1520ع جي هڪ سرد شام

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏10 ڊسمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    1520ع جي هڪ سرد شام ۾ شاهه بيگ ارغون جي لشڪر دولهه دريا خان جي سنڌ مٿان پنهنجي خوني چنبن کي مضبوط ڪيو، ته ڪنهن کي خبر نه هُئي ته اها رت سان ريٽي شام 2 صدين جي ڊگهي عرصي تائين ٻاٽ اوندهه ڪري ڇڏيندي. انهن ٻن ڪارين صدين ۾ سنڌ سان ڇا نه وهيو واپريو؟! سنڌ هڪ ڀڳل ٽٽل جاگرافيائي سڃاڻپ سان ته دنيا جي نقشي تي موجود هئي، پر ان ۾ سنڌيت نالي ڪا شئي نه رهي هئي. الائي ڪيئن اسان جي ذلت تي قدرت کي رحم آيو ۽ ان سنڌي قوم کي گمناميءَ جي اوجهڙ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ 1691ع جي هڪ صدوري ڏينهن تي شاهه حبيب جي گهر ۾ اهو روشن ستارو موڪليو، جيڪو سنڌ ۽ سنڌيت جي وجود جو اڪيلو جواز بڻجي اڄ تائين ڀٽ جي بلنديءَ تي جرڪي رهيو آهي.
    دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هر سنڌي ءَ جي اها قومي ڊيوٽي آهي ته ، اهو صبحاڻي صبح جو اُٿڻ سان پهريون سلام ڀٽ جي سرزمين تي ٽڙيل ان ستاري ڏانهن ورائي، جنهن جي روشني قيامت تائين جهيڻي ناهي ٿيڻي.

    هُن تاري هُن هيٺ هُت منهنجا سُپرين،
    سڄڻ ماکي ميٺ ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين!
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ثناءُالله سومرو

    ثناءُالله سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺاروشاه ضلع نوشهروفيروز
    تمام سٺو
     
  3. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    هُن تاري هُن هيٺ هُت منهنجا سُپرين،
    سڄڻ ماکي ميٺ ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين!

    واھ واھ....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو