وائي

'سنڌي ادب' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2010۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    وائي


    وائي به سنڌي شاعري جي مقبول عام صنف آهي. شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحمته الله عليه پنهنجي سُرن جي هر داستان کان پوءِ وائي چئي آهي.

    ڪن عالمن جي راءِ مطابق ته وائي ۽ ڪافي هڪ ئي شيءَ جا ٻه نالا آهن پر موضوع، هيئت ۽ موسيقي جي لحاظ کان جيڪڏهن ڪافي ۽ وائي جي ڀيٽ ٿي ڪجي ته اهي ٻئي مختلف شيون ثابت ٿيون ٿين.

    پروفيسر محبوب علي چنه وائي بابت لکي ٿو ته ”عام اصطلاح ۾ ڪنهن ڳالهه ۽ ٻولي کي وائي سڏبو آهي. هن ڌاتو پرڪرت لفظ وايا ۽ سنسڪرت ۾ ورت آهي جنهن جي معنى آهي، هجر. اڪثر سنڌي اديب هن ڳالهه تي مُتفق آهن ته وائي جو موجد شاهه ڀٽائي رحه آهي. ساخت جي خيال کان وائي هندي ٺُمري جي زيرِ اثر آهي. ٺُمري ۾ پهريائين آستاني يعني ٿل هوندو آهي ۽ پوءِ حشو يا ڀراءُ جنهن کي مِصرع چئبو آهي.“

    وائي جو موضوع ت آهي هجر ۽ فراق، پر ڪجهه وايون اهڙيون به آهن جن م هجر ۽ فراق بلڪل به ڪونهي.

    فني لحاظ کان وائي کي بيت جي بدليل صورت سڏي سگهجي ٿو. وائي هڪ ڊگهو بيت آهي پر هن جي هر مصرع کان پوءِ پهرين سٽ جي پوئين اڌ جو ورجاءُ ٿئي ٿو.


    1۔ ڪهڙي منجهه حساب،
    هئڻ منهنجو هوت ري لا!
    گولي ڀڄ گناه کان، ڪونهي سول ثواب،
    هئڻ منهنجو هوت ري لا!
    ديد وڃاءِ مَ دوست جو، هلي منجهه حجاب،
    هئڻ منهنجو هوت ري لا!
    ڏي طهوراتن کي، جي سڪن لاءِ شراب،
    هئڻ منهنجو هوت ري لا!
    (شاهه ڀٽائي رحه)


    2۔ عشق اسان وٽ آرائينءَ، جئن آيو جهول ڀري،
    ڪوئي ڪيئن ڪري
    موتئي جهڙي مُرڪ پرين جي، مُگرو مات ڪري،
    ڪوئي ڪيئن ڪري
    ڏاڙهونءَ ڦوه ڦلاريا منهن ۾، ٻهه ٻهه يار ٻري
    ڪوئي ڪيئن ڪري
    جنهن جا نهٺا ائين جئن، رڻ ۾ رات ٺري،
    ڪوئي ڪيئن ڪري
    (شيخ اياز)


    3۔ ڏيندا ڏيهه ميار ـ او يار
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
    ڪوٽن ۾ قيدياڻي قابو ـ ڪير ٻڌي ڪوڪار او يار
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
    هوشوءَ وارو نعرو ماري، ماري پاڻ جيار ـ او يار
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
    نيٺ ننڊاکا پٽڙاٻڌندا، جيجل جي للڪار ـ او يار
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
    (استاد بخاري)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: وائي

    ادا زاهد وائي کي ٻڌڻ لئه شينهن جي دل کپي، ڇاڪاڻ ته آءُ جڏهن لطيف جون وايون ٻڌندو آهيان ته پنهنجي من کي قابو ڪري نه سگهندو آهيان ۽ بس پوءِ ڳالهه ڪرڻ کان چڙهيل آهي
    جيئن هي ٻڌو ڀلا، ڇا ڪو نازڪ ۽ حساس دل وارو پاڻ کي ڪيئن روڪي ۔۔۔
    http://www.youtube.com/watch?v=7BCuQ4Gb_1k
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: وائي

    ادا زاهد سومرو صاحب توهان جي وائي بابت معلومات دل وٽان لڳي، ۽ شاه صاحب جو نالو ٻڌي دل باغ بهار ٿئي وئي، شاه صاحب لاء هي چنڊ سٽون حاضر آهن۔

    سنڌ سان سچائي وڏي ڳالهه آ
    مٽي سان وفائي وڏي ڳالهه آ
    ڀلي مير، غالب، يا اقبال هجي

    پر اسان جو سهڻو ڀٽائي وڏي ڳالهه ​
    آ

    باقي ٻيو عرض ته ابڙي صاحب هڪ وڊيو ته لڳائي آهي، مگر اها هت پاڪستان ۾ ته هلي ڪا نه ٿي يو ٽيوب بند ٿيڻ جي ڪري مان به ڪافي نيون وڊيوز سنڌ سلامت تي لڳائي ناهيان سگهيو۔ ۔
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: وائي

    سائين محترم واقعي يوٽيوب ته پاڪستان ۾ هلي ئي ڪونه ٿو جڏهن انهن جي سروس کُلي ته ڏسي وٺبي۔۔۔۔۔۔۔۔

    پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: وائي

    تمام بهترين وائي آهي ادا زاهد علي سومرو صاحب

    اهڙي شيئرنگ تي توهان جس لهڻو

    سائين نثار ابڙا صاحب محمد قاسم ماڪا جي تيار ڪيل علڻ فقير جي آواز ۾ "اللهو سکن واري سگهه الله متان ....ڪري

    سبحان الله سائين اهڙِِي وائي سنگت سان شيئر ڪرڻ تي جس لهڻو
    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو