1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

بادشاهي غار

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    389
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]
    تنوير حفيظ جوڻو

    هڪڙي جهنگ ۾ هڪڙو شينهن رهندو هو، جنهن کي جهنگ جا سڀ جانور پنهنجو بادشاهه ڪري مڃيندا هئا. اُتي هڪڙو گدڙ به پنهنجي زال ۽ ٻچن سميت هڪڙيءَ ننڍڙيءَ ڏَرِ ۾ رهندو هو. گدڙ جي زال هميشه پنهنجي مڙس کي چوندي هئي: آئون هن سوڙهيءَ ڏر ۾ ڪانه رهنديس. مون کي ڪنهن به ريت رهڻ لاءِ شينهن جي بادشاهي غار وٺي ڏي، جتي آئون ۽ منهنجا ٻچا خلاصا رهي سگهون. جي اها ڳالهه منظور ڪرين ته پوءِ مان تو وٽ رهان، نه ته هلي وينديس. گدڙ ويچارو گهر ۾ جهيڙو ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ زال کي چيائين: شينهن پنهنجو توڙي ٻين سڀني جانورن جو بادشاهه آهي، اسين غريب ڪيئن ان جو گهر هٿ ڪري سگهنداسون؟ پاڻ کي ۽ مون کي آزار ۾ وجهڻ جا رستا نه ڳولهه. ماٺ ڪري ويهه متان شينهن ٻڌي نه وٺي ۽ پوءِ اسان کي ان گستاخيءَ جي سزا ڏئي! پر گدڙ جي زال پنهنجي هٺ کان هيٺ لهي ئي نه! گدڙ جي زال چيو: بس رهنديس ته شينهن واري گهر ۾ نه ته مان هلان ٿي مائٽن ۾. گدڙ ويچارو به عاشق مجبور جيان پنهنجي زال کي ريجهائيندي چيو: انهيءَ ڳالهه جو ڪو بلو ڪريون ٿا، حال تون به ترس!

    هڪڙي ڏينهن اهو شينهن ڪنهن ڪم سبب ٽن چئن ڏينهن لاءِ ٻاهر ويو ۽ پويان گدڙ جي زال پنهنجن ٻچن ۽ مڙس کي زوريءَ وٺي شينهن جي بادشاهي غار ۾ اچي ويهي رهي. گدڙ ويچارو ته ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو ته هاڻي اسان جو الائي ڪهڙو حال ٿيندو! آخر شينهن جي اچڻ جو وقت ٿيو، تڏهن زال کي چيائين: شينهن اچڻ وارو آهي هاڻي اجهو ٿا مرون. توکي ته پنهنجي سر وڃڻ جي پرواهه ڪانهي، پر ناحق منهنجي ۽ منهنجن ٻچن جي به حياتي ٿي وڃائين! زال جواب ڏنس: ڊڄ نه! تون رڳو همت ڪر جيئن آئون توکي چوان تيئن ڪر. جي ائين ڪندين ته شينهن ڀڄي ويندو. ايتري ۾ شينهن به گجگوڙ ڪندو اچي سهڙيو. اتي گدڙ، زال کي چيو: جلدي ٻڌاءِ ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟ گدڙ جي زال گدڙ کي وراڻيو: ٻڌ، جڏهن شينهن ويجهو ايندو ته آئون ٻچن کي چهنڊڙيون هڻي روئاڙيندس، پوءِ تون هڪل ڪري وڏي آواز سان مون کان پڇجاءِ ته ”چئنچل راڻي“ ٻچڙا ڇو ٿا روئين؟ ته پوءِ آئون پاڻهي توکي جواب ڏيندس. جي شينهن بادشاهه اهو جواب ٻڌندي ئي ڀڄي جند نه ڇڏائي ته پوءِ منهنجيءَ ڳالهه ۾ گهٽ آهي. گدڙ کي انهيءَ تي ڀروسو ته ڪونه ٿي آيو پر لاچار ٿي اها ڳالهه مڃي غار جي در وٽ لڪي ويهي رهيو.

    شينهن جڏهن پنهنجي بادشاهي غار جي ويجهو آيو ته گدڙ جي زال به ٻچن کي وٺي چهنڊڙيون هنيون، جنهنڪري گدڙ جا ٻچا رڙيون ڪرڻ لڳا ۽ اُنهن سان گڏ گدڙ جي زال به وٺي دانهون ڪيون پوءِ ته سڄو ٻيلو مٿي تي کڻي ڏنائون. اتي گدڙ وڏي آواز سان پڇيو: چئنچل راڻي! اڄ منهنجا ٻچا ڇو ٿا روئن؟ گدڙ جي زال جواب ڏنس: منهنجا بهادر بادشاهه! تنهنجا ٻچا هينئر شينهن جو تازو گوشت کائڻ گهرن ٿا، پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏيو ته جلد شينهن کي ماري، ٽُڪر ٽُڪر ڪري کڻي اچن. شينهن جو ان وقت دروازي تي اچي پهتو هو، تنهن جو اهي لفظ ٻڌا، سو موت جي ڊپ کان کڻي پيرن تي زور رکيو. واٽ تي کيس هڪڙو باندر مليو، جنهن ادب سان سلام ڪري، کانئس پڇيو: بادشاهه سلامت! خير ته آهي جو هن طرح تڪڙو ڀڄندو پيو وڃين؟ شينهن چيس: ڪهڙي خبر ٻڌايانءِ! خير ڪونهي، منهنجي بادشاهي غارَ ۾ مون کان به وڌيڪ طاقتور آفت اچي ويٺي آهي، آئون ان کان ڊڄي وٺي ڀڳو آهيان. جيڪڏهن ڪا اٽڪل ڪري ڪو بچاءُ ڳولي ڪڍين ته وڏي مهرباني. باندر چيس: سائين! منهنجي جان ۽ ٻار ٻچا به اوهان تان قربان آهن، پر ٻڌايو ته ڳالهه ڪهڙي آهي؟ شينهن چيس ته: آءٌ ڪجهه ڏينهن ٻاهر ويو هئس ته پٺيان منهنجيءَ بادشاهي غار تي ”چئنچل راڻي“ ۽ ”بهادر بادشاهه“ قبضو ڪري ويٺا آهن ۽ انهن جا ٻچا وري منهنجو گوشت پيا گهرن، تنهنڪري وٺي ڀڳو آهيان. باندر چيس: بادشاهه سلامت! توهان خيال نه ڪريو. مون سان هلو ته مان ڪَن کان جهلي ٻاهر ٿو ڪڍانِ. شينهن اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ رسي ۾ پنهنجو ڪنڌ ۽ باندر جو پڇ ٻڌي، ٻئي سلهاڙجي اٿي هليا. گدڙ انهن کي پري کان ايندو ڏسي زال کي ٻڌايو تنهن ٻچن کي اڳئين وانگر روئاڙيو. گدڙ وري به زال کان ٻچن جي روئڻ جو سبب پڇيو. ان تي گدڙ جي زال کيس جواب ڏنو: توهان پنهنجي نوڪر ”باندر“ کي حڪم ڏنو هو ته چار شينهن وٺي اچي، پر هو ته فقط هڪ شينهن وٺيو پيو اچي. ٻچڙا چون ٿا ته اسين چار آهيون، اسان سڀني کي جدا جدا شينهن کپن! شينهن اهي لفظ ٻڌي سمجهي ويو ته هي باندر هنن جو نوڪر آهي ۽ مون کي ٺڳيءَ سان هتي مارائڻ لاءِ وٺي آيو آهي. سو ڪاوڙ مان وٺي جو چنبو هنيائينس ته باندر اتي ئي مري پيو ۽ پوءِ پاڻ وٺي ڀڳو ۽ وري ڪڏهن به انهيءَ پاسي نه ويو. اهڙيءَ ريت، گدڙ ۽ سندس زال انهيءَ بادشاهي غار ۾ آرام سان گذارڻ لڳا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو