زاهد سومرو
سينيئر رڪن
وائي
وائي به سنڌي شاعري جي مقبول عام صنف آهي. شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحمته الله عليه پنهنجي سُرن جي هر داستان کان پوءِ وائي چئي آهي.
ڪن عالمن جي راءِ مطابق ته وائي ۽ ڪافي هڪ ئي شيءَ جا ٻه نالا آهن پر موضوع، هيئت ۽ موسيقي جي لحاظ کان جيڪڏهن ڪافي ۽ وائي جي ڀيٽ ٿي ڪجي ته اهي ٻئي مختلف شيون ثابت ٿيون ٿين.
پروفيسر محبوب علي چنه وائي بابت لکي ٿو ته ”عام اصطلاح ۾ ڪنهن ڳالهه ۽ ٻولي کي وائي سڏبو آهي. هن ڌاتو پرڪرت لفظ وايا ۽ سنسڪرت ۾ ورت آهي جنهن جي معنى آهي، هجر. اڪثر سنڌي اديب هن ڳالهه تي مُتفق آهن ته وائي جو موجد شاهه ڀٽائي رحه آهي. ساخت جي خيال کان وائي هندي ٺُمري جي زيرِ اثر آهي. ٺُمري ۾ پهريائين آستاني يعني ٿل هوندو آهي ۽ پوءِ حشو يا ڀراءُ جنهن کي مِصرع چئبو آهي.“
وائي جو موضوع ت آهي هجر ۽ فراق، پر ڪجهه وايون اهڙيون به آهن جن م هجر ۽ فراق بلڪل به ڪونهي.
فني لحاظ کان وائي کي بيت جي بدليل صورت سڏي سگهجي ٿو. وائي هڪ ڊگهو بيت آهي پر هن جي هر مصرع کان پوءِ پهرين سٽ جي پوئين اڌ جو ورجاءُ ٿئي ٿو.
1۔ ڪهڙي منجهه حساب،
هئڻ منهنجو هوت ري لا!
گولي ڀڄ گناه کان، ڪونهي سول ثواب،
هئڻ منهنجو هوت ري لا!
ديد وڃاءِ مَ دوست جو، هلي منجهه حجاب،
هئڻ منهنجو هوت ري لا!
ڏي طهوراتن کي، جي سڪن لاءِ شراب،
هئڻ منهنجو هوت ري لا!
(شاهه ڀٽائي رحه)
2۔ عشق اسان وٽ آرائينءَ، جئن آيو جهول ڀري،
ڪوئي ڪيئن ڪري
موتئي جهڙي مُرڪ پرين جي، مُگرو مات ڪري،
ڪوئي ڪيئن ڪري
ڏاڙهونءَ ڦوه ڦلاريا منهن ۾، ٻهه ٻهه يار ٻري
ڪوئي ڪيئن ڪري
جنهن جا نهٺا ائين جئن، رڻ ۾ رات ٺري،
ڪوئي ڪيئن ڪري
(شيخ اياز)
3۔ ڏيندا ڏيهه ميار ـ او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
ڪوٽن ۾ قيدياڻي قابو ـ ڪير ٻڌي ڪوڪار او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
هوشوءَ وارو نعرو ماري، ماري پاڻ جيار ـ او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
نيٺ ننڊاکا پٽڙاٻڌندا، جيجل جي للڪار ـ او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
(استاد بخاري)
هئڻ منهنجو هوت ري لا!
گولي ڀڄ گناه کان، ڪونهي سول ثواب،
هئڻ منهنجو هوت ري لا!
ديد وڃاءِ مَ دوست جو، هلي منجهه حجاب،
هئڻ منهنجو هوت ري لا!
ڏي طهوراتن کي، جي سڪن لاءِ شراب،
هئڻ منهنجو هوت ري لا!
(شاهه ڀٽائي رحه)
2۔ عشق اسان وٽ آرائينءَ، جئن آيو جهول ڀري،
ڪوئي ڪيئن ڪري
موتئي جهڙي مُرڪ پرين جي، مُگرو مات ڪري،
ڪوئي ڪيئن ڪري
ڏاڙهونءَ ڦوه ڦلاريا منهن ۾، ٻهه ٻهه يار ٻري
ڪوئي ڪيئن ڪري
جنهن جا نهٺا ائين جئن، رڻ ۾ رات ٺري،
ڪوئي ڪيئن ڪري
(شيخ اياز)
3۔ ڏيندا ڏيهه ميار ـ او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
ڪوٽن ۾ قيدياڻي قابو ـ ڪير ٻڌي ڪوڪار او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
هوشوءَ وارو نعرو ماري، ماري پاڻ جيار ـ او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
نيٺ ننڊاکا پٽڙاٻڌندا، جيجل جي للڪار ـ او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
(استاد بخاري)