1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

هنر کان وڏي ڪا دولت ناهي

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    389
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]
    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ٻيٽ تي هڪ امير شخص رهندو هو، جنهن کي شڪار جو تمام گهڻو شوق هو، پر شڪار تي ويندي هڪ هنڌ ڪنهن غريب ٽوڪريون ٺاهيندڙ جي زمين تي پوندي هئي، جنهن تي فصل پوکيل هو، انهيءَ فصل جي ڪري امير شخص کي اتان گذرڻ ۾ تڪيلف ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن امير شخص غريب کي گهرائي چيو ته تون اها زمين مون کي ڏي، تنهن تي غريب شخص وراڻي ڏني ته سائين! منهنجو ته گذارو ئي انهيءَ زمين تي ٿيندو آهي، مان ان کي وڪڻڻ نه ٿو چاهيان. ان تي امير شخص کي ڪاوڙ لڳي، جنهن تي ان غريب شخص کي مار ڏيارائين، پوءِ زمين تي پوکيل سموري فصل کي باهه لڳرائي، جنهن تي غريب شخص روئيندو بادشاهه وٽ ويو.

    بادشاهه امير شخص کي گهرائي حال پڇيو ته امير جواب ڏنو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مون هن غريب شخص کي ان لاءِ ماريو ۽ فصل ساڙيو ڇو ته هن منهنجي حڪم کي نه مڃيو هو. بادشاهه امير شخص کي چيو ته تو دولت جي ڪوڙي غرور ۾ هڪ بي ڏوهي غريب کي ناحق تڪليف پهچائي آهي، ۽ وڏو نقصان ڏنو آهي. جڏهن ته تنهنجو پڙ ڏاڏو ان کان به وڌيڪ غريب هو جيڪو اسان جي گهراڻي بدولت ايتري دولت ڪمائي سگهيو. جنهن جي ڪمايل دولت سبب هن وقت تون ايڏو مغرور ٿي رهيو آهين. بادشاهه چيو ته منهنجي ويجهو غريب تو کان ان لاءِ بهتر آهي ته هو محنت ڪري ڪمائي ٿو.

    بادشاهه حڪم ڏنو ته امير ۽ غريب شخص کي هڪ ويران ٻيٽ تي ڇڏيو وڃي، انهيءَ حڪم کي مڃيندي ٻنهي کي هڪ هفتي لاءِ هڪ اهڙي ٻيٽ تي ڇڏيو ويو، جتي جهنگلي ماڻهو رهندا هئا. جهنگلي کين ڏسي پهريان ته مارڻ چاهيو، پر غريب شخص کين اشارن ذريعي عرض ڪندي چيو ته مان توهان جي سڄي عمر خدمت ڪندس، ان سان گڏ ٽوپي ٺاهي جهنگلي جي مٿي تي پارائي. جهنگلي ان تاج سان ايترو خوش ٿيا جو ان وٽ ٽوپيون ٺهرائڻ لاءِ پيهه لڳي پئي هوندي هئي، پر امير شخص کي ٽوپيون ٺاهڻ نه پيون اچن جنهن سبب انهن جهنگلي ماڻهن کيس ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيو.

    آخر امير تنگ ٿي ٽوپيون ٺاهيندڙ کي چيو ته جيڪڏهن تون منهنجي جان هنن وحشين کان بچائين ته مان گهر پهچندي ئي اڌ جائيداد تنهنجي نالي ڪري ڇڏيندس. اهو ٻڌي غريب شخص جهنگلين کي اشاري سان سمجهايو ته هي منهنجو مددگار آهي، هن کي ڪجهه نه چئو، جنهن تي جهنگلين امير کي پوءِ ڪجهه به نه چيو، پر ٽوڪرين واري سان گڏ ان کي به کاڌو ڏيڻ لڳا. جيئن تيئن ڪري هڪ هفتو ختم ٿيو ته هڪ سرڪاري ٻيڙي آئي ۽ کين کڻي بادشاهه جي آڏو پيش ڪيو، پر پوءِ ته امير جي حالت صفا ڏسڻ جهڙي هئي.

    بادشاهه اها سڄي ڪهاڻي ٻڌي امير کي چيو ته ڏٺئي، دولت جو محل ڪيترو ڪمزور ۽ ان تي غرور ڪندڙ ڪيترو احمق ۽ نالائق آهي، اصلي دولتمند اهو آهي جيڪو هنر ڄاڻي ٿو ۽ محنت ڪري سگهي ٿو. هاڻي وڃ ۽ پنهنجو واعدو پورو ڪر، ۽ پنهنجي اڌ جائيداد هن غريب جي نالي تي ڪر.

    امير گهر پهچي چوڻ موجب اڌ جائيداد غريب جي حوالي ڪئي ۽ ان طرح غريب کي پنهنجي صبر جو ڦل مليو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو