نثارابڙو
نائب منتظم
مبارڪون فقير سائين ... لک مبارڪون
هن اڱڻ جي دوست، سنڌ سلامت جي سڄڻ ساٿي، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان چاهه رکندڙ ۽ پنهنجي فقيري گودڙيءَ مان سهڻا لال ڪڍي دوستن کي پيش ڪرڻ واري ڦلپوٽي فقير کي 3000 بي بها لکڻيون ونڊ ڪرڻ تي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو ....
دوستو! اسانجو هو فقير اهڙن الستي فقيرن مان آهي جنهنجي قلم اسان سڀني کي اتساهيو آهيو، اسان سڀني جي لکڻين تي نظر رکي آهي ۽ جڏهن به اسانکي ڪا تڪليف ٿي آهي ته هي دوست هڪ ماهر استاد جيئان اسانجي رهنمائي ڪرڻ لئه حاضر هوندو آهي .... ۽ حال پريان نال واري مقولي تي عمل ڪندي پنهنجا سڀ گر اسان جهڙن چيلن کي ارپيندو آهي.
سلام دوست، پنهنجي قوم لئه، پنهنجي ٻولي لئه، پنهنجن دوستن لئه ، سنڌ سلامت جي ساٿين لئه پاڻ کي هميشه سامهون رکي تو اهو ثابت ڪيو آهي ته اوهانجي اندر ۾ هڪ تمام سلڇڻو انسان موجود آهي جيڪو هر حال ۾ غريبي هجي يا گودڙِي خالي هجي پر پوءِ به دوستن سان حال ۾ هميشه حاضر رهڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو آهي .
دوست فقير هن پرديسي نثار جي حرم پاڪ جي دامن ۾ ويهي اوهانکي دعا آهي ته ” هن ڪائنات جو خلقيندڙ توکي ڪڏهن به ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاري ۽ اوهانجي اولاد کي نيڪ ۽ فرمانبردار بڻائي ۽ اوهانجي پوري خاندان کي خوشين جي خزانن سان ٽمٽار رکي ... آمين