غزل ۽ ڪافي جو مشهور شاعر زمان شاهه ساقي ٺٽوي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,844
    ورتل پسنديدگيون:
    27,208
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    شاعر زمان شاهه ساقي


    ڪافي ۽ غزل جو مشهور شاعر زمان شاهه ولد مرزا شاهه رضوي مهدوي 1890ع ڌاري ٺٽي شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا پڻ اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. سندس خاندان هميشه علم ۽ اميريءَ ۾ اڳڀرو هو. جڏهن سنڌ تي مغلن جا نواب حڪومت ڪندا هئا، تڏهن هن خاندان جي ڪيترن بزرگن کي سرڪار ۾ وڏا عهدا مليل هئا، جنهن جو گھڻو ذڪر “تحفة الڪرام” ۾ موجود آهي. مشهور بزرگ يوسف مهدوي به سندس خاندان مان ٿي گذريو آهي. زمان شاهه پنهنجي همعصر شاعرن ۾ ممتاز حيثيت ماڻي. ننڍي عمر ۾ ئي شاعريءَ ڏانهن لاڙو هئس. نامور شاعرن صاحبڏني شاهه مرتضائي ۽ مرزا قليچ بيگ جي صحبت ۾ اچي قادرالڪلام شاعر بڻجي ويو. هن ڪيترن ئي صنفن جهڙوڪ غزل، ڪافي، بيت، مولود، مداح، منقبت، خطبن،جاڳنسه حرفين، ٽيهه اکرين وغيرهه تي طبع آزمائي ڪئي. سندس ڪلام ۾ مذهبي رنگ سان گڏ عاشقاڻا ۽ ناصحانه عنوان ملن ٿا. پاڻ علامه اقبال جي ڪتاب “فرياد امت” جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيائون، جيڪو سندس وفات کانپوءِ الوحيد ۾ جون 1929ع تي شايع ٿيو هو. سندس لاڳاپو بزم مشاعره لاڙڪاڻي سان هو. سندس شاعري گهڻو مقبول ٿي خاص ڪري سندس ڪافي “ جنهن سان دلڙي لڳي تنهن کان ڌار ٿيڻ، اهو ناهه مرڻ ٻيو ڇا هي ڙي” تمام گهڻو مشهور ٿي. سندس شاعري ڪيترن ئي نامور فنڪارن ڳائي آهي جن ۾ استاد محمد جمن، استاد محمد ابراهيم، استاد منظور علي خان، روبينه قريشي، عابدو پروين وغيره شامل آهن. هن صرف 38 سالن جي عمر ۾ 16 مئي 1928ع ۾ وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب “ديوانِ ساقي” ۽ “عشق جو چمن” پير محمد پياسي سهيڙي شايع ڪرايا آهن.

    ڪاوش تان ورتل
    __ؤؤؤؤؤؤؤ__​



    ٺٽوي، محمد زمان شاهه “ساقي”:


    محمد زمان شاهه ولد مرزا شاهه رضوي مهدوي”ساقي” مشهور ولي الله يوسف مهديءَ جي اولاد مان هو. سندس خاندان هميشه علم ۽ اميريءَ ۾ اڳڀرو هو. جڏهن سنڌ تي مغلن جا نواب حڪومت ڪندا هئا، تڏهن هن خاندان جي ڪيترن بزرگن کي سرڪار ۾ وڏا عهدا مليل هئا، جنهن جو گھڻو ذڪر ‘تحفة الڪرام’ ۾ موجود آهي. غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي به هن ئي خاندان مان هو. ساقيءَ کي سياست سان دلچسپي هئي، هو ضلعي ٺٽي جي خلافت ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هو، 1920ع ۾ پير غلام مجدد جي صدارت هيٺ خلافت جو جيڪو جلسو ڪوٺايو ويو هو، ان جي ڪاميابيءَ لاءِ هن گھڻو ڪم ڪيو هو. ساقي پنهنجي وقت جو نهايت لطيف شاعر هو . ماستر نرملداس سکر وارو سندس استاد هو. هن کيس پارسي پڙهائي ۽ عروض جا ابتدائي سبق ڏنا. شاعريءَ ۾ سندس استاد مرتضائي ۽ شاڪر هئا. هن جون ڪافيون خاص ڪري ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعي ۾ نهايت مقبول هيون. مولوي دين محمد وفائي سندس ڪافين بابت لکي ٿو “سندس ڪافين جا هڪ ٻه ڪتاب ڇپجي ورهائجي ويا آهن جن ۾ محمد زمان يا زمان شاهه تخلص ڪيو اٿس. سندس ڪلام جي مقبوليت جي هيءَ حالت آهي جو لاڙ ملڪ ۾ يڪتارن تي سندس ڪلام کي عام جام فقير فقراءَ ڳائين ٿا ۽ ماڻهو حظ حاصل ڪن ٿا.
    ساقي نه صرف ڪافيءَ جو شاعر هو، پر هو غزل ۽ نظم جو به شاعر هو . هو غزل ۾ پنهنجو تخلص ‘ساقي’ ڪم آڻيندو هو، پر ڪافيون ‘زمان شاهه’ جي نالي سان ئي چوندو هو. ساقيءَ جو لاڳاپو بزم مشاعره لاڙڪاڻي سان به رهيو هو. هن جا ڪيترا غزل بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي طرحن تي چيل آهن، جي “الحقيقت” ۽ “گلدسته سنڌ” ۾ محفوظ آهن.

    ساقيءَ جو ڪيترو ڪلام الوحيد، توحيد ۽ الحق (سکر) اخبارن ۾ به شايع ٿيندو هو. هن هڪ مخمس ڪريما نالي لکيو هو، جنهن جو ڪجهه حصو ‘الحق’ ۾ شايع ٿيو هو. هن اقبال جي “فرياد امت” جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو سندس وفات کان پوءِ ‘الوحيد’ اخبار ۾ 16 جون 1929ع ۾ شايع ٿيو هو. ساقي گھڻو وقت ڪراچي ۾ کڏي ۾ مريدن وٽ گذاريندو هو. ساقيءَ جي زندگي گهڻو ڪري تنگدستيءَ ۾ گذري، جنهنڪري ڪيترن وقتن تي هن پنهنجن بزرگن جا جمع ٿيل قيمتي مسودا به ڏئي ڇڏيا، جن مان ڪجهه مولوي دين محمد وفائيءَ ورتا هئا.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
    ____

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 ڊسمبر 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سيد زمان شاھ جي شاعري مان سهڻي چونڊ ۽ وڻندڙ چترڪاري
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    سائين زمان شاه ساقي زجي شاعري

    آئي مُند مَلهاري وي!
    جهُڙ ڦُڙ وَسن جالارا جَم جَم!
    موتيو مُگرو گؤنچ گوابي،
    سُنبل حُسن هزاري وي؛
    سَرو صنوبر سُو سن ريحان،
    نرگس خُوب خُماري وي:
    بُبل ٻولي قُمري ڪَم ڪَم!
    ڄام ڄَموريون نِم ۽ ناريل،
    وڻي وڻن وڻڪاري وي؛
    اَنب اَنجير انگور اناري،
    لالا لال لياري وي:
    روز وسي شاخن تي شبنم!
    ديد دُناليون، بڻڇيون ڀالا،
    تيز ڀرون تلواري وي؛
    ڳاڙها چَپ ڏند موتين جهڙا،
    زلف قيامت ڪاري وي؛
    دام وجهن ٿا دل کي دَم دَم!
    ايندو دلبر عيد ڪنداسين،
    تات اِها ٿم طاري وي؛
    محب ’زمان شاهه’ موٽي ملندم،
    پرين ڪندو پوئي واري وي:
    ناز وارن جي اڳيان نم نم!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,844
    ورتل پسنديدگيون:
    27,208
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محمد زمان شاهه ”ساقي“
    (1890ع – 16 مئي 1928ع)

    محمد زمان شاهه ولد مرزان شاهه رضوي مهدوي تخلص ”ساقي“ مشهور ولي الله يوسف مهدي جي اولاد مان هو سندس خاندان هميشه علم ۽ اميرائي ۾ اڳڀرو هو. جڏهن سنڌ تي مغلن جا نواب حڪومت ڪندا هئا تڏهن هن خاندان جي ڪيترن بزرگن کي سرڪار ۾ وڏا عهدا مليل هئا، جنهن جو گهڻو ذڪر تحفته الڪرام ۾ ڪيل آهي. غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي به ساڳي خاندان مان هو.

    ساقي کي سياست سان دلچسپي هئي، هو ضلعي ٺٽي جي خلافت ڪميٽي جو سيڪريٽري هو، 1920ع ۾ پير غلام مجدد جي صدارت هيٺ خلافت جو جيڪو جلسو ڪوٺايو ويو هو ان جي ڪاميابي لاءِ هن گهڻو ڪم ڪيو هو.

    ساقي پنهنجي وقت جو نهايت لطيف شاعر هو. ماستر نرملداس سکر وارو سندس استاد هو هن کيس پارسي پڙهائي ۽ عروض جا ابتدائي سبق ڏنا. شاعري ۾ سندس استاد مرتضائي ۽ شاڪر هئا. هن جون ڪافيون خاص طرح ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعي ۾ نهايت مقبول هيون. مولوي دين محمد وفائي سندس ڪافين بابت لکي ٿو، ”سندس ڪافين جا هڪ ٻه ڪتاب ڇپجي ورهائجي ويا آهن جن ۾ محمد زمان يا زمان شاهه تخلص ڪيو اٿس. سندس ڪلام جي قبوليت جي هي حالت آهي جو لاڙ ملڪ ۾ يڪتارن تي سندس ڪلام کي عام جام طرح فقير فقرا ڳائين ٿا ۽ ماڻهو حظ حاصل ڪن ٿا ۽ حقيقت ۾ آهي به ڏاڍو پرلطف ۽ شيرين ڪلام (1).

    ساقي نه صرف ڪافي جو شاعر هو پر هو غزل ۽ نظم جو به شاعر هو. هو غزل ۾ پنهنجو تخلص ساقي ڪم آڻيندو هو پر ڪافيون زمان شاهه جي نالي سان ئي چوندو هو. ساقي جو لاڳاپو بزم مشاعره لاڙڪاڻي سان به رهيو هو هن جا ڪيترا غزل بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي طرحن تي چيل آهن جي الحقيقت ۽ گلدسته سنڌ ۾ محفوظ آهن. 1925ع ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي هڪ طرح هئي:
    ٿو وڻي بلبل کي بستان هر طرح.
    گلدسته ۾ ساقي جو انهيءَ طرح تي غزل شايع ٿيل آهي جنهن جو مطلع ۽ مقطع هي آهي:
    مون ڏٺي رفتارِ دوران هر طرح،
    هن جي حرڪت ناهه يڪ سان هر طرح.
    ساقيا بندهه نوازي ڪري سگهو،
    آهيان خادم به دل جان هر طرح (1).
    ساقي جو ڪيترو ڪلام الوحيد، توحيد ۽ الحق (سکر) ۾ به شايع ٿيندو هو. هن هڪ مخمس ڪريما نالي لکيو هو جنهن جو ڪجهه حصو الحق ۾ شايع ٿيو هو. هن اقبال جي ”فرياد امت“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو جيڪو سندس وفات کان پوءِ الوحيد 16 جون 1929ع ۾ شايع ٿيو هو. ساقي گهڻو وقت ڪراچي ۾ کڏي ۾ مريدن وٽ گذاريندو هو. شيخ عبدالله، زمان شاهه ۽ سندس شاعري جي تعريف هنن لفظن ۾ ٿو ڪري، ”شعر و شاعري جي ميلان زمان شاهه ٺٽوي جي مجلس تائين پهچايو، سندس گفتگو بذله سنجي ۽ نڪته آفريني جي گلن کان سدا بهار هوندي هئي، سندس ڪلام نهايت رنگين ۽ مرصع هو“ (2).
    ساقي جي زندگي زياده تر تنگدستي ۾ گذري، جنهن ڪري ڪيترن وقتن تي هن پنهنجن بزرگن جا جمع ٿيل قيمتي مسودهه به ڏئي ڇڏيا جن مان ڪجهه مولوي دين محمد وفائي ورتا هئا. ساقي ايام جواني ۾ دنيا جي ميڪدهه مان تهي دست هليو ويو. سندس وفات تي ”ساقي جي ياد“ ۾ شيخ عبدالله عبد هڪ پرسوز نظم لکيو هو، جنهن جا ٻه شعر هي آهن:
    اي زمان ﺯﻣﺎﻥ ﺷﺎﻫﻪ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺭﺣﻠﺖ ﭤﻴﻮ ﺳﺨﻦ ﺳﻨﺠﻲ ﺟﻮ ﻣﻮﺕ
    ﺳﻨﮅ ﻣﺎﻥ ﮔﻮﻳﺎ ﺟﻨﺎﺯﻭ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺟﻮ ﭤﻴﻮ ﺭﻭﺍﻥ .
    ﻳﺎ ﺧﺪﺍ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﮐﻲ ﺟﻨﺖ ۾ ﺭﮎ ﺧﻮﺭﻡ ۽ ﺷﺎﺩ،
    ﺍﻳﻦ ﺩﻋﺎ ﺍﺯ ﻣﺎ ﻭ ﺍﺯ ﺟﻤﻠﻪ ﺟﻬﺎﻥ ﺁﻣﻴﻦ ﺑﺎﺩ ‏( 3 ‏) .
    ﺳﺎﻗﻲ ﺗﻲ ﻣﺠﺎﺯ ﺟﻮ ﻧﺸﻮ ﺯﻳﺎﺩﻫﻪ ﭼڙﻫﻴﻞ ﻫﻮ ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻏﺰﻟﻦ ۾ ﻋﺸﻖ ﺟﻲ ﮔﺮﻣﻲ ۽ ﺣﺴﻦ ﺟﻲ ﺳﺮﺩ ﻣﻬﺮﻱ ﻧﻤﺎﻳﺎﻥ ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﻱ . ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺟﻲ ﺟﺬﺑﻦ ﮐﻲ ﺍﻫﻲ ﻭﺻﺎﻝ ﺟﺎ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﻓﺮﺍﻕ ﺟﺎ ﭘﺮﺍﺛﺮ ﺍﻧﺪﺍﺯ ۾ ﺑﻴﺎﻥ ڪﺮﻱ ﭤﻮ . ﻫﻦ ﺟﺎ ﮔﻬﮣﺎ ﻏﺰﻝ ﻫڪ ﺩﻝ ﭰﺮﻳﻞ ﻋﺎﺷﻖ ﺟﻮﻥ ﺁﻫﻮﻥ ۽ ﺩﺍﻧﻬﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ڪڏﻫﻦ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻏﺰﻟﻦ ۾ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﺑﻴﺪﺍﺭﻱ ﺟﻮ ﺍﺛﺮ ﺑﻪ ڏﺳﮡ ۾ ﺍﭼﻲ ﭤﻮ .
    ڪﻼﻡ ﺟﻮ ﻧﻤﻮﻧﻮ ‏( 1 ‏)
    ﻧﺎﺯ ﺳﺎﻥ ﻣﺸﺘﺎﻕ ﻣﺎﺭﮠ ﻧﺎﺯ ﭘﺮﻭﺭ ﺟﻮ ﺭﻭﺍﺝ،
    ﺩﻝ ﮐﺴﮡ ڏﻳﺌﻲ ﺩﻻﺳﻮ ﺁﻫﻪ ﺩﻟﺒﺮ ﺟﻮ ﺭﻭﺍﺝ .
    ﻋﺸﻖ ﮐﻲ ﺁﺳﺎﻥ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺍﻭﭼﺘﻮ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﻴﻢ،
    ڪﻮﻧﻪ ﻫﻮ ﻣﻌﻠﻮﻡ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻦ ﺳﺘﻤﮕﺮ ﺟﻮ ﺭﻭﺍﺝ .
    ﺭﻓﺘﻪ ﺭﻓﺘﻪ ﻋﺸﻖ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﻴﻮ ﻧﺎﻣﻮﺱ ﻧﻨﮓ،
    ﻟﻄﻒ ﺷﺎﻫﻲﺀَ ﺟﻮ ﮀڏﻱ ﻭﺭﺗﻢ ﮔﺪﺍﮔﺮ ﺟﻮ ﺭﻭﺍﺝ .
    ﻋﺸﻖ ۾ ﺑﻲ ﺧﻮﺩ ﺑﮣﻲ ﻣﺎﻥ ﺧﻠﻖ ۾ ﺭﺳﻮﺍ ﭤﻴﺲ،
    ﻟﻴڪ ﻣٽﺠﻲ ڪﻴﻦ ﭤﻮ ﻫﻦ ﺩﻳﺪﻫﻪِ ﺗﺮ ﺟﻮ ﺭﻭﺍﺝ .
    ﻫﻤﺪﻡ ﻭ ﻫﻤﺮﺍﺯ ﻣﻮﻥ ﺳﺎﻥ ﭤﻴﻮ ﺷﺐ ﻓﺮﻗﺖ ﺟﻮ ﻏﻢ،
    ﻣﻮﻥ ﻓﻘﻴﺮﻱﺀَ ۾ ﺭﮐﻴﻮ ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﺗﻮﻧﮕﺮ ﺟﻮ ﺭﻭﺍﺝ .
    ڏﻱ ﺷﺮﺍﺏ ﻋﺸﻖ ﺳﺎﻗﻲ ﮀﺎ ﺣﻼﻝ ﻭ ﮀﺎ ﺣﺮﺍﻡ،
    ڪﻮﻧڪﻮ ﻋﺎﺷﻖ ﭘﮁﻦ ﺷﺮﻉِ ﭘﻴﻤﺒﺮ ﺟﻮ ﺭﻭﺍﺝ .
    -
    ﺳﺘﻢ ﺟﻮ ﻣﻮﻧﺘﻲ ﻣﭡﺎ ﺗﻮ ڪﻴﻮ، ﭤﻴﻮ ﺳﻮ ﭤﻴﻮ،
    ڪﺮﻳﺎﻥ ﻣﺎﻥ ڪﻬڙﻱ ﮔﻼ ﮀﺎ ﭤﻴﻮ، ﭤﻴﻮ ﺳﻮ ﭤﻴﻮ .
    ﺍﭤﻢ ﻫﻲ ﺧﻮﻑ ﻣﺒﺎﺩﺍ ﭤﺌﻲ ﻧﻪ ﺑﺪﻧﺎﻣﻲ،
    ﻫﻲ ﺧﻮﻥ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﻮﻥ ﺩﺍﻣﻦ ﺗﺎﻥ ﮄﻭ، ﭤﻴﻮ ﺳﻮ ﭤﻴﻮ .
    ﭤﻴﻮ ﺟﻮ ﺩﻝ ﺗﻲ ﺳﻨﺪﻡ ﺯﺧﻢ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻭڪ ﮐﺎﻥ،
    ﻋﻼﺝ ﺍﻥ ﺟﻮ ﺍﻭﻫﻴﻦ ڪﻮ ڪﺮﻳﻮ، ﭤﻴﻮ ﺳﻮ ﭤﻴﻮ .
    ڏﺳﻲ ﻫﻲ ﺣﺎﻝ ﺳﻨﺪﻡ ﺩﻝ ﺟﻮ ﺍﻱ ﺳﻨﺪﻳﻢ ﺍﮐﻴﻮﻥ،
    ﻭﻫﺎﺋﻲ ﻧﻴﺮ ﻧﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺭﺍﺕ ﺭﻭ، ﭤﻴﻮ ﺳﻮ ﭤﻴﻮ .
    ﺟڏﻫﻦ ﻣﻮﻥ ﺩﺭﺩ ﺟﻮ ڪﻴﻮ ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﺷﺮﻭﻉ ﻫﻦ ﻭٽ،
    ﭼﻴﺎﺋﻴﻦ ﺳﭛ ﺋﻲ ﻭﺳﺎﺭﻱ ﮀڏﻳﻮ، ﭤﻴﻮ ﺳﻮ ﭤﻴﻮ .
    ﺯﻣﺎﻥ ﺷﺎﻫﻪ ﭔﮅﻱ ﻫﭣ ﭼﻴﻮ ﻣﻮﻥ ﺣﺴﻦ ﻭﺍﺭﻥ ﮐﻲ،
    ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻫﺎﮠ ﺭﻫﻮ ﮔڏ ﭠﻬﻴﻮ، ﭤﻴﻮ ﺳﻮ ﭤﻴﻮ .

    ڪﺘﺎﺏ : ﺳﻨﮅﻱ ﻏﺰﻝ ﺟﻲ ﺍﻭﺳﺮ
    ﻟﻴﮑڪ : ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو