• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اصلاحي ڏوهيڙا _ غلام النبي مهيسر

سعيد سنڌي

سينيئر رڪن
جي ڀائين ڀاڳنوند ٿيان ته نوڙُ ڪلهي تي کڻ
ٻچن کي به ٻن ڏئي ٻني سڀ وڪِڻُ
هر ڪو پيرين پئي ملئي هر ننڍي وڏي کي وڻ
ايئن اڇلا ٻانهن کي مور ٽلي ٿو ڄڻ
اهڙو ڌاڙو هڻ جو پڻهي به پورو نه پوي
 
جي ڀائين ڀاڳنوند ٿيان ته چور ٻه چار رها
سورهيه پُٽ سڏبين به پو پر سر پنهنجو به سها
خلقون ماري خون جا واهڙ خوب وها
ڪجھ هتي ڪر توبه ڪجھ قيامت ڪاڻ ٺها
مهيسر مسڪين چوي ڀلي خرچي خوب ڪما
اهڙو نا ڪڍا جو قيامت تائين قيدي هجين
 
جي ڀائين ڀاڳنوند ٿيان ته ڇڪ هر هر هيروئنِ
ٽنگون ٽٽيهر جهڙيون ڀلا ڇاهي ٿين ته ڀلي ٿينِ
ابو امڙ ايلاز ڪن ته به تون نه توجھ ڏينِ
پنهنجي ٻيڙي مان پاڻ ٻوڙيندس چڙي روز چوينِ
مهيسر مسڪين چوي خود موالي به مڃينِ
چڙهي چيلھ ڀڃينِ ته نشي ۾ تنهنجو نا ٿئي
 
جي ڀائين ڀاڳنوند ٿيان ته واعظ سک سرڪارِ
دنيا ۾ دلبر هجئي جي دولت جي درڪارِ
ته ڀاڙي خاطر ڀا کان ڪڍ ڳاڙها نوٽ ٻه چارِ
بيهي ان کي بعد ۾ چئو ڪاهي اچجان ڪارِ
مهيسر مسڪين چوي تون ايئن ماڻهون مارِ
اهڙي اک ڏيکار جو دعوتي دل کڻي وڃي
 
جي ڀائين ڀاڳنوند ٿيان ته پڙھ مزي سان مولود
ٻين ته ٻڌڻ کان بس ڪئي پر من آڻائن آخوند
ڳوٺ سخي آ ته ڳائجان ويهي ساڻ وجود
پر جي پئسو ئي نه پوئي ته پو کنگهجان ويٺو خوب
مهيسر مسڪين چوي ٿا دل ۾ دکن دود
پڙهي صلوات درود، ٿا پيارل موٽن پوئتي
 
جي ڀائين ڀاڳنوند ٿيان ته هڻ رشوت جا روڙا
چور ڇڏي دٻ ڪاٺ ۾ ڀلي ڀاڳين جا پوڙها
ٿڙهي ڦٿڙي ٿاڻي تي سڀ سڏي ڪر سوڙها
کڻ بندي باقاعدي هڻ ٽِڪي جا کوڙا
ڪن گهوڙا ڙي گهوڙا ته به ڀاڳين کي ڀڄڻ ئي نه ڏي
 
Back
Top