1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

ارڙ نانگ جي زهر جي ٿيلهي

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    389
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]
    پراڻي زماني ۾ قسمين قسمين جانور هوندا هئا، اهي اڄڪلهه نٿا ڏسجن. ان زماني ۾ واسينگ نانگ ۾ زهر نه هوندو هو. پر ارڙ نانگ ڏاڍو زهريلو هو. انسان توڙي حيوان سڀ ان کان ڏڪندا هئا. هڪ ڏينهن سڀني جانورن جلسو ڪيو، جنهن ۾ ويچاريو ويو ته اهڙي تدبير ڪجي، جو ارڙ کان جان ڇڏائجي. جانورن اڃا اهو پئي سوچيو ته واسينگ نانگ اتي اچي پهتو. نانگ سڀني کي ڏسي پڇا ڪئي ته ميڙ ڇو ٿيو آهي؟ هڪ جانور چيس ”اسين اهو پيا سوچون ته اهڙي ڪجي جو ارڙ نانگ مان جند ڇُٽي. ڇو ته هن جي زهر سڀني جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي. ڪنگرو چيو ته ”جيڪڏهن اسين هن سان وڙهنداسون ته هو اسان کي ڏنگي وجهندو“ اهو ٻڌي واسينگ چيو ته ”چڱو آءٌ اوهان کي ارڙ نانگ کان نجات ڏياريندس، ۽ اهڙي حرفت هلائيندس جو سڀاڻي شام ارڙ جي زهر جي ٿيلهي منهنجي قبضي ۾ هوندي. اهو ٻڌي جانورن چيو ته ”جيڪو ارڙ نانگ سان وڙهندو، ان کي هو ماري ڇڏيندو.“ واسينگ جواب ڏنو ته ”آءٌ هن سان وڙهندس ڪونه، پر سندس زهر جي ٿيلهي کڻي ايندس.“ واسينگ نانگ اتان روانو ٿيو ۽ سڌو ارڙ جي گهر وٽ پهچي سمهي پيو، صبح جو هن ڏٺو ته ارڙ ٽن ماڻهن کي ڳڙڪائي سمهي پيو آهي. ان وقت واسينگ ويچاريو ته ارڙ کي مارڻ جو اهڙو وجهه وري نه ملندو. وري کيس خيال آيو ته ارڙ کي مارڻ کان سٺو آهي ته سندس زهر جي ٿيلهيءَ تي قبضو ڪجي. ٿوريءَ دير بعد ارڙ نانگ جي اک کلي ته هن واسينگ نانگ کي ويٺل ڏٺو ۽ هن کي ڏنگڻ لاءِ لُوهَه ڏنائين. پر واسينگ نانگ رڙ ڪري چيس ”تڪڙ نه ڪر، مون کي نه مار. مون تو لاءِ هڪ اهم خبر آندي آهي ۽ اُها هيءُ آهي ته توکي مارڻ لاءِ جانورن منصوبو سٽيو ويو آهي.“ ارڙ نانگ جواب ڏنو ته ”آءٌ انهن کان نه ٿو ڊڄان. انسان هجي يا حيوان، ٻئي مون کان ڏڪندا آهن.“ واسينگ چيس ته ”جانورن پاڻ ۾ هڪ سٽَ سٽي آهي.“ ارڙ نانگ اهو ٻڌي چيو ته ”چڱو، ٻڌاءِ ته اُها ڪهڙي سِٽا آهي؟“ واسينگ چيو ته ”مون ته توکي ڪجهه ناهي ڪيو، پوءِ به تون مون تي ڏسڻ شرط حملو ڪيو. ان ڪري اهڙيءَ حالت ۾ آءٌ تنهنجي جان ڪيئن بچايان؟“ اَرڙ اهو ٻڌي چيس ته ”جيڪڏهن تون مون کي جانورن جو منصوبو ٻڌائيندين ته آءٌ توکي ڇڏي ڏيندس.“ واسينگ چيس ته ”آءٌ ان شرط تي ٻڌائيندس ته پهرين تون مون کي پنهنجي زهر جي ٿيلهي ڏي.“ ارڙ وراڻيو ته ”اهو ڪيئن ٿيندو؟ ڪا ٻي شيءِ گهر.“ واسينگ جواب ڏنو”جيڪڏهن توکي اهو شرط منظور ڪونهي ته پوءِ موڪلاڻي ڪانهي. سدائين گڏ.“ اهو چئي هو وڃڻ لڳو، ته اَرڙ چيس ته ”ترس“ اهو چئي هن پنهنجي وات مان زهر جي ٿيلهي ڪڍي ٻاهر رکي ۽ واسينگ کي چيائين”هن کي هٿ نه لاءِ نه ته مري ويندين. واسينگ چيو ته ”اِها ٿيلهي منهنجي هٿ تي رک، نه ته آءٌ ڪجهه نه ٻڌائيندس.“ اَرڙ اچي بيزار ٿيو، لاچار زهر جي ٿيلهي واسينگ جي هٿ تي رکي چيائين ”هاڻي پيرائتي ڳالهه ٻڌاءِ؟“ واسينگ زهر جي ٿيلهي هڪدم کڻي پنهنجي وات ۾ وڌي ۽ چيائين ته ”هيءَ هئي اُها سٽا، مون جانورن جي گڏجاڻيءَ ۾ چيو هو ته توکان زهر جي ٿيلهي ڦري ايندس. چڱو هاڻي مهرباني مون کي موڪل ڏي، ٻيڙا ئي پار. واسينگ ائين چئي تيزيءَ سان ٻاهر ڀڳو. اَرڙ به هن جي پويان لڳو پر هن جو پيٽ ايترو ته ڀريل هو جو واسينگ کي پڪڙي نه سگهيو. واسينگ سهڪندو اچي ٻين جانورن سان مليو، کين سمورو حال ٻڌايائين. جانورن سندس ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ چيائون ته ”زهر ڏي ته هاري ڇڏيون“ پر واسينگ زهر ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اهو ڏسي جانورن کيس چيو ته ”جيڪڏهن تون اسان جو چيو نٿو مڃين ته هليو وڃ“ واسينگ وراڻيو ”آءٌ هت ئي رهندس“ جانورن چيو ته ”پوءِ اسين توکي ماري ڇڏينداسون“ واسينگ چين ته ”شايد اوهان کان ڳالهه وسري وئي آهي ته ارڙ جي زهر جي ٿيلهي منهنجي وات ۾ آهي. جيڪڏهن اوهان مان ڪو به مون سان وڙهيو ته آءٌ کيس ڏنگي وٺندس.“ چون ٿا ته ان ڏينهن کان وٺي واسينگ نانگ جو ڏنگيل ڪڏهن به نه ٿو بچي ۽ سڄي مخلوق هن کان ڊڄي ٿي پر اَرڙ کي اڃا اُميد آهي ته هڪ ڏينهن واسينگ کان پنهنجي زهر جي ٿيلهي ضرور وٺندو. جڏهن به هن جي نظر واسينگ تي پوندي آهي ته ٻيئي پاڻ ۾ ڳنڍجي پوندا آهن. پر واسينگ جي ڏنگ جو اثر اَرڙ تي نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ جڙي ٻوٽي کائيندو آهي، جنهن ڪري زهر جو اثر هڪدم ختم ٿي ويندو آهي. انهيءَ زهر جي علاج جي خبر رڳو ارڙ نانگ کي آهي ۽ هن اهو راز ڪنهن کي به ناهي ٻڌايو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو