهي ته دنيا کي ائٽم سان فتح ڪري سگهجي ٿو، پر اسان کان اهو وسري ويو آهي ته هڪ دل کي محبت سان ئي فتح ڪري سگهجي ٿو ۽ هٿيار سان خوف پيدا ڪري سگهجي ٿو پر ڪنهن جي ذهن ۽ دل جو فاتح نه ٿو بڻجي سگهجي!!

    اسان ۾ ڪاهي پيل حرص ۽ حوس جهڙا درندهه جذبا اسان مان پيار جهڙي ڪومل احساس کي ختم ڪري ڇڏين ٿا. ڀٽائي جو فڪر ۽ فلسفو اهڙين حالتن ۾ اسان جي اڄ به رهنمائي ڪري رهيو آهي هو اڄ به اسان کي پنهنجو ڀليل دڳ يادڪرائي رهيو آهي. هو اڄ به اسان کي سونهن، سرت، ساڃاهه جي اجري دنيا ڏانهن سڏي رهيو آهي. هاڻ اسان کي ان سڏ کي ورنائڻو آهي. اهو سڏ جيڪو ڀٽائي پنهنجن لفظن ۾ هن طرح ڏئي رهيو آهي:

    اي نه ڀانن ڀير، جئن ڪيري ٽنگيو ڪنيرو،

    سونهاري صبوح سين وجهي ويٺين وير،

    توکي چوندو ڪير، ڪيرت ڌاران مڱڻو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    تصوف جي بهترين تشريح
     
  3. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    واه. واه. واقعي سج کاري هيٺان لڪي نٿو سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو