1520ع جي هڪ سرد شام ۾ شاهه بيگ ارغون جي لشڪر دولهه دريا خان جي سنڌ مٿان پنهنجي خوني چنبن کي مضبوط ڪيو، ته ڪنهن کي خبر نه هُئي ته اها رت سان ريٽي شام 2 صدين جي ڊگهي عرصي تائين ٻاٽ اوندهه ڪري ڇڏيندي. انهن ٻن ڪارين صدين ۾ سنڌ سان ڇا نه وهيو واپريو؟! سنڌ هڪ ڀڳل ٽٽل جاگرافيائي سڃاڻپ سان ته دنيا جي نقشي تي موجود هئي، پر ان ۾ سنڌيت نالي ڪا شئي نه رهي هئي. الائي ڪيئن اسان جي ذلت تي قدرت کي رحم آيو ۽ ان سنڌي قوم کي گمناميءَ جي اوجهڙ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ 1691ع جي هڪ صدوري ڏينهن تي شاهه حبيب جي گهر ۾ اهو روشن ستارو موڪليو، جيڪو سنڌ ۽ سنڌيت جي وجود جو اڪيلو جواز بڻجي اڄ تائين ڀٽ جي بلنديءَ تي جرڪي رهيو آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هر سنڌي ءَ جي اها قومي ڊيوٽي آهي ته ، اهو صبحاڻي صبح جو اُٿڻ سان پهريون سلام ڀٽ جي سرزمين تي ٽڙيل ان ستاري ڏانهن ورائي، جنهن جي روشني قيامت تائين جهيڻي ناهي ٿيڻي. هُن تاري هُن هيٺ هُت منهنجا سُپرين، سڄڻ ماکي ميٺ ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين!