ڊيٽا ريڪوري جو بهترين سافٽويئر ٻن ڏينهن لاءِ بلڪل مفت۔۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جڏهن توهان جو قيمتي ڊيٽا غلطي سان ڊيليٽ ٿي وڃي يا فارميٽ ٿي وڃي ته يقينن توهان کي وڏي ڪوفت ٿيندي هوندي۔۔۔ اهڙي ڊيٽا کي ٻيهر واپس آڻڻ لاءِ هوئن ته ڪافي سافٽويئر آهن پر اڪثر سافٽويئر بيٽا ورجن ۽ رجسٽرڊ نه هجڻ ڪري ڊيٽا کي صحيح طريقي سان ريڪور ڪري نه سگهندا آهن۔۔۔ ۽ انهن جي ذريعي ريڪور ٿيل فائيلز اڪثر ڪرپٽ ٿي ويندا آهن۔۔۔
    اڄ مان توهان لاءِ کڻي آيو آهيان iCare Data Recovery سافٽويئر جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي قيمتي ڊيٽا جيڪا غلطي سان ڊيليٽ، هارڊ ڊسڪ جي فارميٽنگ، هارڊ ڊسڪ ۾ بيڊ سيڪٽر اچڻ ڪري ضايع ٿيل، هارڊ ڊسڪ جي نون پارٽيشن ٺاهڻ سان ضايع ٿيل، اچانڪ بجلي جي وڃڻ ڪري ضايع ٿيل ڊيٽا، مختلف سافٽويئرس جهڙوڪ پارٽيشن ميجڪ يا گهوسٽ جي ذريعي فارميٽ ڪرڻ سان ضايع ٿيل ڊيٽا يا وائرس جي ڪري ضايع ٿيل ڊيٽا کي آساني سان واپس آڻي سگهو ٿا۔۔۔
    هن سافٽويئر جي ذريعي توهان ورڊ، ايڪسل، پاور پوائينٽ، ايم پي ٿري، ڊجيٽل اميجز ۽ ٻين کوڙ سارن فارميٽس ۾ موجود ڊيٽا کي ريڪور ڪرڻ کان سواءِ ايڪسٽرنل هارڊ ڊسڪ، ميموري ڪارڊ، يوايس بي ڊرائيو، فليش ڊرائيو، پين ڊرائيو ۽ فليش ڪارڊ وغيره مان پڻ ضايع ٿيل ڊيٽا کي ريڪور ڪري سگهو ٿا۔۔

    [​IMG]

    آسان ۽ دوستاڻي ماحول جهڙو انٽرفيس رکندڙ هي ايپليڪيشن هوئن ته 70 ڊالرس جي آهي پر اها سنڌ سلامت جي ساٿين جي خوشنصيبي آهي جو ايندڙ ٻن ڏينهن تائين يعني 25 مئي تائين هي سافٽويئر مفت ۾ موجود آهي ۔۔۔

    هتي ڪلڪ ڪري هئينر ئي سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۔۔۔ ۽ انسٽاليشن کان پوءِ رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ هيٺيون ڪوڊ استعمال ڪريو۔۔۔۔

    ڪوڊ:
    2K1XB2X964MPHOCJ8M1RYIJF0OVHFOFH
    ياد رهي ته ڪوڊ کي درست طريقي سان ڪاپي ڪجو ٻي صورت ۾ ٿي سگهي ڪوڊ ڪم نه ڪري۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڊيٽا ريڪوري جو بهترين سافٽويئر ٻن ڏينهن لاءِ بلڪل مفت۔۔۔

    واه سائين واه ڏس ته واه جو ڏنو اٿئو پر اڄ تاريخ واري ..................

    گذري چڪي آهي

    سدائين گڏ
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڊيٽا ريڪوري جو بهترين سافٽويئر ٻن ڏينهن لاءِ بلڪل مفت۔۔۔

    يقينن دوستن ان سافٽ مان سٺو لاڀ حاصل ڪيو هوندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو