• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مبارڪون فقير سائين ... لک مبارڪون

جواب: مبارڪون فقير سائين ... لک مبارڪون

فقير سائين،
بابا وڏو آهين، فقير آهين، سر جو سائين آهين،
پر منهنجي طرفان مبارڪباد شرطيه آهي۔۔ منهنجي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ لاء جيڪو نعرو"proud to be pakistani" پنهنجي صٍحيح ۾ شامل ڪيو آهي، جيڪڏهن اهو هٽائي ڇڏيو ته لک مبارڪون، جيڪڏهن نه هٽايو ته هڪ به مبارڪ نه۔۔

ٻروچ تي ڪاوڙ نه ڪجو بابل۔۔ مسڪين جو انداز بيان ڪافي رُکو هوندو آهي۔۔

واه مسڪين واه توهان جي چوڻ جو انداز مون کي ڏاڍو وڻيو بهرحال مان کي ته پنهنجي پاڪستان تي فخر آهي ۽ رهندو باقي توهان جي مبارڪ باد حاصل ڪرڻ لا۽ فلحال ان کي هٽايان ٿو جيئن ئي مونکي مبارڪ باد ملي ته وري هڻي ڇڏيندس
:d:d:d:d
 
جواب: مبارڪون فقير سائين ... لک مبارڪون

واه مسڪين واه توهان جي چوڻ جو انداز مون کي ڏاڍو وڻيو بهرحال مان کي ته پنهنجي پاڪستان تي فخر آهي ۽ رهندو باقي توهان جي مبارڪ باد حاصل ڪرڻ لا۽ فلحال ان کي هٽايان ٿو جيئن ئي مونکي مبارڪ باد ملي ته وري هڻي ڇڏيندس
:d:d:d:d

سائين بادشاهه، توهان جون مهربانيون۔۔ لک لک ڀلايون۔۔ لک لک مبارڪون۔۔
فقير سائين، پنهنجن ۽ پيارن سان حجتون ڪبيون ۽ دوستن سان ئي اندر جون ڳالهيون ڪبيون۔۔

شاهه سائين جي شعر مطابق
ڳجهه ڳجهاندر ڳرهين

باقي هر ڪنهن کي ڪو نه چئبو ته توهان پاڪستاني تصبيح نه پڙهن۔۔

توهان لاء عرض آهي ته پاڪستان تي فخر ڪرڻ سان گڏ ان جي حقيقت ۽ اصليت جي معلومات حاصل ڪرڻ لاء به ڪجهه هٿ پير هڻو۔۔ ڪجهه ڪتاب پڙهو، توهان تي‌ ڪافي راز آشڪار ٿيندا۔۔

۽ جي نه، هروڀرو پيارو پاڪستان تي زور آ ته پوء منهنجي هڪ صلاح مڃو، پنهنجو نالو مٽائي، "فقير پاڪستاني" رکي ڇڏيو، ڪافي پُرڪشش لڳندو۔۔

ٻروچ
مقبوضه سنڌ
 
جواب: مبارڪون فقير سائين ... لک مبارڪون

سائين مٺا اسان مسڪينن طرفان به ڦلپوٽي فقير کي دل جي تمام گهراين سان نرمل پاران ۽ سموري سنڌ سلامت سٿ پاران مبارڪون پيش ڪيون ٿا۔ سائين جيئن ته منهنجا ايم اي جا امتحان هلي رهيا هئا تنهن ڪري دوستن کي الاهي مس ڪيوسين خير هاڻي امتحان مڪمل ٿي چڪا آهن، وري سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اچي حاضر ٿيا آهيون۔ حق
 
توهان جون مبارڪون فقير جي اکين تي

الله سائين ڪندو ته توهان زندگي جي هر امتحان ۾ پاس ٿيندو

اسان به اوهان کي مس ڪيو هيو سين

سدائين گڏ
 
Back
Top