اريشا بلوچ
مون نه ٿي ڄاتو ته
پيار ڇا ٿيندو آ..!!؟
پر جڏهن کان ٿيس قيدياڻي
پيار تنهنجي جي
تڏهن کان بس الائي ڇو
هي اکين مان لڙڪ
جاري هن,
هي ٿڌڙا ساهه
۽ سوچون
هي خيال تنهنجا
۽ بس تون
هي راتين جون ننڊون مٺڙيون
هي اوجاڳا ۽ اوسيئڙا
او منهنجا ساهه جانيئڙا
ڪٿي مان وڃائجي وئي
آهيان شايد
۽ توکان وسري وئي
آهيان شايد
تون ڪڏهن ملندين...!!؟
تون ڪڏهن ايندين...!!؟
تڏهن ايندين شايد
جڏهن
او سر ساه جا مالڪ
مان توکان گهڻو
پري هلي وينديس.
مون نه ٿي ڄاتو ته
پيار ڇا ٿيندو آ..!!؟
پر جڏهن کان ٿيس قيدياڻي
پيار تنهنجي جي
تڏهن کان بس الائي ڇو
هي اکين مان لڙڪ
جاري هن,
هي ٿڌڙا ساهه
۽ سوچون
هي خيال تنهنجا
۽ بس تون
هي راتين جون ننڊون مٺڙيون
هي اوجاڳا ۽ اوسيئڙا
او منهنجا ساهه جانيئڙا
ڪٿي مان وڃائجي وئي
آهيان شايد
۽ توکان وسري وئي
آهيان شايد
تون ڪڏهن ملندين...!!؟
تون ڪڏهن ايندين...!!؟
تڏهن ايندين شايد
جڏهن
او سر ساه جا مالڪ
مان توکان گهڻو
پري هلي وينديس.