جڏهن توهان جو قيمتي ڊيٽا غلطي سان ڊيليٽ ٿي وڃي يا فارميٽ ٿي وڃي ته يقينن توهان کي وڏي ڪوفت ٿيندي هوندي۔۔۔ اهڙي ڊيٽا کي ٻيهر واپس آڻڻ لاءِ هوئن ته ڪافي سافٽويئر آهن پر اڪثر سافٽويئر بيٽا ورجن ۽ رجسٽرڊ نه هجڻ ڪري ڊيٽا کي صحيح طريقي سان ريڪور ڪري نه سگهندا آهن۔۔۔ ۽ انهن جي ذريعي ريڪور ٿيل فائيلز اڪثر ڪرپٽ ٿي ويندا آهن۔۔۔ اڄ مان توهان لاءِ کڻي آيو آهيان iCare Data Recovery سافٽويئر جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي قيمتي ڊيٽا جيڪا غلطي سان ڊيليٽ، هارڊ ڊسڪ جي فارميٽنگ، هارڊ ڊسڪ ۾ بيڊ سيڪٽر اچڻ ڪري ضايع ٿيل، هارڊ ڊسڪ جي نون پارٽيشن ٺاهڻ سان ضايع ٿيل، اچانڪ بجلي جي وڃڻ ڪري ضايع ٿيل ڊيٽا، مختلف سافٽويئرس جهڙوڪ پارٽيشن ميجڪ يا گهوسٽ جي ذريعي فارميٽ ڪرڻ سان ضايع ٿيل ڊيٽا يا وائرس جي ڪري ضايع ٿيل ڊيٽا کي آساني سان واپس آڻي سگهو ٿا۔۔۔ هن سافٽويئر جي ذريعي توهان ورڊ، ايڪسل، پاور پوائينٽ، ايم پي ٿري، ڊجيٽل اميجز ۽ ٻين کوڙ سارن فارميٽس ۾ موجود ڊيٽا کي ريڪور ڪرڻ کان سواءِ ايڪسٽرنل هارڊ ڊسڪ، ميموري ڪارڊ، يوايس بي ڊرائيو، فليش ڊرائيو، پين ڊرائيو ۽ فليش ڪارڊ وغيره مان پڻ ضايع ٿيل ڊيٽا کي ريڪور ڪري سگهو ٿا۔۔ آسان ۽ دوستاڻي ماحول جهڙو انٽرفيس رکندڙ هي ايپليڪيشن هوئن ته 70 ڊالرس جي آهي پر اها سنڌ سلامت جي ساٿين جي خوشنصيبي آهي جو ايندڙ ٻن ڏينهن تائين يعني 25 مئي تائين هي سافٽويئر مفت ۾ موجود آهي ۔۔۔ هتي ڪلڪ ڪري هئينر ئي سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۔۔۔ ۽ انسٽاليشن کان پوءِ رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ هيٺيون ڪوڊ استعمال ڪريو۔۔۔۔ ڪوڊ: 2K1XB2X964MPHOCJ8M1RYIJF0OVHFOFH ياد رهي ته ڪوڊ کي درست طريقي سان ڪاپي ڪجو ٻي صورت ۾ ٿي سگهي ڪوڊ ڪم نه ڪري۔۔۔
جواب: ڊيٽا ريڪوري جو بهترين سافٽويئر ٻن ڏينهن لاءِ بلڪل مفت۔۔۔ واه سائين واه ڏس ته واه جو ڏنو اٿئو پر اڄ تاريخ واري .................. گذري چڪي آهي سدائين گڏ
جواب: ڊيٽا ريڪوري جو بهترين سافٽويئر ٻن ڏينهن لاءِ بلڪل مفت۔۔۔ يقينن دوستن ان سافٽ مان سٺو لاڀ حاصل ڪيو هوندو