1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

واڱڻائي رنگ جو گدڙ

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    389
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]
    ملائيشيا جي جهنگلن ۾ رهندڙ هڪ گدڙ هڪ ڏينهن ڪوالالمپور شهر ڏي رُخ رکيو. پر شهر جي ٻاهران ئي همراهه ڪنهن رنگريز جي چاڙهيل واڱڻائي رنگ سان ڀريل ٽب ۾ڪري پيو. ٻاهر نڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪيائين پر ڪجهه نه وريو. نيٺ دت ماري رنگ جي ٽب ۾ ئي مئلن وانگر سمهي رهيو. صبح جو دڪاندار اچي ٽپ ۾ ڏٺو ته ڪو گدڙ مئو پيو آهي. سو کيس ٽب مان ڇڪي ڪڍي ڪجهه پري وڃي ڦٽو ڪيو. پوءِ جهڙو ئي دڪاندار پٺ ڏني ته گدڙ کڙين تي زور رکي سڌو جهنگل ڏي وٺي ڀڳو جتان آيو هو. رستي تي گدڙ پاڻ کي سڄو واڱڻائي ڏسي سوچيو: هاڻ ته آئون نسروئي سهڻي رنگ جو ٿي پيو آهيان. ڇو نه آئون ڪا اهڙي چال هلان جو منهنجي رهڻي ڪهڻي پهرين کان آسودي ۽ خوشحال گذري سگهي. اهو سوچي اوسي پاسي جي گدڙن کي گڏ ڪري هن تقرير شروع ڪئي:

    ”منهنجا ساٿيو! منهنجي جسم جي رنگ کي غور سان ڏسو. جهنگ جي ديويءَ پنهنجن هٿن سان مون کي هي سهڻو رنگ بخشيو آهي جيئن آئون توهان تي حڪومت ڪريان. ان ڪري اڄ ڏينهن کانپوءِ هن جهنگ ۾ڪابه شيءِ منهنجي موڪل بنا نه ٿيڻ گهرجي.“ باقي گدڙن ڏٺو ته واقعي هي گدڙ هنن ۾ بلڪل نرالو لڳي رهيو آهي. سو خوف ۽ هراس وچان سڀ باادب ٿي هيٺ ايترو جهڪيا جو سندن ڪن وڃي زمين تي لڳا. سڀ چوڻ لڳا: ”حاضر سرڪار. جيڪو حڪم ڪندائو اهو مڃينداسين.“اهڙي طرح، هي گدڙ نه فقط گدڙن مٿان پر جهنگ جي سڀني جانورن تي حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ سڀ جانور هن جو برابر خيال ڪرڻ لڳا. اهو ڏسي هي پاڻ کي واقعي وڏي وٿ سمجهڻ لڳو ۽ هر وقت پاڻ کي وڏن جانورن جهڙوڪ: شينهن، چيتن جهڙن کي ساڻ وٺي گهمڻ لڳو. پنهنجي ذات ڀائي گدڙن ۽ ٻين ڪمزور جانورن کي ماڳهين هيٺانهون ۽ ڌڪار جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو. ايندي ويندي مٿن پيو ٺٺوليون ڪندو هو. سڀ گدڙ حيرت ۽ فڪر ۾پئجي ويا ته هيءَ چڱي جٺ ٿي. هاڻ ڪجي ته ڪجي ڇا. نيٺ هڪ پوڙهي گدڙ دلداري ڏيندي چين: ”منهنجي ڳالهه مڃيو ۽ غم بلڪل نه ڪريو. هي اسان جو پنهنجو نالائق گدڙ جيتوڻيڪ پاڻ کي وڏي ڳالهه سمجهي اسان جي بي عزتي ڪندو وتي پر اسان کي به هن جي ڪمزورين جي پوري پروڙ آهي. آئون هڪ اهڙو سانگ ٿوڪريان جو هن جي اصليت سڀني اڳيان ظاهر ٿي ويندي.سڀني گدڙن خوش ٿي پوڙهي کان اهو راز پڇيو ۽ پوڙهي گدڙ تيار ٿي ڳالهه ڪئي:”ته منهنجا ٻچڙو،“ پوڙهي گدڙ چيو، ”جهنگل جا خوفائتا جانور شينهن چيتا واگهو وغيره هن ڪميڻي گدڙ جو نرالو رنگ ڏسي سمجهن ٿا ته هي ڪو گدڙ نه پر ٻيو ڪو جانور آهي جنهن کان ڊڄڻ کپي.

    هڪ دفعي رات ٿيڻ تي سڀني وٺي زور سان اونايو، اونائيءَ جو آواز ٻڌائي واڱڻائي گدڙ جيڪو شينهن، هاٿين ۽ چيتن جهڙن جانورن جي وچ ۾ پڏڻ ٿيو ويٺو هو، مجبور ٿي ويو ۽ موٽ ۾ پاڻ به وٺي اونائڻ لڳو. اهو لقاءَ ڏسي چوڌاري ويٺل جانور سمجهي ويا ته آخر مسئلو ڇا آهي. ڀر ۾ بيٺل چيتي ته نڪا ڪئي هم نڪا تم. واڱڻائي گدڙ کي به ٽي چنبا هڻي يڪدم چيري ڦاڙي رکيو.

    انهيءَ ڪري سياڻا چوندا آهن ته اهي بيوقوف جيڪي پنهنجن جو ساٿ ڇڏي دشمنن سان وڃي ٿا ملن، انهن جي اجها اها پڇاڙي ٿي ٿئي. (ڪتاب: ”ڏاهي جهرڪي، ٻارن لاءِ ڪهاڻيون“ تان ورتل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو