• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌسلامت آن لائين رسالو ڪڍڻ لا صلاح مشورو

ها سائين رشيد به ساٿ ڏيندو ته پر توهان جهڙا دوست جيڪڏهن ساٿ ڏين ته پو رسالو آنلائن ڪرڻ ۾ وقت نه لڳندو. :)

توهان جي صلاح سُٺي آهي. رسالي ۾ 42 صفحا ٿيندا. ڪجهه تفصيل هيٺ ڏِجن ٿا.

رسالي جي شروعاتي صفحي جو لي آئوٽ ڪجهه هن طرح هوندو :
  • مٿيان سنڌسلامت جو ڪَور ڦوٽُو هوندو جيڪو تقريبن 2 انچ هوندو.
  • ساڄي پاسي انتظاميه (منتظم اعلى، انچارج، ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، ڊزائينر وغيره) نالا هوندا.
  • کاٻي پاسي اندر صفحن ۾ موجود مواد جي فهرست هوندي.

رسالي جو انسائيڊ ٽائٽل پيج (ٽائٽل پيج جون اندريون صفحو)
  • سنڌسلامت فورم جي انتظاميه جا نالا، عهدا، تصويرون (۽ سنڌسلامت اڪائونٽ لنڪ اگر جيڪڏهن صحيح لڳو ته) ڏنا ويندا.
  • ٽائٽل جي بيڪ سائيڊ ۾ سنڌسلامت جو لوگو وڏن اکرن ۾ ۽ ٻه لفظ ايڊيٽر سائين رشيدسمون بابت (منهنجي صلاح آهي) ته ڏجن.
  • ٽائٽل بيڪ انسائيڊ (پوئين صفحي جو اندريون حصي) ۾ سنڌسلامت جا پراجيڪٽس رکيا ويندا.

رسالي جو اندريون لي آئوٽ:

جيئن ته هي رسالو صرف انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ادبي نه هوندو ان ڪري هن رسالي ۾ قانوني صلاح مشورا، ٻارڙن جي دنيا سميت سير تفريح وارا موضوع (تصويرن ساڻ) رکيا ويندا.
  • رسالي ۾ هڪ صفحو اسلامي صفحو هوندو جنهن ۾ حديث ۽ قرآن مجيد فرقان الحميد جي آيتن جو ترجمو ۽ مختصر تفسير به لکيو ويندو.
  • پو سنڌي شخصيتن بابت ٻه يا ٽي پيج ، جنهن ۾ مهيني (رسالي شايع ٿيندڙ مهيني) جون سنڌي شخصيتن جا تعارف يا انهن بابت مختصرف موضوع لکيا ويندا.
  • پو سنڌي ادب ۾ هڪ صفحو شاعري جو هوندو جنهن ۾ هڪ پاسي شاعر جو تعارف ۽ ان جي شاعري. (سُٺي ۽ معياري شاعري جيڪڏهن توهان موڪليندا ته اها به شايع ڪئي ويندي.)
  • رسالي ۾ ڪهاڻي به شايع ڪئي ويندي. (جيڪڏهن ناول جيترا صفحا بچيا ته انکي به قسط وار رکيو ويندو).
  • ان بعد ٻه صفحا قانوني صلاح مشورن بابت هوندا.
  • ان کان پو رسالي ۾ ٻارڙن جي دنيا ، انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت موضوع رکيا ويندا.
  • ٻه صفحا سنڌسلامت ڊائونلوڊز نالي سان هوندا جنهن ۾ مفت سافٽويئرز جو مختصر تعارف ۽ سنڌسلامت ڊائونلوڊ لنڪ ڏنا ويندا.
  • ٻه صفحا پڇڻا نه منجهڻا مطابق هوندا جنهن ۾ رُڪن جي سوالن (ڪمپيوٽر، فيسبوڪ، سنڌسلامت) جا جواب ڏنا ويندا.
تمام سٺو،بهترين ڪم
جيڪڏهن ڪير رڪن تحرير موڪلي ته ان لا هڪ الڳ اي ميل جوڙي وڃي.جنهن سان آساني ٿيندي.
هن طرح اي ميل هجي
mag.sindhsalamat@gmail.com
مئگزين 2015 ۾ جنوري جو پبلش ڪيو وڃي
 
تمام بهترين ڪم آهي، ان جي شروعات ۾ دير ڇا جي؟ ها پر ادا عبدالحفيظ لغاري جي ڏنل صلاحن کي مدِ نظر رکندي رسالو فلحال آن لائن ئي پبلش ڪجي ته بهتر ٿيندو.. رسالي لاءِ گهربل گهڻو مواد هن ويبسائٽ تي اوهان کي موجود ملي ويندو... بس ان کي تسلسل سان تيار ڪرڻو پوندو. رسالي جي لي آئوٽ ڊزائن جو گهڻو تجربو ادا ابوواصف کي آهي ۽ مواد جي چونڊ جو ذمو ادا سليمان وساڻ، ممتاز وگهيو، درويش ۽ منهنجي مٿان رکجي تڏهن به صحيح رهندو ۽ ٻي ڳالهه ته ضروري ناهي ته رسالي جي پهرئين ئي ايڊيشن ۾ 20 يا 40 صفحا هجن، پهرئين تجرباتي ڪاپي ڪڍي ان جو سوشل ميڊيا تي هڪ پيج ٺاهجي ۽ ان پيج تي ئي هر مهيني سنڌسلامت جي هن رسالي جو ايڊيشن اپڊيٽ ڪجي..
 
جي ادا اوهان بلڪل صحيح چيو آهي هن لا الڳ ايميل هجي ۽ جنوري ۾ پبلش ڪيو وڃي هن لا عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم صاحب کي چوڻو پوندو جئين هو چون

تمام بهترين ڪم آهي، ان جي شروعات ۾ دير ڇا جي؟ ها پر ادا عبدالحفيظ لغاري جي ڏنل صلاحن کي مدِ نظر رکندي رسالو فلحال آن لائن ئي پبلش ڪجي ته بهتر ٿيندو.. رسالي لاءِ گهربل گهڻو مواد هن ويبسائٽ تي اوهان کي موجود ملي ويندو... بس ان کي تسلسل سان تيار ڪرڻو پوندو. رسالي جي لي آئوٽ ڊزائن جو گهڻو تجربو ادا ابوواصف کي آهي ۽ مواد جي چونڊ جو ذمو ادا سليمان وساڻ، ممتاز وگهيو، درويش ۽ منهنجي مٿان رکجي تڏهن به صحيح رهندو ۽ ٻي ڳالهه ته ضروري ناهي ته رسالي جي پهرئين ئي ايڊيشن ۾ 20 يا 40 صفحا هجن، پهرئين تجرباتي ڪاپي ڪڍي ان جو سوشل ميڊيا تي هڪ پيج ٺاهجي ۽ ان پيج تي ئي هر مهيني سنڌسلامت جي هن رسالي جو ايڊيشن اپڊيٽ ڪجي..

سائين ناراض نه ٿجو! پو هتي جيڪڏهن اسان پاڻ پنهنجي منهن رسالو ڪڍون ها ته اوهان کان صلاح مشورو نه ڪيون ها، پر هتي اهو سهرو اوهان جي سر تي رکڻ لا ئي هتي پوسٽ ڪيو ويو آهي اوهان ئي هن رسالي کي بهتر کان بهتر بڻايو هن ڏس ۾ جيڪا ٽيم جوڙڻ چاهيو اهو سائين ذيشان رشيد ، سليمان وساڻ ، عبدالحفيظ لغاري عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ، ۽ جيڪي به سنڌ سلامت جي انتظاميه ۾ شامل رڪن آهن اهي ئي ٽيم ٺاهي هن ڪم کي تڪميل تائين پهچائين

اوهان جي مهرباني
 
مون کي نهايت گهڻي خوشي ٿي ته سنڌ سلامت تي وڌ کان وڌ ڄاڻ ڏني پئي وڃي جيڪا بهترين ڪاوش آهي پنهنجي قوم جي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي شهرن ۾ رهي ڪافي ڄاڻ کان اڻ واقوف آهن آن لائين رسالو سنڌ سلامت طرفان بهترين قدم آهي جس لهي پوري ٽيم جيڪا سنڌي ٻولي کي عام جام ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي مان ڪجهه مختصر راءِ ڏيندس پر جڏهن فرصت ملي ته ضرور......في الحال وقت جي گهٽتائي سبب معذرت
 
ادا اسان اوهان جي را جو انتظار ڪنداسين
 
سڀني محترم دوستن جي وڏي مهرباني جن پنهنجا رايا ڏِنا. :)
آئون رسالي جي شروعات ايندڙ آچر کان شروع ڪريان پيو، انشا الله جنوري جي پهرين تاريخن ۾ رسالي کي آنلائن ڪيو ويندو :)
وري به سڀني دوستن خاص ڪري ذيشان رشيد ، مست ، سائل مهراڻ ، عبدالحفيظ لغاري سليمان وساڻ جن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي پنهنجي را ڏِني :)
 
سائين ناراض نه ٿجو! پو هتي جيڪڏهن اسان پاڻ پنهنجي منهن رسالو ڪڍون ها ته اوهان کان صلاح مشورو نه ڪيون ها، پر هتي اهو سهرو اوهان جي سر تي رکڻ لا ئي هتي پوسٽ ڪيو ويو آهي اوهان ئي هن رسالي کي بهتر کان بهتر بڻايو هن ڏس ۾ جيڪا ٽيم جوڙڻ چاهيو اهو سائين ذيشان رشيد ، سليمان وساڻ ، عبدالحفيظ لغاري عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ، ۽ جيڪي به سنڌ سلامت جي انتظاميه ۾ شامل رڪن آهن اهي ئي ٽيم ٺاهي هن ڪم کي تڪميل تائين پهچائين

اوهان جي مهرباني
ادا مست الست آهيون پر سڀ سمجهون ٿا............
 
مان سمجهان ٿو اڪثر دوست ان ڳالهه جا حامي آهن ته آنلائين رسالو شروع ڪجي .... اچو ته هاڻ ان کي سيريس ٿي شروع ڪيو ....

جلدي نه ڪيو ... دوستن جو ايڊيٽوريل بورڊ جوڙيو جيڪو مواد کي چيڪ ڪري، ان جي پروف ريڊنگ ڪري ۽ ٻولي جي حوالي سان ڊاڪٽر آصف جمال چارڻ کان به رايا وٺجن. لي آئوٽ ۽ ڊزائننگ بابت سائين ابو واصف کان صلاح وٺو .... صحت سرير جي ڊاڪٽر ممتاز قريشي جي حوالي ڪيو .......

اسلامي معلومات ۽ شخصيتن بابت ڊڄان پيو ڪٿي سنڌ سلامت اسلامي سيڪشن وانگر هتي به ساڳيو ڪم نه ٿئي .... تنهنڪري بهتر رهندو ته قرآن جي هڪ آيت ۽ تشريح ۽ هڪ حديث شامل ڪيو.

هڪ سيڪشن نوان آيل ڪتابن بابت هجي .... سنڌي ڪتاب جيڪي مارڪيٽ ۾ ڇپجي آيا هجن.

شاعري جي حوالي سان هر مهيني هڪ شاعر، سندس تعارف ۽ چونڊ شاعري هجڻ گهرجي.

ڪجهه چونڊ نثري ٽڪرا پراڻي ڪتابن مان به پيش ڪري سگهجن ٿا.

حالات حاضره تي ليک به هجڻ گهرجن. هڪ سيڪشن انٽرويوز جو هجڻ گهرجي ... سنڌ سلامت انٽرويو

خيال اڃان به ايندا ..... تڪڙ نه ڪيو ... مواد ڪٺو ڪيو، خيالن کي ڪاغذ تي آڻيو .. اسان کي به ٿورو واندو ٿيڻ ڏيو.
 
سليمان وساڻ جي وڏي مهرباني جنهن دير آيد درست آيد جي پوئواري ڪندي هڪ جامع راءِ ڏني.
ساڻس متقف ٿيندي چوڻ چاهيندس ته سليمان جي ٻُڌايل سيڪشنس کي رکجي. مواد جي چونڊ تي ڪو به سمجهوتو نه هُجڻ گهُرجي. ٻولي جي ماهر کان راءِ وٺي پوءِ فائنل ڪجي.
پنن جو پيٽ ڀرڻ مقصود نه هُج پر دلچسپيءَ ۽ معلومات وارو مواد پڙهندڙن کي پڙهائجي.
دوست وڌيڪ شيڪنس ايڊ ڪرڻ بابت رايا ۽ طريقيڪار ٻُڌائن.
 
خيال اڃان به ايندا ..... تڪڙ نه ڪيو ... مواد ڪٺو ڪيو، خيالن کي ڪاغذ تي آڻيو .. اسان کي به ٿورو واندو ٿيڻ ڏيو.

دير آيد دُرست آيد :)
تڪڙ ان ڪري ٿو ڪريان ته مواد جي چونڊ، لفظن جي جوڙجڪ، ٻوليءَ جي بيهڪ وغيره صحيح ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو ٻيو ته دوست اڪثر مصروف رهندا آهن اڄ ارڙهين تاريخ آهي باقي ٻارنهن ڏينهن بچيا آهن، رسالي لاءِ مواد گڏ ڪرڻ پوءِ ان جي سيٽنگ ڪرڻ، لي آئوٽ ۾ سيٽنگ ڪرڻ ۾ ئي ٻارنهن ڏينهن لڳي ويندا. ان ڪري جيترو جلدي ٿي سگهي ته ڪم ڪجي.
ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن تڪڙ نه ڪئيسين ته پوءِ ڪم نه ڪري سگهنداسين. :) ان ڪري ڪم ۾ ٿوري جلدي به ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان.

پنن جو پيٽ ڀرڻ مقصود نه هُج پر دلچسپيءَ ۽ معلومات وارو مواد پڙهندڙن کي پڙهائجي.
بلڪل درست فرمايو.
اوهان دوستن جي راءِ جو انتظار هو.
 
دير آيد دُرست آيد :)
تڪڙ ان ڪري ٿو ڪريان ته مواد جي چونڊ، لفظن جي جوڙجڪ، ٻوليءَ جي بيهڪ وغيره صحيح ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو ٻيو ته دوست اڪثر مصروف رهندا آهن اڄ ارڙهين تاريخ آهي باقي ٻارنهن ڏينهن بچيا آهن، رسالي لاءِ مواد گڏ ڪرڻ پوءِ ان جي سيٽنگ ڪرڻ، لي آئوٽ ۾ سيٽنگ ڪرڻ ۾ ئي ٻارنهن ڏينهن لڳي ويندا. ان ڪري جيترو جلدي ٿي سگهي ته ڪم ڪجي.
ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن تڪڙ نه ڪئيسين ته پوءِ ڪم نه ڪري سگهنداسين. :) ان ڪري ڪم ۾ ٿوري جلدي به ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان.

بلڪل درست فرمايو.
اوهان دوستن جي راءِ جو انتظار هو.
ٿوري مدد سائين ابو واصف کان به وٺو.جيئن آن لائين جلد ٿي سگهي
 
محترم دوست سائل مهران صاحب تمام بهترين صلاح ڏني آهي ، ڪافي دوستن پنهنجي نظريئن کي واضح ڪيو آهي
هي ڪم تمام بهترين آهي مواد جامع هجڻ گهرجي ڪوبه اختلافي موضوع هن ۾ شامل نه هجي جيئن اڄ ڪلهه اسلام واري موضوع ۾ ظلم ٿي رهيو آهي دوست هڪ ٻي کي ڪافر ثابت ڪرڻ تي لهي آيا آهن
ان ڪري رسالي ۾ اهڙو ڪوبه موضوع شامل نه ڪيو وڃي جنهن جي ڪري رسالي کي سٺي موٽ نه ملي
اميد آهي ته دوست پنهنجي زمه داري جو مظاهرو ڪندا
 
Back
Top